تقريبن هڪ سال اڳ نئين نمبر تان ڪال آئي. ڪال اٽينڊ ڪيم ته هڪ بزرگ شخصيت جو آواز آيو ۽ چيائين السلام عليڪم ياعلي مدد. مون به موٽ ۾ کيس اوتري ئي پيار ۽ پاٻوهه سان جواب ڏنو وعليڪم السلام پير مولا علي مدد. ان بزرگ پنهنجائپ واري انداز ۾ پڇيو ته ادا اعجاز توهان مون کي سڃاتو؟ مون جواب ڏنو ته نه سائين. توهانجي تصوير مون واري موبائيل ۾ نه پئي اچي. چيائين ها بلڪل منهنجي اهڙي صورت آهي جا موبائل به نه ٿي ڏيکاري. ائين چوڻ شرط مون کانئس نالو پڇيو جواب ۾ چيائين ڪراچي کان بيدار جعفري پيو ڳالهايان. مون ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته سائين توهان صحافي يا ڪالم نويس ته نه آهيو؟ چيائين ها بلڪل اهو ئي آهيان. مون کيس عوامي آواز اخبار جو حوالو ڏيندي چيو ته توهان جا ڪالم پڙهندو آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن دوست مون کي توهان سان رابطي ڪرڻ لاءِ چيو هو ته عوامي آواز ۾ بيدار جعفري توهانجو مولائي آهي ان کي چئو ته توهانجا ڪالم ڇپرائي وٺندو. مون ان دوست کان توهانجو نمبر گهريو پر ان چيو ته مون وٽ نمبر ناهي مان ڪٿان هٿ ڪري توهانکي ميسيج ڪريان ٿو. مون کان به ڳالهه وسري ويئي ۽ ان دوست به نمبر نه موڪليو. اتفاق سان ڪجهه ڏينهن بعد توهانجي ڪال اچي وئي. توهانجي وڏي مهرباني سائين.
پاڻ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين هونئن به جڏهن خالق روح خلقيا پئي ته سڀ هڪ هئاسين پوءِ توهان نوشهري ۾ رهيو ۽ مان هتي رهجي ويس. بس ٻنهي جو اصل ماڳ ساڳيو آهي. ڳالهه کي اڳتي هلائيندي پڇيائين توهان جي ذات ڪهڙي آهي مون کيس جواب ڏيندي چيو ته سائين مان ميمڻ آهيان ۽ نوشهروفيروز جي ڀرسان منهنجو ڳوٺ کاهي ممن آهي انڪري ڳوٺ جي مناسبت سان ممنائي سڏرائيندو آهيان هن وقت نوشهروفيروز شهر ۾ رهندو آهيان. منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين پوءِ ته توهان سيٺ اعجاز ميمڻ دلاور ميمڻ ممتاز ميمڻ ۽ پاشا ميمڻ وارا سڃاڻيندا هوندؤ؟ مون کيس هاڪار ۾ جواب ڏيندي کانئس پڇيو ته توهان انهن کي ڪيئن ٿا سڃاڻو ته جواب ڏيندي چيائين ته مان نوشهروفيروز ۾ به رهيو آهيان ۽ انهن سان سٺا تعلقات رهيا آهن. ائين علائقي جا حال احوال ورتائين ۽ خوشي جو اظهار ڪيائين ائين ساڻس ٽي چار ڀيرا موبائيل ڪچهريون ٿيون. هن پهرين ملاقات ۾ چيو ته ڪنهن دوست توهان جو نمبر ڏنو آهي توهان پنهنجا ڪتاب ڏيندو ته عنايت ٿيندي، مون جواب ۾ چيو ته سائين توهان پروفيسر ۽ سينئر اديب ڪالم نگار ۽ قلمڪار آهيو مان ننڍڙو ادنا ليکڪ آهيان منهنجي ڪتابن کان توهانجو مطالعو تمام مٿانهون آهي، يڪدم چيائين ته ليکڪ ننڍو يا وڏو ناهي هوندو اهو اسانجي نااهل اديبن ٻج ڇٽيو آهي حالانڪ جيڪو به ٻه اکر عشق ۽ شوق سان لکي ٿو اهو وڏو اديب آهي. ائين کيس پڪ ڏنم ته منهنجو سؤٽ هر مهيني ڪراچي ايندو آهي جيڪڏهن چئو ته ان جي هٿان ڪتاب موڪليان يا پوسٽ وسيلي موڪليان؟ ته چيائين هروڀرو پنهنجي سؤٽ کي تڪليف نه ڏيو توهان پوسٽ وسيلي موڪليو مان پوسٽ جو خرچ ڏئي ڇڏيندس. مون چيو سائين خرچ جي ڳالهه ناهي مان ڪوشش ڪري سڀاڻي پوسٽ ڪندس. ٻئي ڏينهن کيس TCS ذريعي ڪتاب موڪليم. ٻن ڏينهن کانپوءِ وري ڪال ڪري ڪتاب ملڻ جو اطلاع ڏنائين ۽ شڪريو ادا ڪيائين.
