ڪارپوريٽ فارمنگ سان زراعت جو  ڍانچو تباھ ۽ ھاري بي دخل ٿي ويندا

تحرير: مبصر

پاڪستان جئين تھ ھڪ زرعي ملڪ آھي، ٻين شعبن جيان ملڪ جو زرعي شعبو پڻ پٺتي پيل آھي، ان ڪري ملڪ جي اشرافيھ  جيڪا ھر دور ۾ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رھندي آھي، ان زراعت ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ جدت مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ زمين دنيا جي زراعت سان لاڳاپيل ڪمپنين ۽ ٻين ملڪن کي ٺيڪي يا ليز تي ڏيڻ ۽ ان مان وڌيڪ ناڻي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

ھڪڙو خيال ھي آھي تھ ملڪ ۾ ڪافي اھڙي زمين آھي جيڪا پوکي سگھجي ٿي پر اھا پوکي نھ پئي وڃي.جنھن ڪري اھا زمين ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي پر حقيقت ھي آھي تھ ان سان اڳي ئي ڪم ڪندڙ مقامي ڍانچي کي ناس ڪندي، لکين ھارين، آبادگارن، ننڍن زميندارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي.

پاڪستان ۾ زرعي زمين ليز تي ڏيڻ لاءِ سعودي حڪومت ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بورڊ وچ ۾ رابطا اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ٺهندڙ قانون موجب ٿيا ھئا. چئي سگھجي ٿو تھ اھو تصور پھرين مشرف جي حڪمراني واري دور ۾ آيو ھو.ان وقت جوڙيل قانون موجب حڪومت ڪنهن به ملڪ، پرڏيهي فرد يا ڪمپني کي ملڪ جي چئني صوبن ۾ لامحدود زرعي زمين آسان شرطن ۽ پرڪشش مراعتن تي استعمال لاءِ ليز تي ڏئي سگھجي ٿي اھا زمين وڪرو ڪري بھ ڏئي سگھجي ٿي.

پاڪستان حڪومت کي اهو اختيار 2002 جي ڪارپوريٽ فارمنگ ايڪٽ ذريعي حاصل ٿيو ھو، جنهن تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ  اھڙي پاليسي بھ تيار  ڪئي وئي ھئي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران جاري ڪيل ان قانون تحت خوراڪ ۽ زراعت واري وزارت انويسٽمينٽ بورڊ ذريعي ملڪ جي چئني صوبن ۾ 91 لک هيڪٽرن جي پوک لائق  زمين جي نشاندهي ڪئي ھئي، جيڪا اڃا تائين پوکيءَ هيٺ نه آئي ھئي.  ان مان 48 لک هيڪٽرز بلوچستان جي قلات، ڪوئيٽا، نصيرآباد ۽ مڪران ڊويزنن ۾ ھئي. پنجاب ۾ هيءَ زمين ڊيره غازي خان، بهاولپور، راولپنڊي ۽ لاهور ۾، سنڌ صوبي ۾ اھا حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ھئي. جڏهن ته سرحد صوبي جي ضلعن  ڊيره اسماعيل خان، هزاره ۽ ڪوهاٽ ۾ اھري زمين جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي.

ڪارپوريٽ فارمنگ کي زرعي ڪاروبار يا صنعتي فارمنگ پڻ چيو ويندو آهي، زراعت جو هڪ اهڙو نظام آهي جتي وڏيون ڪارپوريشنون يا تنظيمون وڏي پيماني تي زرعي صنعت  جي پيداوار ۾ لڪم ڪنديون آهن. زراعت جي هن طريقي ۾ زمين، مشينري، ٽيڪنالاجي ۽ انساني وسيلن ۾ وڏي سيڙپڪاري شامل آهي، جنهن جو مقصد زرعي عمل ۾ ڪارڪردگي، پيداوار ۽ منافعي کي وڌائڻ آهي.

پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جو تعارف ملڪ جي زرعي منظرنامي ۾ هڪ اهم تبديلي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ وڏي پيماني تي زرعي سرگرميون شامل آهن، جنھن سان مقامي آبادگار ۽ هاري پھرين ڌڪ ۾ متاثر ٿيندا.

بين الاقوامي مثال موجود آھن. جنھن موجب نيدرلينڊ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪاميابيءَ سان انهن جي زرعي عملن ۾ ضم ٿي وئي آهي، جنھن سان فائدو ٿيو آھي پر ان جي لاءِ سخت قانون جوڙڻ جي گھرج آھي، اسان وٽ جئين تھ ٻين قانونن تي عمل نٿو ٿئي ان ڪري ان جي فائد بدران نقصان ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ رھي ٿو.

