اسان جو تعليمي نظام خواري ۽ رسائيءَ طرف وڃي رهيو آهي. اسان جي تعليمي معيار تي دنيا ٺٺوليون ڪري رهي آهي. سنڌ جي تعليمي نظام آڏو وڏيون وڏيون مشڪلاتون ۽ چيلينجز آهن. سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪوتاهين جو خود سيد سردار علي شاهه به اعتراف ڪري چڪو آهي. سنڌپبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ليڪچرارن توڙي ٻين کاتن ۾ ٿيندڙ ڀرتين ۾ به شفافيت تي هميشه سوال اٿندا رهيا آهن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل چالاڪ ۽ اڻ پڙهيل ڏاڍا هوشيار آهن. انهن جو هڪ پنهنجو قبلو ۽ طريقو هجي ٿو. سنڌ ۾ تعليم جي بحث تمام گهٽ ڄاڻائي ويندي آهي. آخرڪار ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ ۾ تعليم جي بجٽ تورڙي رکي وڃي ٿي؟ ان سوال جو جواب تعليمي کاتي جو ڌڻي ئي جواب ڏيئي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ اداري انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي هڪ رپورٽ 2022-2023 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2023 ۾ تعليم لاءِ GDP جو صرف 1.5 سيڪڙو رقم رکي ويئي ۽ اها بجٽ اشيا جي ملڪن جن ۾ ڀارت، پوٽان، مالديپ، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جهڙن ملڪن کان به پاڪستان ۾ تعليم لاءِ بجٽ تمام گهٽ رکي وڃي ٿي.
هاڻي اندازو لڳايو وڃي ته ايٽمي ملڪ ۾ تعليم سان اهڙي ويڌن ۽ ظلم هجي ته پوءِ ان ملڪ جو ترقي ڪرڻ ڪيترو نه اڳڀرو هوندو. حالانڪه يونيسڪو اسٽيٽيوٽ فار اسٽيٽڪس ۽ ٻين دنيا جي تنظيمن طرفان مقرر ڪيل جي ڊي پي جو 4.6 سيڪڙو گهٽ آهي. ۽ اها بجٽ 2 ڪروڙ 60 لک اسڪولن کان ٻاهر رهندڙ ٻارڙن ۽ گريڊ 8 تائين 38 سيڪڙو ڊراپ آئوٽ ريٽ جي چيلينجز سان مقابلو ڪرڻ لاءِ يقين طور تي ڄاڻي ٿو ته اها ناڪافي آهي.
هر نئين حڪومت اچڻ سان تعليم سان دلچسپي رکندڙن کي نوان خواب ڏيکارڻ لاءِ هڪ منفرد تعليمي پاليسي جو اعلان صادر فرمائيندي آهي. پر اهي به صرف اعلانن تائين ئي محدود هوندو آهي. سوال وري به ساڳيو اچي ٿو ته هن ملڪ جو آخرڪار ٿيندو ڇا؟
2009 ۾ اعلان ڪيو ويو ته تعليم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ جي ڊي پي 4 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو. يعني ڪيو ويندو ۽ بجٽ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. لفظ زمان ڀاڙي پر عمل ٿيندو ناهي. 2018 ۽ 2019 ۾ تعليم لاءِ بجٽ جي جو 2 سيڪڙو هئي. 2019 کان 2020 ۾ 1.9 سيڪڙو تائين جبل تان هيٺ اچي ڪري ڦهڪو ڪيو. 2020-21 جي بجٽ ۾ جي ڊي پي گهٽ سيڪڙو هئي. 2022 ۽ 2023 ۾ 1.5 سيڪڙو تائين اچي بريڪ ڏنو. هاڻي اندازو لڳايو ته تعليم لاءِ هميشه پريشان ڪندڙ معاملا سامهون ايندا رهن ٿا. سنڌ ۾ به تعليم سان ساڳي ويڌن آهن. سنڌ ۾ هر سال شاگردن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جيڪا هڪ خوشي واري ڳالهه آهي
شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آبادي وڌڻ ڪري تعليم جي بجٽ ۾ به اضافو ڪيو وڃي. دنيا جي ملڪن جو دارو مدار اڻپڙهيلن تي نه پر پڙهيلن تي آهي. 2019 ۽ 2020 ۾ ايجوڪيشن سيڪٽر ۾ بجٽ 13 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي 11 سيڪڙو رهجي وئي آهي. صوبن جي به تعليمي بجيٽ ۾ گهٽتائي آئي. پنجاب 20 سيڪڙو کان 13 سيڪڙو، سنڌ ۾ 18 سيڪڙو کان 16 سيڪڙو تائين، ڪي پي ڪي ۾ 27 سيڪڙو کان 25 سيڪڙو تائين ۽ بلوچستان ۾ 18 سيڪڙو کان 16 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي.
سنڌ ۾ 2022-23 ۾ 93 سيڪڙو بجٽ گهٽ استعمال ڪئي وئي ۽ پئسا واپس خزاني ۾ جمع ٿي ويا. 88 سيڪڙو تعيلمي بجيٽ Recurring خرچن اسٽڪچر، اسڪولن جي سهولت ۽ ڪتابن ۽ استادن جي تربيت به نظر انداز ٿي وڃي ٿي. غير تربيت يافته استاد اسڪولن ۾ مقرر آهن. انهن کي صرف مهيني جي پهرين تاريخ ۾ ڳڻتي هوندي آهي. صلاحيت جي تعمير هڪ حقيقي ضرورت هوندي آهي. اڪثر ڪري سيمينارن ۾ حڪومتي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ته بجٽ ناهي. رياست کي تعليمي جي واڌاري لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو.