ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ ڏينهن جي وقت آسمان صاف ۽ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته وقفي وقفي سان تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي موجب اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 38.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته سڀاڻي کان گرمي جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي.
آچر تي گرمي پد 40 ۽ سومر تي 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
You might also like