جڏهن اٽڪل ٽي سال اڳ افغانستان ۾ طالبان حڪومت واپس آئي ھئي تڏھن پاڪستاني پاليسي جوڙيندڙن کي اميد هئي ته انهن جي واپسي سان اولهھ واري سرحد جي صورتحال ۾ ڪجهه استحڪام ايندو. پاڪستان لاءِ اھا ڳالھھ اهم هئي ڇاڪاڻ ته ان کي پنهنجي اوڀر سرحدن تي هندستان سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا درپيش آهن.پر اهو مفروضو ته طالبان دور پاڪستان جون سرحدون محفوظ هونديون، اسٽريٽجڪ جي حساب سان غلط اندازو ثابت ٿيو. جلد ئي ان جا ثبوت سامهون آيا ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ بعد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو موقعو مليو آھي. انهن سرحد پار حملن کي تيز ڪري ڇڏيو ۽ اهو پاڪستان جي سلامتي لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻجي اڀريو.
ٽي ٽي پي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري، طالبان حڪومت، پاڪستان جي اميدن تي پورو نھ لٿي. جنهن مان اميد هئي ته اها پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪندي.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي مدد ۽ پابندين جي نگران ٽيم جي لڳاتار رپورٽن پاڪستان جي ان موقف کي مضبوط ڪيو آهي ته "افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ کان وٺي ، سمورن انتھاپسند گروپن ۾، سڀني کان وڌيڪ فائدو ٽي ٽي پي کي ٿيو “
جولاءِ 2024 جي ان جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته "ٽي ٽي پي افغانستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ آهي، جنهن ۾ شامل ويڙھاڪن جو تعداد ھڪ اندازي موجب 6 ھزارن کان ساڍا 6 ھزار وچ ۾ آھي“ ۽ اهو ”افغانستان ۾ وڏي پيماني تي سرگرم آهي ۽ پاڪستان ۾ سرحد پار دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري ٿو.“
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ”طالبان، ٽي ٽي پي کي دهشتگرد گروپ نٿا سمجهن، انهن جا ويجها لاڳاپا آهن، ۽ اهي ٽي ٽي پي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪن ٿا.“ ساڳئي رپورٽ موجب، ٽي ٽي پي، کي افغانستان جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽيليجنس کان مدد ملي ٿي، جڏھن تھ اھو ھن گروپ جي نگراني پڻ ڪري ٿو. جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽيليجنس جو مقصد طالبان جي اصل دشمن اسلامڪ اسٽيٽ خراسان ۾ طالبان جي ميمبرن کي شامل ٿيڻ کان روڪڻ آھي.ٻئي طرف ٽي ٽي پي جا القاعده سان به لاڳاپا برقرار آهن.
گذريل سال، پاڪستان ۾ سرحد پار دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي موت ۾ پڻ نمايان اضافو ڏٺو ويو. جنهن سان پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خطرا وڌي ويا. حقيقت ۾ 2024 ۾ هڪ ڏهاڪي ۾ دهشتگرد حملن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.
ٽي ٽي پي جي حوالي سان پاڪستان ۽ طالبان ۾ ساڍن ٽن سالن جي ڳالهيون جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. ڪڏھن طالبان ،ٽي ٽي پي کي "سنڀالڻ ” لاءِ وقت گهريو،تھ وري ڪڏهن پاڪستاني اختيارين تي زور ڏنو تھ شدت پسند گروپ سان ڳالهيون ڪري ۽ تھ وري ڪڏهن سرحد تان انتهاپسندن جي ٺڪاڻن کي هٽائڻ جو يقين ڏياريو ويو ۽ وري ائين ڪرڻ لاءِ، انهن مالي مدد جي به درخواست ڪئي.
جڏهن صبر جو پيمانو لبريز ٿيو، ته پاڪستاني اختيارين ڪابل خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ غير اعلانيل ڪارروائين ۾ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن ۽ انتهاپسندن کي نشانو بڻايو. پاڪستان جي قيادت پاران سخت بيان جاري ڪيا ويا. طالبان عهديدارن کي چيو ويو ته اهي ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊين. پاڪستاني فوج جي ترجمان دھشتگرد گروپن کي ھٿياربند ڪرڻ ۽ انھن کي محفوظ ٺڪاڻا ڏين لاءِ سڌو سنئون افغان عبوري حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو.
گذريل هفتي، وزيراعظم شهباز شريف ڪابل کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ معصوم ماڻھن کي مارڻ کان ٽي ٽي پي کي روڪيو وڃي ۽ ان کي پاڪستان ريڊ لائين قرار ڏنو.ڊسمبر جي آخر ۾ڏکڻ وزيرستان جي ھڪ سرحدي چوڪي تي ٽي ٽي پي جي انتهاپسندن حملو ڪيو، جنهن ۾ 16 سيڪيورٽي اهلڪار شھيد ٿي ويا. ان واقعي پاڪستان کي جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. 24 ڊسمبر تي، پاڪستاني جي جنگي جهازن پڪتيڪا صوبي ۾ ٽي ٽي پي، جي مرڪزن تي هوائي بمباري ڪئي.
