نيشنل رور اينڊ بئراجز ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ضرورت 

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

درياھي بئراجز ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو قيام وقت جي اھم ضرورت آھي.جيڪڏھن نه ته ھن وقت اسان جي    ملڪ جون بئراجز يا درياھه پليون انتھائي ڪسمپرسيءَ جو شڪار آھن.اھي بئراجز،پليون يا عوامي درياھي لنگهه پنھنجو وقت ڪافي پورو ڪري چڪيون/چڪا آھن.انھن جو استعمال فقط درياھي پاڻي جو وهڪرو ئي ناھي،اھي بئراجز،پليون يا لنگهھ اسان جي قومي آمد و رفت جو ذريعو به آھن.اھو قومي آمد و رفت جو اچڻ وجڻ پنھنجي جاءِ تي پر اسانجي زرعي ملڪ جي زراعت جي جياپي جو وڏو سبب بئراجز آھن.جتان پاڻي  جي ورھاست، استعمال ۽ اسٽوريج ڪرڻ جو سبب آھن. ان ڪري قومي سطح تي نيشنل ريور اينڊ بئراجز ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙي وجي ته اھو وقتائتو قدم ھوندو.پاڪستان ۾ درياهن ۽ بئراجز جي ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺهڻ هڪ بهترين ۽ وقتائتو خيال آهي،خاص طور تي پاڻي جي وسيلن جي منظم استعمال، اسٽوريج، ۽ تحفظ لاءِ.هيٺ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون،جيڪي اهڙي اٿارٽي جي قيام ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪارآمد ٿي سگهن ٿيون:

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل بورڊ جو قيام،جنهن ۾ واٽر مئنيجمينٽ جا ماهر، ماحوليات جا ماهر، ۽ انجنيئرز شامل هجن.

پاڻي جي وسيلن جو انتظام،درياهن جي ماپ ۽ ڊيٽا ڪليڪشن: سڀني درياهن جي وهڪرن، پاڻي جي معيار، ۽ اسٽوريج جي صلاحيتن تي مڪمل ڊيٽا گڏ ڪرڻ.واٽر اسٽوريج ڊولپمينٽ: ننڍن ۽ وڏن ڊيمن ۽ بئراجز جي تعمير لاءِ ڊگهي مدت جي منصوبا بندي.فلڊ ڪنٽرول پلان، برساتي موسمن ۾ ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ ڊگهي مدي وارا قدم کڻڻ.

ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ سينٽرز،انھن جي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ ريسرچ سينٽرز قائم ڪرڻ،پاڻي جي مؤثر استعمال ۽ نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪرڻ لاءِ ريسرچ سينٽرز قائم ڪرڻ ضروري ھوندو.

ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽمز،درياهن ۽ بئراجز جي وهڪرن ۽ حالت جي نگراني لاءِ ڊرونز ۽ سينسرز جو استعمال.ماڊرن ايريگيشن سسٽمز،زرعي پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ جديد آبپاشي نظام رائج ڪرڻ.

صنعت ۽ زراعت لاءِ واٽر مئنيجمينٽ جوڙڻ،زرعي شعبن ۾ پاڻي جي ذميوارانه استعمال لاءِ تعليم ۽ تربيت.

انڊسٽريل واٽر ڊسپوزل لاءِ باقاعدا ضابطا ۽ پلاننگ.

ماحولياتي تحفظ،ماحولياتي تحفظ لاءِ درياھن جي صفائي انتھائي ضروري ھوندو آھي.ان لاءِ درياھه جي بندن جي  نگراني،مرمت ۽ سنڀال ضروري آھي.

آبي جاندارن جي تحفظ لاءِ قانونسازي،آبي جاندارن جو تحفظ ڪرڻ بہ انتھائي ضروري آھي.ڇو ته قدرتي نظام جي بحالي اسان جي فائدي م آھي.

بئراجز جي تعمير ۾فنڊنگ ۽ وسيلا آڻڻ لاءِ جيڪڏھن ڊونر ايجنسين سان رابطي رابطي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته انھن کي وقتي پارٽنرشپ شرڪت ڏيڻ ۾ ڪا قباحت ناھي.ان سلسلي ۾ عالمي ادارن کان فنڊ حاصل ڪرڻ کپن ته اھي به  اپلاءِ ڪري سگھجن ٿا.

پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ:وقت اچڻ تي يا ضرورت پوڻ تي جيڪڏھن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي وقت ضرورت محسوس ٿئي ته انھن سان به پارٽنرشپ ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناھي.ڇو تہ ھر دنيا ۾ ھاڻي ان حوالي سان پبلڪ سيڪٽر ضرورت محسوس ڪري ٿو ته پرائيويٽ سيڪٽر کي شريڪ ڪرڻ ڪيو وجي.ان سلسلي ۾ صوبائي،قومي ۽ بين الاقوامي سطح جا پرائيويٽ پارٽنرشپ جا سيڙپڪار ھجن ته انھن کان به سهڪار وٺي سگھجي ٿو.ان سلسلي ۾ وقتي معاھدا ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناھي.

