چمبڙ ۾ رهندڙ ماڻهن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟

تحرير: ثوبيا کوسو

چمبڙ تعلقو هڪ خوشحال تعلقو آهي جيڪو زرعي حساب سان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهيچيو ويندو آهي ته هتي جون زمينون سون آهن، چمبڙ جهڙي پرامن ۽ خوشحال تعلقي کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو هاڻي هر روز جهيڙا، ڦرون، چوريون ۽ معمولي ڳالهين تان قتل معمول بڻجي ويو آهي“ چورن ۽ ڦورن ته اهڙو رڻ ٻاري ڏنو آهي جو شام ٿيندي ئي تعلقي جي مختلف روڊن تي ماڻهن نڪرڻ ئي  ڇڏي ڏنو آهي، جيئن چمبڙ کان شيخ ڀرڪيو ڏانهن ويندڙ روڊ جنهن کي ميرانکوري سڏيو ويندو آهي ۽ انهي روڊ تي سوين ڳوٺ اچي ويندا آهن انهي روڊ تان شام ٿيڻ مهل سج لهڻ کان پوءِ جيڪو به موٽرسائيڪل , ڪار يا ڪهڙي به سواري ڪاهي نڪرندو آهي اهو ڦرجي ويندو آهي، هر طبقي جا ماڻهو انهي روڊ تان گذرندي سڀ ڪجهه ڦرائي ويهندا آهن، حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو ان روڊ تي ٻن پوليس اسٽيشنن جون چيڪ پوسٽ به آهن, جتي به اهلڪار موجود هوندا آهن، هڪ چمبڙ ٿاڻي جي چيڪ پوسٽ جيڪا جڙيل شاهه وٽ آهي ٻي شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي پوسٽ جيڪا جلال موري وٽ آهي , ٻنهي ٿاڻن جي چيڪ پوسٽن ۾ ڪجهه ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي،۽ پوليس موجب اتي پيٽرولنگ به ڪئي ويندي آهي پر پوءِ به هر روز ٿيندڙ ڦرون رڪجي ناهن سگهيون.

چورين جو ته تمام گهڻو آزار آهي. چورن جو خاص ٽارگيٽ يوسي داد جروار ۾ رهندڙ غريب مزدور هارين جا ڳوٺ آهن, ڏينهن جو سمورو ڏينهن ڪم ڪار ڪري ٿڪجي اچي ڳوٺاڻا گهر سمهندا آهن ۽ صبح جو اٿندا آهن ته سندن گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال, موٽرسائيڪلون موجود ئي ناهن هونديون، ۽ جڏهن پيرا کڻندا آهن ته اهي هڪ ئي ڳوٺ ۾ وڃي لڳندا آهن پر جڏهن پيرا کڻندڙ ماڻهن جو ٽولو اتي پهچندو آهي تڏهن انهن کي ڌمڪيون ملنديون آهن.

ڪافي دفعا ته ائين به ٿيو آهي ته جڏهن ڀاڳيا سجاڳ ٿيا آهن ته چورن مٿن تشدد ڪري هٿيارن جي زور تي رسين سان ٻڌي مٿن تشدد به ڪيو آهي, جيئن ڪجهه ڏينهن پهرين يوسي داد خان جروار جي ڳوٺ مريد موري ويجهو ڪولهي برادري جي ڳوٺ تي چورن ڪاهه ڪئي ۽ ڀاڳيا سجاڳ ٿيا ته انهن تي سخت تشدد ڪيو ويو, ۽ چورن پاڻ سان گڏ آندل ڊاٽسن ۾ انهن غريب هارين جو سمورو چوپايو مال ۽ ايتري قدر جو گهر ۾ پيل ان به ڦري ورتو ، ۽ نهايت ئي ديدا دليري سان سموري ڊاٽسن ڀري روانا ٿي ويا پر انهن چورن جو اڃان تائين ڪو اتو پتو ئي ناهي پيو، ۽ نه ئي وري انهن غريبن کان مليل سامان واپس ملي سگهيو.