طالبان عملدارن سخت احتجاج ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن جي فوج، وزيرستان سميت پاڪستان سان لڳندڙ ڪيترن ئي سرحدي علائقن ۾ جوابي ڪارروائيون پڻ ڪيون آهن، انهن هٿياربند جهڙپن اڳ ۾ ئي ڇڪتاڻ واري لاڳاپن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي.اھو ان وقت ٿيو آھي جڏهن پاڪستان جو خاص نمائندو محمد صادق افغانستان ۾ هو ۽ افغان حڪومت جي نائب وزيراعظم مولوي عبدالڪبير ۽ ٻين طالبان سان ڳالھيون ڪري رھيو ھو. تھ جئين ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي سگھجي. تازن هوائي حملن کي هڪ طرف رکيو وڃي تھ محمد صادق جو دورو پاڪستان پاران هڪ سال کان وڌيڪ سخت پاليسي اختيار ڪرڻ بعد افغانستان سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ڪوشش جي نشاندهي ڪري ٿو.انهن سخت پاليسين ۾ اڻ اعلانيل هوائي حملن کان علاوه (۽ اپريل 2024 ۾ افغانستان ۾ هڪ اسٽرائيڪ جنھن جو اعتراف پاڪستان به ڪيو آھي )، ٽرانزٽ ٽريڊ پابنديون، ۽ پاڪستان مان غير قانوني افغان پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ شامل هئا. انهن آپريشنن کي عام طور تي پاڪستاني فوج پاران مليٽري بيس آپريشن سڏيو ويندو آهي، جن جو مقصد ٽي ٽي پي جي صلاحيتن کي گهٽائڻ آهي.
انهن قدمن جو مقصد اھو طالبان کي ٽي ٽي پي جي معاملي تي پاڪستان سان تعاون نه ڪرڻ جي نقصانن جو احساس ڏيارڻ هو. بھرحال انهن قدمن جا بھ محدود نتيجا نڪتا. هڪ سال تائين سخت موقف اختيار ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستاني عملدارن فيصلو ڪيو ته ڪابل سان سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ ڇڪتاڻ کان روڪڻ جي لاءِ سفاري دروازو کولڻو پوندو تھ جيئن واپار ۽ سيڪيورٽي مسئلن کي حل ڪرڻ جو رستو ڪڍيو وڃي.ٻنھي ڌرين جي ڳالهين ۾ دلچسپي هئي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو ۽ ٽرانزٽ واپار هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان بند آهي.
حقيقت ۾ طالبان اختيارين ۽ محمد صادق جي قيادت ۾ پاڪستان جي ھاءِ برڊ وفد ( جنهن ۾ فوجي عملدار پڻ شامل آهن) جي وچ ۾ ڳالهين جو مقصد اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ آهي. هن اهم واپاري معاملن ٽرانزٽ ٽريڊ معاھدي جي تجديد ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏ هڪ دستاويزي نظام جيڪو پاڪستان پنهنجي سرحدي ڪنٽرول پاليسي جي حصي طور لاڳو ڪري رهيو آهي.ان بابت بھ ڳالھيون ٿيون.وفاقي ذريعن موجب اهي ڳالهيون مثبت رخ ۾ ۽ "تعاون واري ماحول” ۾ اڳتي وڌي رهيون هيون. جنوري ۾ ٻيهر اعليٰ سطحي دورن تي اتفاق ٿيو، پر پوءِ هوائي حملا ٿي ويو.
جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن ۾ هٿياربند جهڙپن ۽ سخت بيان بازي جي ڏي وٺ سبب سفارتي ڳالهين ۾ رخنو ضرور پيو آھي پر انهن جي جلد بحالي جي اميد آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي حڪمت عملي ۾ عارضي تبديلي آئي آهي، جيڪا صرف طالبان اختيارين خلاف سخت قدم کڻڻ تي مرڪوز هئي ۽ ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل ايجنڊا سان لاڳاپيل هئي.پاڪستاني عملدارن اڳ ۾ ئي ڪابل کي خبردار ڪري چڪا ھئا تھ جيڪڏهن افغان سرزمين تان پاڪستان تي ڪو وڏو حملو ٿيو ته اهي جوابي ڪارروائي ڪندا ۽ حملي آورن جو پيڇو ڪندا.فوتگين کي نظرانداز نھ ڪيو ويندو ۽ پاڪستان کي فوجي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو.
سزا ۽ جزا جي ھاڻوڪي پاليسي پاڪستان کي افغانستان سان لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي رٿابندي جوڙڻ ۾ مدد ڪندي. اسلام آباد کي اميد آهي ته سفارتي لاڳاپن ۽ واپاري ترغيبن سان گڏوگڏ،ٽي ٽي پي جي مسئلي تي دٻاءُ جا گڏيل اثر طالبان عملدارن کي پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ تي آمادھ ڪندا. افغان طالبان جي ڪوششن تي ڀروسو ڪندي پاڪستان سزا ۽ جزا جي پاليسي کي اختيار ڪرڻ لاءِ اٽل ارادو ڪيو آهي. پاڪستان کي گھرجي تھ اھو چين ۽ افغانستان جي ٻين پاڙيسرين سان گڏ علائقائي تعاون جي حڪمت عملي تيار ڪري ته جيئن دهشتگردي جيڪا سموري خطي جي لاءِ خطرو آھي.ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابل تي ڌيان وجھي سگھجي.