بيدار ذهن، بيدار جعفريءَ جو وڇوڙو

تحرير: ياسر قاضي

سُڃاپرن جي عدم ڏانهن سفر جي تسلسلَ ۾ نيٺ، بيدار جعفري صاحب به اسانجي ڪچهرين مان ٽهڪَ ڏيندي، اسان سڀني جي مُکن تي مُرڪون وکيريندي، ڄڻ ته ڪا ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، روانو ٿي ويو ۽ ان سفر تي اُسهيو، جتان ڪوئي واپس ڪونهي آيو. هونئن ته ڊسمبر وڇوڙن جي مهيني طور مشهور آهي، پر هن نئين سال جي مُنڍ ۾ ئي، 6 جنوريءَ جو صبح سندس وڇوڙي جي دُکدائڪ خبرَ ساڻ کڻي آيو ۽ هو مُحبتي ماڻهو اوچتو اسان کان موڪلائي ويو. سائين بيدار جعفري، پنهنجي نالي وانگر بيدار هو… اسمِ با مُسمّع هو… پنهنجي سماجَ جي  سوُرن جي حوالي سان بيدار… روشن ذهن نؤجوانن جي اندر موجُود پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت جي جذبي جي ڏس ۾ بيدار… اکرن جي اُنسَ جي مدَ ۾ بيدار… اظهار جي اندازَ ۾ بيدار… مطلب ته هُو اُنَ قومَ جو بيدار فرد هو، جنهن تي سُتل ۽ سست هجڻ ۽ مرده پرستيءَ جا الزام عام جام لڳندا رهن ٿا.

اصل نالو ــ ديدار علي… پر قلم ۽ صحافت جي دنيا ۾ ’بيدار جعفريءَ‘ جي نالي سان سُڃاتو ويو. منهنجو اندازو آهي ته هن پنهنجي اصل نالي ”دِيدار“ سان ملندڙ جُلندڙ قلمي نالو رکڻ جي سعيي سان پنهنجو تخلص ”بيدار“ چُونڊيو هوندو. (جيتوڻيڪ ”دِيدار“ زير وارو قافيو آهي ۽ ”بيدار“ بنا حرڪتَ وارو)… جي هُو ڪُل وقتي شاعر هجي ها ته شيرل باڊاهيءَ جي طرز تي ”بيدار باڊاهي“ نالو ڏاڍو ٺهيس ها… ڄائو 2 جنوري 1966ع تي… مُهين جي دڙي جي پاڙي ۾… باڊهه شهر ۾… ۽ هِن عارضي جهان مان هجرت ڪيائين ڪالهَه… يعني 6 جنوري 2025ع تي… 59 سالن جي ڄمارَ ۾… ڪيڏو عجيب اتفاق آهي ته سندس جنم ڏينهن ۽ سندس مرتيي جِي تاريخ ۾ رڳو 3 ڏينهن جِي وِٿي… يعني هاڻي هر سال سندس جنم ڏينهن ۽ ورسيءَ جا ڏهاڙا گڏ گڏ ايندا.

سندس سُڃاڻپَ هڪ صحافيءَ، هڪ مقرر ۽ خطِيبَ، هڪ قلمڪار ۽ هڪ معتبر استاد طور ٿي، جنهن جِي رهنمائيءَ مان سندس ڪئين شاگردَ شعور جُون شمعون روشن ڪري، عملي ميدان ۾ سماجَ سڌارڻ جي ڪرت ۾ رُڌل آهن. هو پاڻ به هڪ سماجي ڪارڪن هو. بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي نؤجوانن جي همت افزائي ڪري، ڳوٺن مان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي نؤجوانن کي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ نه رڳو اچڻ، هتي روزگار ڪري پنهنجا پيرَ ڄمائڻ جي ترغيب ڏيندڙ ۽ اتساهيندڙ شخص هو، بلڪه ان ڏس ۾ اڻ ڳڻين نؤجوانن جِي عملي مدد ڪرڻ لاءِ به اڳ کان اڳڀرو هوندو هو. انهن جي رهائش جي انتظام لاءِ جايُن، جڳهن ۽ رهائش جي حوالي سان ڪنهن کي مدد جي ضرورت هوندي هئي، ته هو پاڻ شخصي ضمانت به پيش ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو. سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جا باصلاحيت نؤجوانَ اسانجي مک شهرن جي مالڪيءَ لاءِ جَھجھي تعداد ۾ اُتي اچن ۽ پنهنجن وسيلن مان وَڌ ۾ وَڌ استفادو ڪن.