ڪجهه وقت اڳ جي ڳوٺ مٺو خان رستماڻي ۾ خدابخش رستماڻي جي ڍڳي چوري ٿي، بروقت پيرا کنيا ويا ۽اهي پيرا بڪيرا ٿاڻي جي حد جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ختم ٿيا،  ۽ ڀاڳين سان بڪيرا ۽ چمبڙ ٿاڻي جي پوليس به گڏ هئي پر اهي ڳوٺاڻا چوري ٿيل ڍڳي جي وضاحت ۽ چور ڏيڻ بدران ڀاڳين ۽ پوليس سان وڙهي پيا ، پوليس سندن هڪ ڊاٽسن به ڪاهي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي جنهن بعد هڪ بااثر شخص سرعام گارگند ڪري پوليس کان اها ڊاٽس واپس وٺرائي ويو، جنهن بعد سنڌ هاري ڪميٽي چمبڙ طرفان ڪامريڊ ارباب رستماڻي، صديق سولنگي ، ذوالفقار کوسي جي اڳواڻي ۾ چمبڙ ٿاڻي جي مک گيٽ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن بعد پوليس چوري واپس ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ۽ هڪ بااثر وچ ۾ اچي اها چوري ٿيل ڍڳي رات پيٽ ۾ واپس ڳوٺاڻي خدابخش کي ورائي ڏني پر چورن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي، چمبڙ شهر جي مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ شريف انسان  جواهر لال کان صبح سويري شهر ۾ ڏوهاري مٿس تشدد ڪري سندس موبائل ۽ ٻيو سامان به ڦر ڪري ويا،

چورين ۽ ڦرن کان سواءِ چمبڙ ۾ ڪافي قتل به ٿيا آهن ، هڪ قتل پيراسن محرم رستماڻي جي نوجوان ڇوڪري جو ٿيو، ظالم وحشي جوابدارن احسان رستماڻي جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو ، سڀ کان وڏو ۽ افسوسناڪ واقعو جنهن کي ٻڌي ۽ ڏسي هر چمبڙ واسي جي اک آلي ٿي وئي، شراب جي نشي ۾ ڌت هڪ بااثر وڏيري جي پٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ چار موٽرسائيڪل سوار ماڻهو ماري وڌا، مارجي ويل چار ڄڻن ۾ ٻه ٻه ڀاءُ شامل هئا،  پوليس اهلڪار منير دل ۽ اقبال دل ٻه سڳا ڀائر هئا، ۽ ٻيا فوت ٿيل ٻه ڄڻا اعجاز لغاري ۽ خان محمد لغاري به سڳا ڀائر هئا جن مان اعجاز لغاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ خان محمد لغاري آئي سي يو حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، پوليس ان وڏيري جي پٽ کي گرفتار ڪيو ۽ سندس گاڏي مان هڪ پسٽل ۽ شراب جون بوتلون به نڪتيون ، پر هڪ ڳالهه ڏسي سخت حيرانگي ٿي ته شراب جي نشي ۾ ڌت ان شخص کي ٽنڊوالهيار کان چمبڙ ايندڙ روڊ تي ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي نه روڪيو ويو، لازمي ڳالهه آهي ته هو سڀ پوليس پوسٽون ڪراس ڪري پوءِ ئي چمبڙ اچي پهتو هوندو پر چمبڙ ٿاڻي يا ٽنڊوالهيار ٿاڻي جي مختلف چيڪ پوسٽن تي کيس روڪيو ئي نه ويو، جيڪڏهن چيڪ پوسٽن تي کيس روڪيو وڃي ها ته اهي چار ضايع ٿيل جانيون بچي پون ها، چمبڙ ۾ عمران لنجواڻي نالي نوجوان کي به بندوقن جو کاڄ بڻايو ويو.

چمبڙ ۾ ٿيندڙ بدامني جا واقعا بيان ڪجن ته انهن تي هڪ مڪمل ڪتاب لکجي وڃي پر آخر ۾ آئون ايترو چونديس ته ۽ پوليس جي اعلي آفيسرن کي اها اپيل ڪنديس ته مهرباني ڪري چمبڙ جي عوام کي تحفظ ڏيو۔

چمبڙ تعلقو هڪ خوشحال تعلقو آهي جيڪو زرعي حساب سان سڄي سنڌ ۾ مشهور آهيچيو ويندو آهي ته هتي جون زمينون سون آهن، چمبڙ جهڙي پرامن ۽ خوشحال تعلقي کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو هاڻي هر روز جهيڙا، ڦرون، چوريون ۽ معمولي ڳالهين تان قتل معمول بڻجي ويو آهي“ چورن ۽ ڦورن ته اهڙو رڻ ٻاري ڏنو آهي جو شام ٿيندي ئي تعلقي جي مختلف روڊن تي ماڻهن نڪرڻ ئي  ڇڏي ڏنو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.