اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽي ڀيرا ملتوي ڪرڻ کانپوءِ نيٺ ڪالهه ٻڌائي ڇڏيو، جنهن موجب عمران خان کي 14 سال قيد ۽ سندس گهرواري کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پر اهم ڳالهه اسان جي ملڪ جي احتساب ۽ عدالتن جي ساک جو رهيو آهي، ان حوالي سان اهو سوال آهي ته ڇا احتساب عدالت جي ان فيصلي کي پي ٽي آءِ، عوام ۽ غيرجانبدار تجزئي نگار توڙي ميڊيا قبول ڪندي يا نه، اهو سوال يقينن اسان جي ملڪ جي عدالتن جي نظريهء ضرورت تحت ڏنل فيصلن جي ۽ احتسابي ادارن جي انتقامي ڪاررواين واري تاريخ جي روشني ۾ اٿاريو وڃي ٿو. 190 ملين پائونڊ واري ريفرنس جو به فيصلو جيئن ته احتساب عدالت ٻڌايو آهي تنهن ڪري ان مان انتقامي بوءِ اچڻ واري خدشي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته هتي اهو دستور رهيو آهي ته هر حڪومت پنهنجن مخالفن، سياسي اقتداري جماعتن جي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي انهن کي جيلن ۾ بند رکي انتقامي ڪاروارين جو نشانو بڻائيندي رهي آهي.
عام تاثر به اهو رهيو آهي ته اهي سڀ انتقامي ڪارروايون آهن ۽ سياسي جماعتن جو هڪٻئي کي برداشت نه ڪرڻ جو غيرجمهوري عمل آهي، جنهن جو نقصان ملڪ ۽ جمهوريت ۽ ملڪي معيشت کي ٿي رهيو آهي، اسان جو وري اهو خيال آهي ته ان ۾ رڳو سياسي جماعتن جو ڏوهه ناهي پر رياستي ۽ حڪومتي نظام ئي اهڙو آهي جنهن ۾ ڄاڻي واڻي انهن غيرجمهوري روايتن کي هٿي ڏئي ملڪ اندر جمهوريت کي بدنام ڪيو وڃي ٿو،
اسان جو خيال آهي ته مضبوط رياستي ۽ حڪومتي نظام لاءِ اهو ٿيڻ گهرجي ته پهريون ته اليڪشن جو سرشتو هر قيمت تي صاف ۽ شفاف هجي جنهن ۾ ڌانڌلي جو تصور ئي نه هجي، جيئن ڪنهن جماعت وٽ چونڊنتيجن کي تسليم نه ڪرڻ جو ڪو جواز نه هجي ۽ هر جماعت چوندن کانپوءِ انهن جي نتيجن کي قبول ڪري، ٻيو ته سياسي ماملن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالتن جي سڌي مداخلت نه هئڻ گهرجي، عدالتن کي ميرٽ تي فيصلا ڪرڻ ڏنا وڃن يعني عدالتي نظام آزاد هجي ۽ خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ کي سياست نه ڪرڻ گهرجي.
پر هتي اهي مٿي ڄاڻايل سڀ برايون آهن، جنهن ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام قائم نه ٿي سگهيو آهي، حقيقي جمهوري نظام تڏهن قائم ٿيندو جڏهن اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي چونڊن ۽ حڪومتي معاملن توڙي سياست کان پري رکندي، عدليه آزاد هوندي ۽ چونڊون اهڙيون صاف شاف ٿين جو ڪنهن به جماعت کي چونڊ نتيجا نه قبول ڪرڻ جو جواز نه هجي، ٻيو ته پارلياماني سياسي ۽ اقتداري جماعتن مٿان به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڻ ۾ ميثاق جمهوريت ڪن ۽ ان معاهدي تحت طئي ڪن جيئن بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جنرل مشرف جي دور ۾ ميثاق جمهوريت ڪيو هو ته اهي چونڊ نتيجا قبول ڪنديون ۽ هڪٻئي جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ سان سودي بازي نه ڪنديون پر ان ميثاق جمهوريت تي مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو، سياسي جماعتون اقتدار لاءِپس پرده اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ رهنديون آهن،
پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ته وري به 90 جي ڏهاڪي جي تلخ تجربن جي روشني ۾ پاڻ سان ڳالهائين ٿيون ۽ ٻه حڪومتون اتحادي طور ڪرڻ جو تجربو به ڪيو اٿن پر پي ٽي آءِ ۽ عمران خان اڃا اها ڳالهه نٿا سمجهن، پي ٽي آءِ هاڻي به سياسي جماعتن سان گڏ ويهڻ ۽ ڊائلاگ ڪرڻ تي يقين نه ٿي رکي، اهي سڌوسنئون اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ جون قائل آهن، پر جيئن ته پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمينٽ سان خاص ڪري 9 مئي کانپوءِ تعلقات مڪمل طور تي خراب آهن ته هاڻي ان کي حڪومت سان ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي آهي ته پر 190 پائونڊ واري ڪيس ۾ مليل سزا کانپوءِ ممڪن آهي ته اهي ڳالهيون به رکجي وڃن.
بهرحال دنيا ان مٿي ڄاڻايل پس منظر ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کي ڏسي ٿي ۽ ان کي انتقامي ڪارروائي سمجهي ٿي، احتساب عدالت واري فيصلي کي يقينن چينلج ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان پي ٽي آءِ جي ڪا ڊيل ٿي وڃي ٿي ته احتساب عدالت جو اهو فيصلو به عدالتن طرفان رد به ڪرائي سگهجي ٿو، مطلب ته احتساب عدالت جو فيصلو ڪو پٿر تي ليڪو ناهي اهو ڊيل کانپوءِ تبديل به ٿي سگهي ٿو.
مبصر ان تي به حيران هئا ته احتساب عدالت 3 ڀيرا پنهنجو فيصلو ڇو ملتوي ڪيو، چوڻ وارا چون ٿا ته عمران خان کي ڊسيپلن ۾ رهڻ لاءِ لٺ به ڏيکارين پيا ته ڳالهين ذريعي چٺ به ڏيکارين پيا، جيڪڏهن احتساب عدالت جو فيصلو عمران خان جي حق ۾ اچي ها ته چيو وڃي ها ته ڊيل جو نتيجو آهي ۽ هاڻ ممڪن آهي ته چيو وڃي ته ڊيل نه ٿي سگهڻ جو نتيجو اهو فيصلو آهي، يعني انتقامي ڪارروائي آهي، اسان جو خيال آهي ته هاڻ صاف شفاف نظام قائم ڪرڻ جو سوچيو وڃي جيئن ڪنهن به عام ۽ خاص ماڻهوءَ کي عدالتن جي فيصلن تي ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ ۽ سوال نه رهي.