هي منهنجي زندگيءَ جي پراڻي دور جو داستان آهي. دورن جو اچڻ ۽ گذري وڃڻ عجب جي ڳالهه نھ آهي. پر اسان سڀني جو گڏيل مسئلو ھي آهي ته اسان پنهنجا دور وساري ويندا آهيون.پنھنجي زندگيءَ جي وساري نھ سگھڻ جھڙي دور جو ھڪ قصو مان اوھان کي ٻڌائي رھيو آھيان. قدرت ڏاڍا ناياب سافٽ ويئر منھنجي ڀيڄي ۾ لڳائي ڇڏيا آهن. جيڪي دور منھنجي ڪم جا نھ ھوندا آھن.اھي دور مان وساري ويندو آھيان.پسند نھ ايندڙ دورن کي ڀلائڻ جي لاءِ مون کي ڪنھن قسم جي محنت نھ ٿي ڪرڻي پئي.
منھنجي زندگيءَ جو اھڙو دور جنھن مون کي نھ ڏک ڏنا، نھ سک ڏنا.مان وسري ويندو آھيان. ان ڪم لاءِ منهنجي ذھن ۾ خودڪار سافٽ ويئر لڳل آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اھڙو دور بھ آيو هو، جڏهن مان پنهنجي زندگي ڊاڪٽرن جي حڪمن ۽ صلاحن جي عين مطابق گذاري رهيو هوس. ڊاڪٽرن صاف طور تي چئي ڏنو ھو، تنھنجي مٿي ۾ پيل ڀيڄي جي حالت وڻڻ جوڳي نھ آھي.تو سياستدانن جون ايتريون تقريرون ٻڌيون آهن جو تنھنجي ڀيڄي ۾ خاصو خلل پئدا ٿي چڪو آھي.تون هاڻي ڪٿي جو بھ نه رھيو آهين.ڪنھن ڪم جو نھ رھيو آھين.مون اداس ٿي ڊاڪٽرن کان پڇيو ھو ، ڇا مان لاعلاج مرض جو شڪار ٿي چڪو آھيان ؟ ڊاڪٽرن خاصي ڳري في وٺڻ کانپوءِ ٻڌايو ھو . نھ سياستدان تقريرون ڪرڻ ڇڏيندا ۽ نھ تون سياستدانن جون تقريرون ٻڌڻ بند ڪندين. تنھنجي نفسيات گھاٽي جو سودو ڪيو آھي.تون پنهنجا آخري ايام پاگل خاني ۾ گذاريندين، يا وري دل جي ماھر ڊاڪٽرن جي نگھداشت ۾ پنهنجا آخري ڏينھن گذاريندين، ڊاڪٽرن ٺيڪ ئي چيو ھو. سياستدان نھ تقريرون ڪرڻ کان مڙيا ۽ نه ئي مان انھن جي دانشوراڻين تقريرن مان حڪمت جا موتي چونڊڻ کان باز آيس.نتيجو بلڪل ڊاڪٽرن جي تشخيص مطابق نڪتو.سياست جا بيش بھا موتي چونڊيندي چونڊيندي اڌ چري ٿي ويل قوم کي پاگل خاني موڪلڻ، امڪان کان ٻاھر ھو.
جيلن وانگر پاڪستاني پاگل خانا به چرين سان ڀرجي چڪا آھن.ڪيترائي مثال آهن. هڪ پاگل خاني ۾ڏهن چرين جي گنجائش هئي. اتي هڪ هزار چريا سٿيا پيا آهن.ڌڪ ڌڪان ۾ مون کي بھ ڪيترن ئي ننڍن وڏن پاگل خانن جو سير ڪرايو ويو. مون کي ڪٿي به جڳهه نه ملي. تشخيص جي ٻئي مرحلي ۾، مون کي دل جي ماهر ڊاڪٽرن جي حوالي ڪيو ويو. ظاهري ۽ باطني وجود جي چڱيءَ طرح جانچ جوچ ڪرڻ کان پوءِ، ڊاڪٽرن مون کي صلاح ڏيندي چيو ھو ، گھڻو بار وجھي ڇڏيو آھي تو ڪمزور دل جي مٿان. دل کي اجاڙي ڇڏيو اٿئي باقي رھيل زندگي توکي ڊوڙندي،ڀڄندي گذارڻي پوندي.
تڏھن کان مون ڀڄندي،ڊوڙندي پنهنجي قيمتي ۽ ناياب زندگي گذارڻ شروع ڪري ڇڏي ھئي.منهنجي زندگي کي چار چنڊ لڳڻ شروع ٿي ويا ھئا. اڃايل کي پاڻي پيارڻ جي لاءِ مان ڊوڙندو ويندو هوس ۽گلاس صاف سٿرو پاڻيءَ ڀري ڊوڙندو ايندو ھوس ۽ اُڃايل کي پاڻي پياريندو هوس. منهنجو اهو عمل ڏسندڙن کي گهڻو پسند ايندو ھو.منھنجي واھ واھ ٿي ويندي ھئي. ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهو مون کي درويش سمجهڻ لڳا، پر اھي نھ ڄاڻندا ھئا تھ ، مان درويش وغيره نه هوس. مان ڊاڪٽرن جي هدايتن ۽ صلاحن تي عمل ڪري رهيو هوس. مان درويش وغيره نه هئس. مان ڄائي ڄم کان ڪوڙو ھوس ۽ مان مرڻ دم تائين ڪوڙ ڳالهائيندو رھندس.
