سنڌو درياهه انور پيرزادو جي سار لهندي گذري ويندو

تحرير: ذوالفقار راجپر

سنڌو تهذيب جو ماءُ ۽ پيءُ سنڌو درياهه هر دؤر ۾ سنڌ دشمن طاقتن جي اک جو ڪنڊو رهيو آهي  ان سنڌو درياهه بادشاھ جي هنج ۾ ان انور پيرزادو جنم ورتو، جنهن اٽڪ کان ڪوٽڙي ۽ ڪيٽي بندر تائين پنهنجي ليکڪ سنگتين سان گڏجي ٻيڙي ۾ لاهين چاڙهين واري سفر جو اعزاز حاصل ڪري پاڻ کي پينگهه ۾ ستل ٻار وانگر ۽ ميدانن تي ڊوڙ لڳائيندڙ جوانن ۽ جنگ جي طبل جي پڙاڏن ۾ جوڌو بڻجي گهوڙي تي سنڌو درياهه جي حفاظت ڪندڙ سپهه سالار بڻجي ۽ تاريخ نويس بڻجي ان تي قلم کنيو.

سنڌو درياهه  مستي موجن، بي لغام گهوڙي سوار ۽ خاموشي واري فڪر ۾ گذري ويندو هو پر ٻلهڙيجي ۾ پنهنجن لهرن جي ناچ ۾ نوان خيال کڻي سماجي، رسم رواجن ۽ چالو اخلاقي قدرن کي لوڙهي نئين دور جي قصن ڪهاڻين، پهاڪن جي جاءِ تي روس، جرمني، چين ويٽنام۽ يورپ جي جديد انقلابي سائنسي پورهيت فلسفي، ادب کي درياهه ڪناري، ٻلهڙيجي جي ڪچن ميدانن ۽ گهرن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندڙ ٻارڙن ، اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين عورتن ۽ ڪچهرين ۾ ويٺل مردن جي دل ۽ دماغ ۾ جديد دور جا ٻج ڇٽي وري واپس ٿيندو رهيو آهي.

درياهه جي ڀڪ مهين جي دڙي جي تهذيب جي سٻنڌ جي اهڙي نرالي دنيا ۾ هڪڙو انور پيرزادو به پيدا ٿيو، جنهن ٻلهڙيجي جي ڳوٺ مان نڪري مهين جي دڙي جي تهذيبي گهٽين ۾ رلندي اسٽوپا تي چڙهي اتي بيهندي بيهندي سموري دنيا جي سياست، ادب ۽ شاھ لطيف جي بيتن ۽ سرن کي دل ۾ سمائي ڳوٺ مان نڪري پيو هو . انور پيرزادو هڪ خوشنصيب انسان هو، جنهن کي هن جي خاص جاگرافيائي ۽ سنگت جي ماحول هن جي شخصي تربيت ۽ تبديلي ۾ ڪردار ادا ڪيو، پر هتي اها ڳالهه نوٽ ڪئي وڃي ته هن جي شخصيت ۾ ۽ هٿ ۾ هڪ اهڙي ته ڇيڻي هئي، جنهن وسيلي انور پيرزادو پنهنجو پاڻ کي به تراشيندو رهيو ۽ پنهنجو هڪ اهڙو قداور مجسمو تيار ڪيو، جنهن شاھ لطيف جي پارکو کان وٺي هاري مزدور سياست، صحافت، ادب، سيلاني سياح، تحقيق، جيل ياترائن، شاعريءَ وغيره کان وٺي سنڌ جي ماڳن مڪانن سان محبت ۽ انهن جي زبون حالت تي ڳڻتي ۾ هلندو رهيو ، مهين جي بادشاهه جي ڀر ۾ وڍجندڙ ٻيلن تي احتجاج ۽ نفرت جا شعلا کڻي سکر جيل کان وٺي ڪراچي جي انگريزي ۽ سنڌي صحافت ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي هئي.

انور صاحب جي ٻي اهم خوبي اھا به هئي ته جنهن سنگتراش ڇيڙيءَ سان هن پنهنجو پاڻ کي منفرد نموني تراشيو هو، تيئن هن پنهنجي عمر کان وڏن، هم عصر، نوجوانن، ٻارن، عورتن ۽ پنهنجي اولاد کي به سماجي ادبي طور تراشڻ جي ڪوشش ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. قد ڪاٺ، علم ادب ۾ تمام گهڻو اڳتي رهندڙ انور پيرزادي پنهنجي پويان تراشيل هر عمر جي ساٿين جو هڪ ولر ڇڏي ويو آهي، جيڪو کيس ورسي تي خاص طور هن جي سار لهي ٿو، جنهن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار هن جي اولاد ۽ خاندان وارا لهندا رهن ٿا، جيڪو سلسلو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين جاري رهندو.

انور صاحب جيئن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مسئلن تي گهربل موٽ نه ملڻ تي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرڻ لاءِ روائتي کاٻي ڌر جي نسلي ٽولي کان ڪناره ڪشي ڪندي پنهنجي دل ۾ ويٺل لطيف جي سورمين جي قصن جي آڌار ۽ مهين جي دڙي جي تهذيبي دز ۽ سنڌو درياهه مٿان چوڏهين جي چنڊ جي روشني ۽ سياري جي راتين ۾ مچ ڪچهرين جي شعلن جي تپش تي پنهنجو سنڌ دوست رستو اختيار ڪيو هو، تيئن هو سنڌو درياهه جي لهرن جي جهمر روڪڻ واري رياستي سازش خلاف به اٿي آمريت خلاف ڪيل جدوجهد ۾ درياهه بادشاھ کي سڪائڻ وارين سازشون ڪندڙ مقامي ۽ ڌارين خلاف هلندڙ جدوجهد جي قافلي جي اڳين صفن ۾ پنهنجي قلم ۽ جسم سميت نروار ٿي بيهي رهي ها. اهائي ته انور پيرزادو جي ويڙهه ۽ ظلم خلاف مزاحمت ڪرڻ سندس فخر لائق سڃاڻپ به هئي. جڏهن جڏھن سنڌ ڪنهن تڪليف جي ور حوالي ٿيندي ته انور پيرزادو جي سار جي وڌيڪ ضرورت پيش ايندي رهندي ۽ سنڌو درياهه جهومندو ڪڏندو جڏھن به مهين جي دڙو ۽ ٻلهڙيجي وٽان گذرندو ته کيس انور پيرزادي جي سار ستائيندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.