رپورٽون آهن ته نامياري اديب، شاعر، ڊراما نويس، ناول نگار ، ڪالم نويس ۽ رٽائرڊ پروفيسر محمد علي پٺاڻ ، ثقافت کاتي پاران علاج لاءِ مليل 50 هزار جو چيڪ واپس موٽائي ڏنو آهي. سنڌ ثقافت کاتي جي ان ”سخاوت“ تي سنڌ جي اديبن، صحافين، دانشورن سخت مذمت ڪئي ۽ ان عمل کي 30 کان مٿي ڪتابن جي ليکڪ ۽ سندس ادبي توڙي عملي خدمتن سان سراسر ناجائزي قرار ڏني وئي. ثقافت کاتي ته 50 هزار رپيا ڏنا پر ڏهن بيمارين ۾ وڪوڙيل سينيئر اديب لاءِ 25 لک به ناڪافي هيا. حڪومت کي محمد علي پٺاڻ جي مڪمل علاج جو ذمو کڻڻ گهرجي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وقت سان مهانگي کان مهانگي ٿيندڙ علاج ۽ دوائن جون قيمتون هاڻي هيٺين، وچولي ۽ مٿين طبقي جي وس کان به مٿي چڙهي ويون آهن. هن دور جو مهانگو علاج ۽ مهانگيون دوائون سرمائيدار، زميندار، جاگيردار، وڏيرا، حڪمران، وزير ۽ ڪامورا ئي برداشت ڪري سگهن ٿا ۽ اهي ملازم توڙي آفيسر افورڊ ڪري سگهن ٿا جن کي حڪومت يا ادارن طرفان ميڊيڪل پئنل جي سهولت مليل هجي. پر اسان وٽ فنون لطيفه سان سلهاڙيل شخصيتن لاءِ ثقافت کاتو ئي سندن علاج لاءِ وقت به وقت مالي مدد ڪندو آهي. جيڪو اٽي ۾ لوڻ جي برابر هوندو آهي.
اسان پنهنجن ايڊيٽوريلن ۽ ڪالمن ۾ ان مسئلي تي وقت به وقت لکندا رهيا آهيون ۽ حڪومت کي تجويزون ڏيندا رهيا آهيون ته اصولي طور تي حڪومت کي بيمار اديبن، فنڪارن، اداڪارن، موسيقارن، مصورن، صحافين ۽ فنون لطيفه جي ٻين شعبن سان سلهاڙيل شخصيتن جي علاج جو ڪو مستقل بندوبست ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جي تجويز آهي ته حڪومت بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ هڪ وڏو ميڊيڪل ادارو قائم ڪري جيڪو صرف ۽ صرف بيمار ڏات ڌڻين جي علاج تائين محدود هجي. اهو ادارو ئي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج جو مستقل ۽ برجستو انتظام هوندو. اسان جي خواهش آهي ته قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪو ايم اين اي ۽ ايم پي اي اهڙي قرار داد پيش ڪري ۽ پوءِ حڪومت فوري طور تي ان تي عمل ڪري.اهڙو ڪم اڄ جي ضرورت آهي. جنهن به حڪومت پنهنجي دور ۾ ڏات ڌڻين جي علاج لاءِ اهڙو ڪو ميڊيڪل ادارو يا اسپتال قائم ڪئي ته اهو ان جو يادگار ۽ تاريخي ڪم ليکيو ويندو. پوءِ اها اسپتال ڏات ڌڻين جو مفت ۾ علاج ڪري ۽ سندن دوائن جو خرچ به ادا ڪري. اهڙو ڪم يقينن حڪومت ڪري سگهي ٿي جنهن تي ان کي سوچڻ گهرجي ٻي صورت ۾ اها ان معاملي ۾ جيئن ماضي ۾ بدنام رهي آهي ۽ بيمار ڏات ڌڻين جو علاج نه ڪرائڻ تي کيس ائين ئي روز تنقيد ٻڌڻي پوندي آهي جيئن اڄ ڪلهه کيس محمد علي پٺاڻ جي بيماري جي سلسلي ۾ ٻڌڻي پئجي رهي آهي.
