لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) قومپرست اڳواڻ ناياب سرڪش چانڊيو ڪوٽ داراب خان عباسي پهچي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي سان ملاقات ڪئي. هن معظم عباسي، پٽن محمد ولي عباسي ۽ دوستن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي هن چيو ته مسئلي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي حل ڪيو وڃي. ان عرض لاءِ ميڙ وٺي آئي آهيان. ان موقعي تي معظم علي عباسي ميڙ کي مان ڏيندي ناياب سرڪش کي اجرڪ اوڍايو ۽ چيو ته هو راڄوڻي لاءِ ٽن شخصيتن جا نالا ڏئي چڪا آهن، جنهن وٽ به مخالف ڌر فيصلو ڪرڻ چاهيندي، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.