بيدار صاحب لکڻ پڙهڻ وانگر، پنهنجي ر وزگار جي ابتدائي ڏينهن کان ئي تدريس جي شعبي سان واڳجي، ايندڙ نسلن جي ذهنن ۾ اُجالا اوتڻ جي ڪرت جو آغاز ڪري ڇڏيو هو، پر اردو ادب ۾ ماسٽرس ڪرڻ کانپوءِ 1992ع ۾ باقاعدي طور 17هين گريڊ جي ڪاليج ليڪچرار جِي پوسٽ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين، جنهن ۾ نمايان نمبرن سان سوڀ ماڻي، 1993ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار طور پير پاتائين ۽ 8 اپريل 1993ع تي ڪاليج جو استاد بڻيو. 18 نومبر 2009ع تي اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي ترقي ماڻي ڪجھه عرصي پُڄاڻان ايسوسيئيٽ پروفيسر بڻيو. هُو هيو ته اردوءَ جو استاد، پر هن پنهنجيءَ مهارت سبب ڪن ڪاليجن ۾ ضرورت آهر مختلف وقتن تي سنڌيءَ جو مضمون به پاڙهيو. هو ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ علم جُون ڏياٽيُون روشن ڪندو رهيو. 2019ع ۾ نبي باغ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پنهنجيون تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ کانپوءِ کيس گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج درساڻو ڇنو ملير ڪراچيءَ ۾ تعينات ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي ملير جي هن ڏُورانهين ماڳَ ۾ پنهنجي ڪرت انجام ڏيڻ دؤران ئي جڏهن گلشنِ حديد ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي نئين ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو ته اتي بيدار صاحب کي انچارج پرنسپل ڪري عارضي پوسٽنگ ڏني وئي. (يعني هُو تعينات ته درساڻي ڇني ڪاليج ۾ ئي هو، پر پنهنجيُون عارضي خدمتون گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، گلشنِ حديد ڪراچيءَ جي سربراهه طور انجام ڏيندو رهيو) ۽ پنهنجي رٽائرمينٽ کان 361 ڏينهن اڳ پنهنجي سروس دؤران ئي راهِه رباني وٺي ويو.