اها واقعي به حقيقت آهي ته محمدعلي پٺاڻ هڪ ئي وقت پنجن ڇهن ننڍين وڏين بيمارين ۾ ورتل آهي ۽ هر بيماري جو علاج سندس مالي وس کا ٻاهر آهي. محمد علي پٺاڻ پنهنجي علاج لاءِ ئي اصل ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچي لڏي آيو هو، تڏهن سندس زال به سخت بيمار هئي پر ڪراچي اچڻ کان پوءِ رهندو هي ٻئي بيمارين ۾ وڪوڙجندا ويا. سندس زال به نيٺ مڪمل علاج نه ملڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، محمد علي پٺاڻ به حقيقت ۾ڏسجي ته موت جي منهن ۾ آهي جنهن کي سنڀالڻ سنڌي ادبي ۽ ثقافتي ادارن توڙي حڪومت جو ڪم آهي
محمد علي پٺاڻ وانگر سينيئر صحافي، پريس ڪلب ڪراچي جو ميمبر ۽ روزاني عوامي آواز جو رپورٽر ذوالفقار راڄپر به ڪافي عرصي کان شديد بيمار آهي تنهن کي پڻ حڪومت جي اهڙي مستقل طبي مدد جي ضرورت آهي. . اوهان انهن کي ڀلي پيسا نه ڏيو پر سندن علاج جو ذمو کڻو جيڪو حڪومت ئي کڻي سگهي ٿي. هي اسان جا اديب، صحافي، اداڪار ۽ ڳائڻا ڪا هڪ نه پر الائي ڪيترين بيمارين ۽ تڪليفن ۾ ورتل هوندا آهن اهي روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا، روز رات سندن آخري رات هوندي آهي هر نئون ڏينهن سندن نئون جنم هوندو آهي جيڪو به علاج ۽ دوائن جي ڳڻتي ۾ گذري ويندو اٿن. اديب محمد علي پٺاڻ ۽ صحافي ذوالفقار راڄپر کان علاوه به جيڪڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ڏسنداسين ته الائي ڪيترن ڏات ڌڻين جي بيمارين ۽ ترت علاج جي اپيلن تي ٻڌل خبرون ملنديون ۽ ملنديون رهنديون تن جو آخرڪار حڪومت کي نوٽيس وٺي ان ڏس ۾ ڪو مستقل حل ڪڍڻو پوندو.
جيستائين حڪومت ان پاسي سوچي تيستائين ثقافت کاتي يا صحت جي ٻين وڏن ادارن کي انهن ٻن ڏات ڌڻين محمد علي پٺاڻ ۽ ذوالفقار راڄپر جي بيماري جو ترت نوٽيس وٺي سندن سرڪاري علاج ڪرائڻ جو ذمو کڻڻو پوندو. انهن ٻن ڏات ڌڻين کي مالي امداد نه گهرجي، مالي امداد آخر ڪيتري ڏبي سندن مسئلو مسقتل طور علاج جو آهي جيڪو حڪومتي سطح تي ٿيڻ گهرجي. محمد علي پٺاڻ جو مسئلو ڪا هڪ بيماري ناهي. شگر، دل جو مرض، ساهه جي بيماري، رڳن جو مسئلو بي پي وغيره آهن جيڪڏهن سندس ٽيسٽن، علاج ۽ دوائن جي خرچ جي بجيٽ ڏسبي ته دماغ چڪرجي ويندو. ائين صحافي ذوالفقار راڄپر جو به وڏي ۾ وڏو مسئلو جيري جي بيماري جو آهي جنهن جو علاج اعليٰ سطح جو ڪرائڻو پوندو جيڪو حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي. تنهن ڪري حڪومت کي ان پاسي هنگامي بنياد تي ڌيان ڏيڻ جي وينتي ڪجي ٿي.