ڊاڪٽرن جي نصيحت تي انڪري بھ عمل ڪري رھيو ھوس ته جيئن ڪجھه وقت وڌيڪ زندھ رھي سگھان ۽ ھن ملڪ ۾ ڪوڙ جو بول بالا ڪندو رھان. ڊاڪٽرن وضاحت سان چئي ڇڏيو ھو ته جيستائين ڀڄندو، ڊوڙندو رهندس تيستائين جيئرو رهندس. زندهه رهڻ جو مزو خود بھ چکيندس ۽ ٻين کي بھ زندھ رھڻ جو مزو چکائيندس.اسلام آباد ۾ مون کي ڀڄڻ ڊوڙڻ لاءِ سڀ کان سٺي جاءِ مارگلھ جون پھاڙيون لڳنديون ھيون.مان مارگلھ جي ٽڪرين تي ڊوڙندو رھندو هوس. اتي مون کي ، مون جھڙا گھڻا ئي ماڻھو ڀڄندي ڊوڙندي ڏسڻ ۾ ايندا ھئا.
هڪ ڀيري اڌڙوٽ عمر جي ھڪ ٿلھي متاري شخص ڊوڙندي مون کان پڇيو ھو ، ڇا تون ڪنھن جي پٺيان لڳو آهين، يا ڪو تنھنجي پٺيان لڳو آهي، جو يڪو ڊوڙي رهيو آهين؟ ڊوڙندي مون جواب ڏنو، نه تھ ڪو منهنجي پٺيان لڳو آهي ۽ نه ئي مان ڪنهن جي پٺيان لڳو آهيان، ڊاڪٽرن جي حڪمن جي بجاآوري ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهيان، ٿلھي متاري شخص پڇيو ، ڇا چيو آھي ڊاڪٽرن توکي ؟ مون چيو، ڊاڪٽرن چيو آھي تھ جيستائين ڊوڙندو رھندين زندھ رھندين، ڊوڙڻ ڇڏي ڏيندين،فورن مري ويندين. تنهن کان پوءِ ٿلھو متارو شيخ ٽھڪ ڏيندو رھيو ۽ منھنجي ڀرسان ڪافي دير تائين ڊوڙندو رهيو. مون کي تعجب ٿيو، سچ ڄاڻو تھ مون کي ٿلھي متاري شخص جو اھڙي طرح کلڻ سٺو نھ لڳو.ھو مون کي بيھودو ماڻھو لڳو، مون پڇيو، ڊاڪٽرن جو باوا آدم آھين؟ هو اڃان زور شور سان کلڻ لڳو. کلندي کلندي ھن چيو، مون وٽ اھا شي آھي جيڪا تو وٽ نھ آھي.مون ھن کي دڙڪا ڏيندي چيو، ڏس، تون ماڻھو آھين ماڻھو ٿي رھھ، افلاطون ٿيڻ جي ڪوشش متان ڪرين. قدرت سڀني ماڻھن کي ساڳي مٽيءَ مان ٺاھيو آھي.جيڪو ڪجهھ تو وٽ آھي اھو مون وٽ آھي.تون جيڪڏھن ڪنھن سياستدان کي ووٽ ڏئي سگھين ٿو تھ مان بھ ڪنھن سڙيل وائڙي سياستدان سردار ۽ ان جي اولاد کي ووٽ ڏئي سگهان ٿو. اھڙي ڪھڙي شِي آھي جيڪا تو وٽ آھي ۽ مون وٽ نھ آھي؟ آسمان کي ڌوڏيندڙ ٽھڪ ڏيندي ٿلھي متاري شخص چيو تھ مون وٽ ڪامن سينس آهي،تو وٽ ڪامن سينس نھ آھي.
مون کي ڪاوڙ آئي ھئي، ڊوڙندي ۽ ڏند ڪرٽيندي، مون چيو ھو، ڏس، تون وري افلاطون ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين. تون مون کي پاڻ جھڙو احمق لڳين ٿو.اوچتو ٿلھو متارو ماڻھون ڊوڙندي ڊوڙندي بيھي رھيو.مان بھ ڊوڙندي ڊوڙندي رڪجي ويس.مون ٿلھي متاري شخص ڏانھن ڏٺو،ٿلھي متاري شخص چيو تھ تون ڊوڙندو رھھ، سمھندو رھھ. روئندو رھھ،کلندو رھھ، بھرحال ھڪ ڏينھن توکي مرڻو آھي.مان دنگ رھجي ويس. ٿلھو متارو ماڻھو خبر ناھي ڪٿي غائب ٿي ويو.هاڻي مان نوي سالن جي عمر جي چائنٺ تي بيٺو آھيان.نه هلي سگهان ٿو، نه ڊوڙي سگهان ٿو، نه روئي سگهان ٿو، ۽ نه کلي سگھان ٿو. پر جيئرو آهيان. ڪنهن گاگھھ کڙوس سردار کي ووٽ ڏئي سگهان ٿو.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)