ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آھي جنهن ۾ قدرت پاران نه رڳو قدرتي وسيلن جون وافر مقدار ۾ اسان لاءِ نعمتون موجود آھن پر ان کان علاوه به هن ملڪ جي آبهوا درياء سمنڊ ريگستاني علائقا جبل پهاڙ قدرتي حسين نظارا فروٽ ميوا سبزيون مطلب ته قدرت جي هر نعمت اسان جي ملڪ ۾ موجود آھي پر ان هوندي به هن ملڪ جو نڌڻڪو عوام اهڙن واپارين جي هٿ چڙھي ويو آھي جيڪي صرف پنهنجي عياشين ۽ پنهنجي اولاد جي مستقبل بابت فڪر مند رهن ٿا پر هن ملڪ جي عام ماڻھو لاءِ سواءِ سکڻن حوالن جي هنن وٽ شايد ڪوبه ويزن يا ڪوبه اهڙو ڪم ناهي جنهن کي دنيا جي سڌريل ملڪن سان ڀيٽي سگهجي،
پاڪستان جيڪو هن وقت پنهنجي ڄمار جا سؤ ورهيه پورا ڪرڻ وارو آھي ايندڙ 22 سالن ۾ اسان ملڪ جي آزادي جون سؤ سالا جشن جون تقريبون ملهائينداسين پر دنيا کي اهو ڇا ڏيکارينداسين جيڪو اسان هڪ سؤ سالن ۾ ڪو فخر جوڳو ڪم ڪيو هجي يا ڪجهه اهڙو انمول ايجاد ڪري ڏيکارينداسين، يقينن ايترين سارين نعمتن سان مالا مال ملڪ کي سؤ سالن ۾ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جون صلاحيتون موجود آھن پر اهي صلاحيتون ڪيئن ضايع ڪيون ويون، ان جو ذميوار ڪير آھي يا ڪير ان جي ذميواري قبول ڪندو، ملڪ سان وفاداري جي سدائين هام هڻندڙن ڪڏهن ان بابت به ڪو غور ويچار ڪيو آھي ته اسان سؤ سالا جشن ۾ ملڪ جي ڪھڙين ايجاداتن تي فخر سان دنيا آڏو ڪنڌ کڻي سرخرو ٿينداسين.
اهو هڪ الڳ بحث آھي پر جيڪڏهن ٿوري نظر ڪري سوچيون ته گذريل ستهتر سالن ۾ هن ملڪ جي عوام کي ڪھڙيون سهولتون ڏنيون ويون ڪهڙو هن قوم جي صحت تعليم سميت ٻين بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو ٻڌائڻ جوڳو ڪم ٿيو آھي ان بابت به رڳو غور ڪجي ته ڏسڻ ۾ اهو ئي ايندو ته هن ملڪ جو ھر حڪمران پنهنجون پاليسيون جوڙي هليو ويو ۽ ايندڙ حڪمران رد ڪري اڳتي نڪرندو ويو، بس! شايد اهو ئي ڪم ٿيو آھي جيڪو اسان بحث آڻي سگهون ٿا، باقي مڙئي ڪل خير. ملڪ ۾ اڄ تائين هڪ پاسي بجلي جي قلت آھي ته ٻئي پاسي انمول زخيرن هوندي ملڪ جو عوام گئس جهڙي سهولت لاءِ پريشان آھي هڪ پاسي بجلي سبب ڪاروبار تباھ ٿي ويا آھن ته ٻئي پاسي گئس جي کوٽ سبب ڪاروبارن سميت گهريلو زندگيون سخت متاثر ٿي رهيون آھن پر ان طرف توجھ ڏيڻ جي ڪير به تڪليف نٿو ڪري جيڪا هن ملڪ جي مسڪين قوم سان وڏي ناانصافي چئي سگهجي ٿي، هڪ طرف ملڪ جي ڳالهه ڪنداسين ته ھر طرف دانهون ٻڌڻ ۾ اينديون ته ٻئي پاسي سڄي سنڌ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج مظاهرا بک هڙتالون ٿي رهيون آھن. عوام جي دردن جو ڪوبه درمان ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو وڏو ظلم چئبو.
سڄي سنڌ ۾ گئس جي بندش جو وڏو آزار پئدا ڪيو ويو آھي چويهن ڪلاڪن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ گئس ڏني ٿي وڃي ڪن علائقن ۾ ته صرف 4 کان ڇھه ڪلاڪ گئس ملي ٿي ان ۾ به پريشر مڪمل نه هوندو آھي ٻھراڙين جي علائقن ۾ ته مڪمل گئس بند رکيو ٿو وڃي جيڪا هتان جي رهواسين سان وڏي ناانصافي آھي، گذريل ٽن سالن کان سڪرنڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب هتان جي عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي، صبح منجهند ۽ شام ٻہ ٻہ ڪلاڪ صرف ڇھ ڪلاڪ گئس ڏني ٿي وڃي، ان جي وچ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اڌ اڌ ڪلاڪ ليٽ سان يا اڳ ۾ به گئس کي بند رکيو ٿو وڃي، جڏهن ته گئس جو پريشر مڪمل طور گهٽ رکيو ٿو وڃي، ڏٺو وڃي ته حڪومت پاران هڪ طرف گئس جي بلن ۾ سليب متعارف ڪرائي گئس جون قيتون آسمان تي پهچايون ويون آھن ٻيو وري مٿان سلو ميٽر چارجز جا هٿرادو ڊراما ٺاهي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻڻ جو نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آھي، ان ظلم خلاف پوري سنڌ ۾ آواز اٿي رهيا آھن جڏهن ته سڪرنڊ ۾ به وصت بوقت احتجاج ٿيندا رهيا آھن.
هن وقت به سنڌ يونائيٽڊ پارٽي (ايس يو پي) پاران سڪرنڊ ۾ گئس جي قلت ۽ سلو ميٽرچارجز سميت ٻين مسئلن لاءِ مسلسل بک هڙتال ڪئي پئي وڃي پر گئس جي لوڊشڊنگ سميت سلو ميٽر چارجز وارا مسئلا حل ٿي ناهن سگهيا، گئس جي کوٽ سبب اسڪول ويندڙ ٻارڙن سميت گهريلو عورتن لاءِ گئس جو نه هجڻ هڪ عذاب بنجي ويو آھي، ڪاروباري ماڻهو بنا ناشتي جي ڪاروبار تي وڃن ٿا جنهن ڪري گهريلو جهيڙا به عام ٿي رهيا آھن، ڏٺو وڃي ته ماڻھو بجلي ۽ گئس جي کوٽ سب ذھني عذاب ڀوڳڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پر سندن ڪوبه پرسان حال ناهي جيڪو هنن جا ڏک ختم ڪرڻ لاءِ سيني تي هٿ هڻي اڳتي اچي عوام کي هن عذاب مان ڇوٽڪارون ڏياري يا عوام جي دردن تي ڪو مرهم رکي، پر لڳي ٿو ته هتان جا حڪمران بيحس ٿي ويا آھن جو هو عوام کي ڪجهه سمجهن ئي نٿا ان ڪري عوام جون دانهون اعلي ايوانن کي لرزائي ناهن سگهيون، نه ته جيڪو قوم جو حق هوندو آھي اهو ته عوام کي ان جي دروازي تي ئي ملندو آھي پر شايد هتان جا حڪمران عوام کان وڌيڪ پنهنجي شان شوڪت ۽ اعلي مان مرتبي کي قائم رکڻ کي پنهنجو وڌيڪ حق ٿا سمجهن تڏهن ته ستهتر سال گذرڻ باوجود به قوم اڃان تائين بنيادي سهولتن کان به محروم آھي، وقت جي حڪمرانن کي عوام جي احتجاجن جو نوٽيس وٺي انهن جا جائز بنيادي مسئلا حل ڪري