سکر بئراج جي مرمت، عملي يا ڪاغذي ڪم ؟

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

ھڪ رپورٽ  ۾ انڪشاف ڪيو ويو  آھي ته سکر بئراج جا سمورا دروازا 2018 کان خراب آھن، انھن جي مرمت  لاءِ آيل فنڊ  به لکت ۾ آڻي ھڙپ ڪيا ويا آھن. سکر بئراج جي ڪريل دروازن جي بابت جوڙيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ جي رپورٽ موجب انھيءَ عمل ۾ چيف انجنيئر سميت سمورو ماتحت عملو ملوث قرار ڏنل بئراج جي مرمت  لاءِ آيل پنجن سالن جي بجيٽ کي ڪاغذي ڪارروائي ڪري ھڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مقرر ڪيل ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ جي رپورٽن موجب 20 جون 2024 تي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 متاثر تي وقت ٻوڏ جو ڪو به مسئلو ڪونه ھو. ٽيڪنيڪل ڪاميٽيءَ جي رپورٽ موجب ان وقت سکر بئراج وٽان ھڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ھلي رھيو ھو.

ھنن خبرن  کانپوءِ جڏھن سنڌ جي درياھي نظام ۽ ان تي دارومدار رکندڙ زراعت ۽ ٻين شعبن کي سامھون رکي فڪر ڪيون ٿا ته انتھائي پريشانيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڇو ته سنڌ جو زرعي جياپو، مالوندي جياپو، انساني جياپو مٺي پاڻي  جي حوالي سان سمورو دارومدار سنڌو درياھه جي وھڪري ۽ جياپي تي آھي. ڇو ته سکر بئراج سنڌو درياءَ جي زرعي نظام  لاءِ هڪ حياتياتي رڳ برابر آهي، جنهن جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي آبپاشي جي سهولت ملي ٿي. 2018ع ۾، حڪومت طرفان بئراج جي مرمت ۽ ان جي دروازن جي بحاليءَ  لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي، پر ان رقم جي استعمال تي سوال اٿڻ شروع ٿيا آهن.

2018 کان پوءِ، مختلف رپورٽن موجب، مرمت  لاءِ مختص ڪيل ڪروڙين روپيا صرف ڪاغذن تي خرچ ڏيکاريا ويا، جڏهن ته عملي طور تي بئراج جي حالت ۾ ڪا به واضح بهتري نظر نه آئي.سرڪاري ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سبب پروجيڪٽس کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي بند ڪيو ويو، جڏهن ته مالي رپورٽون مڪمل خرچ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. دروازن جي مرمت  لاءِ گهريلو معيار جي بجاءِ گھٽ معيار جو سامان استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب ڪجهه مرمتي ڪم جلد ئي ناڪاره ٿي ويو.منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جون تاريخون بار بار ملتوي ڪيون ويون، جنهن سان سنڌ جي زراعت متاثر ٿي رهي آهي.

ڪيتريون ئي رپورٽون ان ڳالهه تي زور ڏين ٿيون ته اڪائونٽبلٽي ميڪينزم نه هجڻ سبب ڪامورا بنا ڪنهن ڊپ جي ڪرپشن ۾ ملوث آهن. مقامي ماڻهن ۽ زراعت تي ان جا سنگين اثر پڻ سامهون آيا آهن، شفافيت  لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آھي ان ڪري بجيٽ جي خرچ  لاءِ جديد ڊجيٽل پليٽ فارمز تي رپورٽنگ لازمي بڻائي وڃي.هر قدم تي سرڪاري منصوبي جي نگراني  لاءِ آزاد ۽ غير جانبدار ادارا مقرر ڪيا وڃن. علائقائي صورتحال کي سمجھڻ  لاءِ اتي جي عوامي شرڪت ضروري آھي. ان  لاءِمقامي آبادگار،انجنيئرز، ۽ سول سوسائٽي کي منصوبن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي ضرورتن کي سمجهي سگهجي.عوامي گڏجاڻين ۽ سماجي ميڊيا ذريعي احتساب جو مضبوط نظام قائم ڪيو وڃي.جيڪڏهن ضرورت پوڻ تي عالمي معيار مطابق مرمت جي ضرورت پوي ته اتي ،سکر بئراج جي مرمت  لاءِ عالمي ماهرن کان مشورو حاصل ڪيو وڃي.

اعليٰ معيار جي سامان ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ مسئلن کان بچي سگهجي.ان  لاءِ منصوبن جي وقتائتي تڪميل تي ضروري آھي.منصوبن جي وقتائتي تڪميل، منصوبن جي تڪميل نه ٿيڻ جي صورت ۾ مٿان ڪا به ڪميٽي مقرر ڪري ڪم جو درست استعمال ۽ وقت سر ٿيڻ ضروري آھي.هر منصوبي  لاءِ واضح وقت مقرر ڪيو وڃي ۽ دير ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن تي جرمانو لاڳو ڪيو وڃي،انھن جي سروس رولز ۾ پروموشن ۽ سينارٽي لسٽ کي ان دائري ڪرپشن وارو ھجي يا ستي ڪم ۾ سست روي وارو داخل ڪرڻ کپي.

عملدرآمد  لاءِ نگراني ۽ جاچ جو نظام مضبوط ڪيو وڃي.نتيجن سکر بئراج جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، مرمت جي بجيٽ جو صحيح استعمال نه رڳو حڪومت  لاءِ وقار جو مسئلو آهي، پر سنڌ جي زراعت ۽ معيشت  لاءِ حياتيءَ جو سوال پڻ آهي. جيڪڏهن ڪامورا ۽ ذميوار ادارا پنهنجون ذميواريون نڀائن ته نه رڳو بئراج جي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي، پر سنڌ جي زراعت پڻ پنهنجي پوئين اوج ڏانهن وڃي سگهي ٿي.وقت جي ضرورت آهي ته ڪرپشن جي خاتمي  لاءِ مضبوط قدم کنيا وڃن ۽ عوام جي اعتماد کي بحال ڪيو وڃي.

ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان جي ذميوار حڪمرانن ۽ پارلياماني ميمبرز ۽ خاص طور سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز کي کپي ته سنڌ جي درياھي نظام جي بھتري ۽ خاص طور تي آبپاشي نظام جي بھتري  لاءِ سنڌ جي سکر،گڊو ۽ ڪوٽري بئراج تي ٿيندڙ سروي، مرمتي ڪم ۽ انھن جي مستقبل واري صورتحال کي سامهون رکندي پارليامينٽ جو اجلاس سڏايو وڃي ته جيئن سنڌ جي معيشت ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ ھن درياھي نظام جي خرابيءَ جو ڪو تدارڪ ڪري سگهجي.

سنڌ جو جياپو زراعت تي آھي جڏھن ته شھري سنڌ جي آباديءَ کي مٺو پاڻي  به درياھي نظام مان ملي رھيو آھي..ھن وقت سکر بئراج جي خراب صورتحال  آهي گڊو بئراج جي به  ساڳي حالت آهي، جڏھن ته ڪوٽري بئراج تي ٿيندڙ مرمتي ڪم به رولڙي جو شڪار آھي.

سنڌ جي درياھي نظام ۽ ان تي دارومدار رکندڙ زراعت ۽ ٻين شعبن کي سامھون رکي فڪر ڪيون ٿا ته انتھائي پريشانيءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڇو ته سنڌ جو زرعي جياپو، مالوندي جياپو، انساني جياپو مٺي پاڻي  جي حوالي سان سمورو دارومدار سنڌو درياھه جي وھڪري ۽ جياپي تي آھي. ڇو ته سکر بئراج سنڌو درياءَ جي زرعي نظام  لاءِ هڪ حياتياتي رڳ برابر آهي، جنهن جي ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي آبپاشي جي سهولت ملي ٿي. 2018ع ۾، حڪومت طرفان بئراج جي مرمت ۽ ان جي دروازن جي بحاليءَ  لاءِ بجيٽ مختص ڪئي وئي، پر ان رقم جي استعمال تي سوال اٿڻ شروع ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.