صحافت جي سفر جو بنيادي سطح تي آغاز ته بيدار صاحب پنهنجي ڳوٺ باڊهه کان ئي ڪري ڇڏيو هو، پر عملي صحافت جي شروعات هن حيدرآباد مان نڪرندڙ روزاني ”سنڌُو“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور خدمتون انجام ڏيڻ سان ڪئي. ننڍپڻ کان ئي قلمي شناسائي کيس اخباري ڊيسڪ تي پنهنجيون مهارتون برُوئي ڪار آڻڻ ۾ ڪم آئي ۽ صحافتي دنيا کيس جلدي پنهنجو ڪري ورتو. ستت ئي ڪراچيءَ اچڻ بعد هن روزاني ”سچ“ اخبار سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ان کانپوءِ هُو هڪ طويل عرصو روزاني ”عوامي آواز“ جي ڊيسڪ سان سب ايڊيٽر ۽ سينيئر سب ايڊيٽر طور واڳيل رهيو. جنهن دؤران هن مختلف وقتن تي مختلف اخبارن جي ادارتي صفحي لاءِ مضمون به لکيا. سندس تحريرن جو محور ۽ مرڪز، اهلُبيتِ رسُول جي حُبَ ۽ شهدائي ڪربلا جي محبت هو. جن موضوعن تي بيدار صاحب جو قلم پنهنجي ڀرپور قدرت سان گوهر افشاني ڪندو هو . سندس اهڙا موضوع، سندس مضمونن جي صورت ۾ انهن ٽنهي اخبارن جي زينت بڻبا رهيا. جيڪڏهن بيدار صاحب پنهنجي ان قلمي قدرت کي همه جهت انداز ۾ عالمگير موضوعن، حالاتِ حاضره توڙي عالمي منظرنامن تي تبصرن لاءِ استعمال ڪري ها، ته سندس پڙهندڙن جو حلقو يقيناً اڃا وسيع هجي ها! بيدار صاحب شعر به چوندو هو، سندس شعر جو مُک موضوع به نبيءَ جي خانوادي جي سِڪَ ۽ عقيدت ئي رهيو. کيس سنڌيءَ توڙي اردو ٻنهي ۾ لکڻ تي قدرت حاصل هئي. هو ٻنهي ٻولين ۾ ان مهارت سان لکندو هو، ڄڻ ٻئي سندس ماءُ ــ ٻوليُون هجن. قلمي تصنيفن جي لحاظ کان پنهنجي شهرَ باڊَهِه بابت جعفري صاحب ’باڊهه بوند بھار‘ نالي ڪتاب پڻ لکيو ۽ ڇپايو، جيڪو هن شهر بابت ڇپيل چند اشاعتن منجھان هڪ آهي. هن ويجھڙ ۾ ڪراچيءَ ۾ باڊهه سان تعلق رکندڙ دوستن کي ميڙڻ، گڏ ڪرڻ ۽ انهن سڀني کي تنظيم سازيءَ جي مالها ۾ پوئڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ باڊاهيُن لاءِ پهرين ”باڊهه ٽرسٽ فورم“ ۽ پوءِ ”باڊهه ڊولپمينٽ سوسائٽيءَ“ جو پايو وڌائين. جيڪا سوسائٽي سماجي ڪمن ۾ سرگرميءَ سان باڊهه واسين جي خدمت ۾ مصروف آهي. هُو قلمي اظهار ۾ جيترو سرگرم هو، ان کان وڌيڪ ادبي توڙي مذهبي ميڙاڪن ۾ شرڪت جي حوالي سان مُستعد هو. ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين ڏانءَ ۽ ڏاهپ جي ڳالهه جتي به ٿيندي ۽ کيس سِڪَ سان سَڏيو ويندو هو ته ڀيرو ضرور ڀريندو هو.

بيدار صاحب ڪچهريءَ جو مور هو… اخباري ڊيسڪ تي جڏهن شام جي وقت خبرن جِي وَٺ وٺان ۽ ڪاپي ڊائون ٿيڻ لاءِ ايمرجنسي نافذ ٿيل هوندي هئي، اهڙي صورتحال مان به لمحا چورائي هُو ڳالهين ڳالهين ۾ زيرِ لب اهڙي ڳالهه چئي ويندو هو، جو سڀني جي مُک تي مُرڪَ اچي ويندي هئي. شام جي وقت، ڊيسڪ جي حالت ”سنگين“ ٿيڻ کان اڳ ته ڪم ڪار ڪندي به بيدار صاحب جي ڪري ڊيسڪ تي ڪچهري مَتِي پئي هوندي هئي ۽ اسٽاف جا ٽهڪَ سُورڳواسي مَدن ڀائيءَ جي ”رسيپشن ڊيسڪ“ کان ٻاهر تائين پيا ٻُڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ پَتو پوندو هو ته ”ڊيسڪ بيدار آهي…“ ۽ واقعي لڳندو هو ته ”سنڌُ مُرڪي پئي…“

اڄُ ’بيدارَ‘ جي وڃڻ سان سنڌ جِي اها مُرڪَ کسجِي وئي ۽ اڄُ هُو دائمي درد بيدار ڪري، پاڻ هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو. شل مورڙي جي شهرَ ٻاهران ”واديءَ حسين“ ۾ ابدي ننڊ سُمهندڙ ’بيدارَ‘ جو رُوح سدائين واديءَ عافيت ۾ هجي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.