سائين بيدار جعفري پاڻ ته بيدار هو پر ٻين کي به بيدار ڪندڙ هو سندس سُڃاڻپَ بهترين صحافي، بهترين مقرر ۽ خطِيبَ، بهترين قلمڪار ۽ هڪ معتبر استاد طور هئي، جنهن جِي رهنمائيءَ مان سندس ڪئين شاگردَ شعور جُون شمعون روشن ڪري، عملي ميدان ۾ سماجَ سڌارڻ جي ڪرت ۾ رُڌل آهن. هو پاڻ به هڪ سماجي ڪارڪن هو. بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي نوجوانن جي همت افزائي ڪري، ڳوٺن مان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي نؤجوانن کي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ نه رڳو اچڻ، هتي روزگار ڪري پنهنجا پيرَ ڄمائڻ جي ترغيب ڏيندڙ ۽ اتساهيندڙ شخص هو، بلڪه ان ڏس ۾ اڻ ڳڻين نؤجوانن جِي عملي مدد ڪرڻ لاءِ به اڳ کان اڳڀرو هوندو هو. انهن جي رهائش جي انتظام لاءِ جايُن، جڳهن ۽ رهائش جي حوالي سان ڪنهن کي مدد جي ضرورت هوندي هئي، ته هو پاڻ شخصي ضمانت به پيش ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو. سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جا باصلاحيت نوجوان اسانجي مک شهرن جي مالڪيءَ لاءِ جَھجھي تعداد ۾ اُتي اچن ۽ پنهنجن وسيلن مان وَڌ ۾ وَڌ استفادو ڪن.
پاڻ اصل باڊهه شهر جو رهاڪو هو انڪري کيس پنهنجي علائقي واسين توڙي سنڌ واسين جي اهنجن ۽ تڪليفن کان واقفيت هئي سو پنهنجي وس آهر سندن مدد ڪرڻ پنهنجو اولين فرض سمجهندو هو.اردو ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ 1992ع ۾ باقاعدي طور 17هين گريڊ جي ڪاليج ليڪچرار جِي پوسٽ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ نمايان نمبرن سان سوڀ ماڻي، 1993ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار طور پير پاتائين ۽ 8 اپريل 1993ع تي ڪاليج جو استاد بڻيو. 18 نومبر 2009ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻي ڪجھه عرصي پُڄاڻان ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو. هُو هيو ته اردوءَ جو استاد، پر هن پنهنجيءَ مهارت سبب ڪن ڪاليجن ۾ ضرورت آهر مختلف وقتن تي سنڌيءَ جو مضمون به پاڙهيو. هو ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ علم جُون ڏياٽيُون روشن ڪندو رهيو. 2019ع ۾ نبي باغ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پنهنجيون تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ کيس گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج درساڻو ڇنو ملير ڪراچيءَ ۾ تعينات ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي ملير جي هن ڏُورانهين ماڳَ ۾ پنهنجي ڪرت انجام ڏيڻ دؤران ئي جڏهن گلشنِ حديد ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي نئين ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو ته اتي بيدار صاحب کي انچارج پرنسپال ڪري عارضي پوسٽنگ ڏني وئي. (يعني هُو تعينات ته درساڻي ڇني ڪاليج ۾ ئي هو، پر پنهنجيُون عارضي خدمتون گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، گلشنِ حديد ڪراچيءَ جي سربراهه طور انجام ڏيندو رهيو) ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ کان 361 ڏينهن اڳ يعني 6 جنوري 2025ع تي 59 سالن جي ڄمارَ ۾ پنهنجي سروس دؤران ئي راهِه رباني وٺي اسان کان وڇڙي ويو ۽ ملاقات جي حسرت رهجي ويئي سندس وڇوڙي جو ٻڌي دل روئڻ لڳي اڄ به ساڻس موبائيل تي ٿيل ڪچهريون ياد پيون اچن ۽ سوچيان پيو ته مالڪ اهڙن جاکوڙي مخلص ۽ محبوب ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرائڻ ۾ ايڏي جلدي ڇو ڪندو آهي.
سائين بيدار جعفري ڌرتيءَ جو حقيقي خدمتگار ۽ قلم شناس هو. پاڻ عالمگير موضوعن، حالاتِ حاضره توڙي عالمي منظرنامن تي تبصرن سان گڏ فضائل و مصائب اهلبيت عه تي پنهنجو چٽو ۽ مضبوط موقف رکندو هو. قلمي تصنيفن جي لحاظ کان پاڻ پنهنجي شهرَ باڊَهِه بابت ’باڊهه بوند بھار‘ نالي ڪتاب پڻ لکيو ۽ ڇپايو، جيڪو هن شهر بابت ڇپيل چند اشاعتن منجھان هڪ آهي. هن ويجھڙ ۾ ڪراچيءَ ۾ باڊهه سان تعلق رکندڙ دوستن کي ميڙي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي تنظيم سازيءَ جي مالها ۾ پوئڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ باڊاهيُن لاءِ پهرين ”باڊهه ٽرسٽ فورم“ ۽ پوءِ ”باڊهه ڊولپمينٽ سوسائٽيءَ“ جو بنياد رکيائين. جيڪا سوسائٽي سماجي ڪمن ۾ سرگرميءَ سان باڊهه واسين جي خدمت ۾ مصروف آهي. هُو قلمي اظهار ۾ جيترو سرگرم هو، ان کان وڌيڪ ادبي توڙي مذهبي ميڙاڪن ۾ شرڪت جي حوالي سان مُستعد هو. ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين ڏانءَ ۽ ڏاهپ جي ڳالهه جتي به ٿيندي ۽ کيس سِڪَ سان سَڏيو ويندو هو.سندس وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو صدين تائين نه ڀرجي .