ڪارپوريٽ فارمنگ کي قومي ۽ بين الاقوامي سپلاءِ چين  سان ضم ڪرڻ ان جي ڪاميابي لاءِ هڪ اهم قدم آهي، جنهن لاءِ مشينري، انپٽس ۽ ٽيڪنيڪل ماهرن تائين قابل اعتماد رسائي جي ضرورت آهي. بهرحال، اهو صرف لاجسٽڪ بابت نه آهي، اهو ضروري آهي ته زراعت جي شعبي جي نقطه نظر کي تبديل ڪرڻ لاءِ صرف خوراڪ مهيا ڪرڻ کان وٺي اقتصادي ترقي جي انجڻ تائين ھي تبديلي  اڳي ئي موجود زرعي نظام کي  متاثر ڪري سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ ڪارپوريٽ فارمنگ اسٽيڪ هولڊرز ۽ زرعي ترقي لاءِ امڪاني فائدا  ٻڌائي ٿي.پر ان سان زمين جي ورڇ ۽ برابري واري فائدن بابت خدشن کي دور ڪرڻ جو پاسو اوجھل آھي. ممڪن آھي ڪارپوريٽ فارمنگ پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ پنهنجي حقيقي صلاحيت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪنجي ھجي پر ان بابت خدشا گھڻا آھن.

ڪارپوريٽ فارمنگ زراعت جي امڪاني منفي اثرن ۾ ننڍن هارين جي امڪاني بي گھر ٿيڻ ۽ چراگاهن ۽ چوپائي مال جي هارين لاءِ چراگاهن  ختم ٿيڻ شامل آھن. ان کان علاوه کاڌي پيتي جي شين جي اگهن وڌڻ  جو خدشو آهي، جنهن سان عام ماڻھون ۽ ٻھراڙي جو عوام گھڻو متاثر ٿيندو.ساڳي ريت وڏي پئماني تي زراعت جا امڪاني ماحولياتي اثر پوڻ لازمي آهن، جهڙوڪ پاڻي جي استعمال ۾ اضافو ۽ مٽي جي تباهي، مستقبل ۾ زمين جي ناس ٿيڻ جھڙا  نقصان ٿيندا.

برازيل ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ سان ٻيلن جي تباهي ٿي وئي ۽ مقامي ماڻھن کي بي گھرڻ ٿيڻو پيو.

پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ زميندارن جي نئين طبقي کي پئدا ڪندو.مقامي ماڻهن کي زمين کان ڌار ڪيو ويندو.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي هارين ۽ هارين جي زمينن تي قبضي جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي.

عارف والا ۾ محمد نگر سيڊ فارم ۽ اهڙا سوين فارم ۽ زمينون  آھن جن کي انگريزن ننچي کنڊ  جي مختلف علائقن مان هارين کي گهرائي آباد ڪرايون يا هارين جي زمينن تي قبضو ڪري کين هارين (ابادڪندڙ) جو درجو ڏنو ويو . اھي هاري ۽ ننڍا آبادگاراتي 100 سالن کان وڌيڪ وقت کان ڪم ڪري رھيا آھن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن جون زمينون پنجاب سيڊ ڪارپوريشن ۽ فوج جي قبضي ۾ ڏنيون ويون ۽ تڏھن کان اتي ھارين کي لٽيو ڦريو پيو وڃي. پاڪستان انگريزن کان آزاديءَ جي نالي تي ٺاهيو ويو پر اهو صرف چند اشرافيه، فوج ۽ زميندارن لاءِ آھي. هاري، آبادگار، مزدور ۽ عام ماڻهو اتي چڻ غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. جڏهن به حڪومت ۽ بيوروڪريسي چاھي انھن  هارين کي سندن زمينن تان بيدخل ڪري ڇڏيندي.

اهو ڪم ڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي تھ  ڪڏهن ريئل اسٽيٽ جي نالي تي ۽ ڪڏهن ملڪي ترقيءَ جي نالي تي ڪيو پيو وڃي. سڄو پاڪستان ۽ هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڪنهن لاءِ ڪيو پيو وڃي. ننڍن هارين ۽  ابادگارن جي زندگين کي تباهه ڪري ان مان فائدو ورتو ويندو اھو ڪير وٺندو؟ اھو بھ ڪنھن کان لڪيل نھ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.