پي ٽي آءِ فرد واحد جي رليف لاءِ رياست خلاف جنگ وڙھي پئي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ اڄوڪو ڏينھن پاڪستان جي تاريخ جو اھم ترين ڏينھن آھي، اڄ جي ڏينھن ھڪ ٻيو سچ عوام جي سامھون آيو آھي، ھڪ شخص ورھين کان سچائي ۽ ايمانداري جو ويس اوڍي عوام جي اکين ۾ مٽي وجھي رھيو ھو، سندس چھري تان سچائي ۽ ايمانداري جو نقاب آھستي آھستي لھندو پيو وڃي، عمران خان پنھنجن سمورن مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل ڪوٺي بيانيو جوڙيندو رھيو، اھا  ڳالھه ھاڻي عوام جي سامھون اچي وئي آھي تھ ھي شخص ڪوڙو ۽ دوکيباز آھي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل  ميمڻ چيو تھ 126 ڏينھن جو ڌرڻو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ ھو، ھن شخص کي پاڪستان سان عوام سان ڪوبھ لڳاءُ ڪونھي، پي ٽي آءِ اڄ بھ فرد واحد جي رليف لاءِ رياست جي خلاف جنگ وڙھي رھي آھي. ھن چيو تھ عمران خان ۽ سندس زال کي جيڪا سزا ٻڌائي وئي آھي، ھي اھي ئي شيون آھن جن جي چونڊ عمران خان پاڻ ڪئي ھُئي، عمران خان مخالفن کي نيب جي ذريعي گرفتار ڪرايو، نشانو بڻايو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.