آگهي ۽ تربيت،آگھي ۽ تربيتي پروگرام جوڙڻ به وقت جي اھم ضرورت ھوندي آھي.ڇو ته مقامي ماڻهن ۾ پاڻي جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ،واٽر مئنيجمينٽ لاءِ تربيتي پروگرام ترتيب ڏيڻ.

ڊگهي مدي جي پلاننگ،دنيا جون باشعور قومون ۽ قومن جون قيادتون پنھنجي ڊگھي مدي جي منصوبا بندي ڪرڻ لاء 25 کان 50 سالن جو پلان سامھون رکنديون آھن.ان  ڪري ايندڙ 50 سالن تائين پاڻي جي ضرورتن ۽ چئلينجز جو حساب سامھون رکي انھن منصوبن تي ڪم ڪرڻ ضروري آھي،ڇو ته اھي منصوبا پروگرام يا پلان پنھنجي مڪمل ٿيڻ ۾ تيز ترين ڪم سان بہ گھٽ م گھٽ 15 سال وٺي سگھن ٿا. تجزياتي طور تي چئي سگھجي ٿو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ ھن وقت جي اھم ضرورت آھي.

احتساب ۽ شفافيت،سڀني منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ،منصوبي جي خرچن ۽ ڪمن جو باقاعده  وقت سر آڊٽ ڪرڻ لازمي آھي.

اهي قدم پاڪستان ۾ پاڻي جي وسيلن جي انتظام ۽ ترقي لاءِ هڪ موثر بنياد مهيا ڪري سگهن ٿا ۽ مستقبل ۾ پاڻي جي بحرانن کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.ان لاءِ ضروري آھي ته پلاننگ ڪميشن پاڪستان،پلاننگ ڊولپمينٽ کاتا ۽ ايريگيشن،زراعت ۽ قومي توڙي صوبائي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل اھا نيشنل ريور اينڊ بئراجز ڊولپمينٽ اٿارٽي ھجڻ ضروري آھي.جنھن جو سربراھ وقت جو وزيراعظم ھجڻ کپي.ان سان گڏوگڏ صوبن جا وڏا وزير ۽ آبپاشي ۽ پلاننگ ڊولپمينٽ کاتي جي وزير ھجڻ ضروري آھن.باقي ٽيڪنيڪل بنيادن تي سرڪاري ادارن مان ۽ سول سوسائٽيءَ مان به ميمبرز رکيا وجن ته ان ۾ ڪو حرج ناھي.

ھڪ گھري مشاھدي ۽ ماھرن جي تجزياتي رپورٽ جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته سنڌ جي بئراجن خاص طور سکر بئراج کي سخت نقصان پھچي چڪو آھي ۽  ڪنھن بهوقت ھي قومي اثاثو ڪنھن قومي بحران جو شڪار ٿي سگھي ٿو.ان ڪري ذميوار حڪومتي نمائندن،پارليامنٽيرين،وقت جي وزير اعظم،سنڌ جي وڏي وزير سميت صوبائي پارلياماني ميمبرز کي کپي ته فوري طور اسيمبلي اجلاس سڏائي ھن قومي اھم اشو تي غور ۽ فڪر ڪري عمل ڪيو وجي.ٻي صورت ۾ اڳتي ڪا گنجائش ڪونھي.ھنن موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي پھچندڙ  ڪاپاري نقصان ڪنھن قومي سانحي کان گھٽ ناھي.جيڪڏھن ايندڙ وقت ۾ اسان جا بئراج موسمياتي تبديلين سبب ايندڙ ٻوڏن کي برداشت نه ڪري سگھيا ته ان جو ازالو ڪير ڪري سگھندو؟يا ان جو ذميوار پڻ ڪير ھوندو.ارسا کان ويندي واپڊا جھڙا ادارا ته اوھان جوڙيا آھن پر انھن جي TORs ٽرمس آف ريفرنس ۾ ڪٿي به بئراجز جي نئين سري سان تعمير يا انھن سان لاگاپيل درياهه جي بندن ۽ پلين جو ڪم ناھي لاڳاپيل تنهن ڪري ھي ڪم قومي فڪر جو گهرجائو آھي.ان ڪري ھتي پنھنجي قومي قيادت ۽ ذميوارن کان مطالبو ٿو ڪجي ته ترت تي ان مسئلي تي ڌيان ڏنو وجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.