سنڌي موسيقي کي اصلي شڪل ۾ ڳائي عروج تي پهچائيندڙ جلال چانڊيو ڳائڪي جي حوالي سان سنڌ جي اندر اهم حيثيت رکي ٿو، سندس ڳائڻ جو انداز عوامي رهيو هن جڏهن ڳائڻ جي شروعات ڪئي ته ان وقت سنڌ جي اندر اردو، پنجابي ۽ سرائڪي فنڪارن جي ٻيگهي متل هئي، سنڌي موسيقي پنهنجا پويان پساه پئي کنيا، سنڌي فنڪارن لئه وڏن وڏن ادارن جا در بند ٿيل هيا، ڄڻ ته موسيقي جو سورج نورجهان وٽان اڀري عطاءُ اللله نيازي وٽ لهندو هجي، چوطرف انهن جي ئي هاڪ متل هئي، اهڙي دور ۾ جلال چانڊيو موسيقي جي دنيا ۾ تمام سادي پر نرالي انداز سان پير پائي نج سنڌي موسيقي کي بچاءُ جا بند ٻڌڻ جي پنهنجي طرفان شروعات ڪري ڇڏي. چوندا آهن ته شروعات ڪمزور ٿيندي آهي ائين هن ڀڳل ٺڪر جي ٽڪرن مان چپڙي جوڙي يڪتارو هٿ ۾ جهلي راڳ جي شروعات ڪئي، شروع ۾ کيس ايڏي وڏي پزيرائي ڪون ملي، پر هو سچي دل سان راڳ ويراڳ جي راهه تي رمندو هليو، سندس ڳائڻ سان هڪ قسم جو عشق ڪيو، ائين هو سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ نروار ٿيو، جنهن جلال کي ماڻهن مال چاريندي، ٺڪرين جي ٽڪرن تي راڳ ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو جڏهن انهن سندس نئون روپ ڏٺو ته يقين ئي نه پئي آيو، چوڻ جو مقصد ته هن قسم جو جوڳ پچائي پنهنجي محنت سان وڃي وڏي مڃتا ماڻي ورتي، جنهن يڪتاري کي ڌاريان فنڪار فضول سمجهندا هيا، جنهن چپڙي کي ڄٽڪو چئي ٺوڪ ڪئي ويندي هئي، اهي ساز جڏهن جلال جي هٿن ۾ پهتا ته انهن کي هڪ قسم جي جلا بخشجي وئي، جڏهن ڄاڻايل سازن تي جلال چانڊئي آلاپ اچاريا ته چوڌار وه واه ٿئي وئي، شروع ۾ جلال کي ڄٽ ڪوٺي ڪنهن خاص طبقي جو فنڪار ڪوٺي سندس فنڪارانه جدوجهد کي لوئڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي،
۽ وڏي رٿابندي سان هڪ قسم جي مهم پڻ هلائي وئي، اهڙي ڪوشش ۾ اهي ڌريون به سرگدان ٿي ميدان تي نڪري آيون جن سنڌي موسيقي ۽ سنڌي لوڪ فنڪارن جي بدران ڌارين فنڪارن کي اوليت ڏني هئي، جيڪي نه پيا چاهين ته سنڌ جو لوڪ فنڪار موسيقي جي دنيا ۾ پير پائي پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪري، پر جلال جي جلالي ۽ الستي آواز انهن سڀني سازشن کي مات ڏئي سنڌي موسيقي کي نج پج انداز سان ڳائي ان کي عوام اڳيان آندو، هو هڪ درجو به پڙهيل ڪون هيو پر هو حضرت عشق جي مچ مان پچي، ڪڙهي ۽ ڪندن ٿي آيو، اهو ئي سبب هيو جو کيس سوين ڪلامن جو يادگيرو هوندو هيس، سندس حافظو به ڪمال جو هيس جنهن جي بدولت هن پنهنجو جدا حلقو جوڙي ورتو جيڪو هن وقت به سندس سدا حيات آواز جو شائق بڻيل آهي.
جلال چانڊيو جنهن دور ۾ موسيقي جي منفرد دنيا ۾ پير پاتو تڏهن موسيقي مڪانن، درگاهن، مڙهين ۽ ميلن ۾ قيد و بند هئي، فنڪار بند جائين، اوطاقن يا جاگيردارن جي محلن ۾ وڃي وڄت ڪندا هيا جتي سندس درست انداز سان داد پلئه ڪون پوندو هيو، پر جلال چانڊئي قيد بنيل راڳ کي درگاهن، مڪانن ۽ ميلن مان ڪڍي کليل ميدان تي عوام اڳيان آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هن راڳ کي بلڪل نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو، نج عوامي انداز سان هن جڏهن ڳايو ته وڻ ئي وڄائي ڇڏيائين، لڳاتار جستجو ۽ جاکوڙ سان هنسنڌي موسيقي تي ڇانيل ٻاهرين ڇاپ کي ٿوري ئي وقت ۾ ختم ڪري ڳائڪي کي عوامي رنگ اوڍائي ڇڏيو ڏنو. مٿي تي سنڌي ٽوپ، قميص جون ٻيڙيون کليل، ڳچي ۾ سونو هار، ٻانهن ۾ راڊو واچ، چيچ ۾ سوني منڊي پائي، هڪ هٿ ۾ يڪتارو ٻئي هٿ ۾ چپڙي جهلي جڏهن درديلي آلاپ سان هو ڳائيندو هيو ته ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿيندو هيو. سندس آلاپ ۾ درد اڇلون کائي هر درد واري دل تان گذر ڪندو هيو، سندس مشهوري پويان درد ڀريل ڪلامن جو وڏو هٿ هيو جن کي هن وڏي سوز، درد ڀرئي آواز ۽ دل جي حضور سان ڳايو وڄايو. جلال چانڊئي پڄاڻان سنڌ جي اندر ڪوئي به اهڙو فنڪار پيدا نه ٿيو آهي جنهن جي آواز ۾ اهڙو درد سمايل هجي ۽ جيڪو هڪ ئي وقت هر طبقي جو مڃيل فنڪار هجي، راڳ سان محبوب جيان پريت جا پيچ پائيندڙ، سنڌي موسيقي جي ماٿي جي جهومر جلال چانڊئي سنڌي موسيقي تي اهڙي ڇاپ ڇڏي جيڪا صدين تائين جاري ساري رهندي.هن عوامي انداز سان ڳائي پنهنجي آواز کي پروان چاڙهي ڏيکاريو. سندس ڳائڪي جو انداز من لڀائيندڙ ۽ دل پرڀائيندڙ ۽ اندر جي ريشمي تارن کي ڇيريندڙ ثابت ٿيو ، يڪتارو، چپڙي هٿن ۾ جهلي جنهن انداز سان هن ڳايو تئين هن وقت تائين ڪنهن ڪون ڳايو آهي، اڻ پڙهيل، ڌنار ماڻهو کي ڳائڪي اهڙو ته مانائتو بنايو جو هو سنڌي موسيقي جو بي تاج بادشاهه بنجي جڳ مشهور ٿي ويو.