حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جون ڳالھيون ڪامياب ٿين يا ناڪام ٿين، پر گذريل اڍائي سالن جو عرصو بدترين ناقص حڪمراني طور ظاھر ٿي رھيو آھي.موجود سياسي منظرنامي جو گھرائي سان جائزو ورتو وڃي تھ ان ڳالھھ جا چٽا نشان ملن ٿا تھ گذريل سال فيبروري ۾ ڌانڌلي وارين چونڊن ۾ موجوده حڪومت کي مينڊيٽ حاصل نھ ھو، ان باوجود مصنوعي طريقي سان مڙھيل حڪومت مان ڪارڪردگيءَ جي توقع ڪئي وئي ۽ اھا اھڙي ڪنھن توقع تي پوري لھڻ ۾ ناڪام رھي.کيس عالمي محاذ تي بھ ناڪامي کي منھن ڏيڻو پيو،انھن سببن ڪري ھن حڪومت جي پڄاڻي جو وقت ويجھو اچي پھتو آھي.عام تاثر بھ اھو ئي آھي تھ پردي جي پٺيان ڪنھن نئين عبوري حڪومت جو رستو صاف ڪيو پيو وڃي.
اقتدار ۾ ويٺل ھاڻوڪي حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعتن جي عوامي حمايت کان روزبروز محرومي جي ڪري پاڪستان جو سياسي ۽ معاشي بحران وڌيڪ وڌي سگھي ٿو.اقتدار ۾ ويٺل اتحادي جماعتن مان بحران کي ختم ڪرڻ جي اميد ڪرڻ عقل ۽ سمجهھ جي ابتڙ ھوندي،مصنوعي نظام کي برقرار رکڻ جي ڪوشش وڌيڪ مونجھارن جو سبب بڻجندي.نتيجا وڌيڪ خرابي پئدا ڪندا ۽ حڪمرانن کي وڏن خطرن کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، پاڪستان کي بنگلاديش جي شيخ حسينھ واجد يا افغانستان جي اشرف غني جي اقتدار جي پڄاڻي جھڙي صورتحال کان بچڻو پوندو.انھن ملڪن ۾ حڪمران جماعت جي ماڻھن کي ملڪ مان ڀڄڻ جي لاءِ جھاز تائين پھچڻ جي لاءِ بھ حياتيءَ جو خطرو پئدا ٿي ويو ھو.
پي ٽي آءِ ۽ عمران خان خلاف قدم کڻڻ سان عمران خان لڳاتار طاقتور ٿي رھيو آھي،سڄي دنيا جا اھم ملڪ ۽ دوست بھ پاڪستان کان پري ٿي رھيا آھن،ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب رڳو 2024 ۾ ھڪ ڪروڙ 30 لک ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ اچي ويا آھن.اھڙي ريت مجموعي طور تي ساڍا 6 ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ اچي چڪا آھن،جيڪا انتھائي خطرناڪ ۽ نقصان ڏيندڙ صورتحال آھي،پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ گھڻيون رڪاوٽون آھن.26 نومبر تي اسلام آباد ۾ فائرنگ جي واقعن تي مسلسل پردي وجھڻ واري سرڪاري موقف کي عالمي سطح تي ڪوڙ تصور ڪرڻ جي ڪري ھر طرف معاشي پابندين جو خطرو آھي.ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستانين پاران شڪايتن جو سلسلو وڌي رھيو آھي ۽ مختلف حڪومتن کي اھي شڪايتون پھچايون پيون وڃن،
حڪمران جماعتون عوامي مينڊيٽ کان محروم آھن،عمران خان کي جيل ۾ رکڻ سان حڪومت کي فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿي رھيو آھي،اپريل 2022 کان پي ٽي آءِ جي خلاف جاري ھر ھڪ ڪارروائي جو منفي اثر ٿيو آھي. ان جو نتيجو اھو پيو نڪري تھ عمران خان جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي،9 اپريل 2022 تي جڏھن عمران خان وزارت اعظميٰ کان ٻاھر ٿيو تھ چونڊن ڪرائڻ کان پاسو ڪندي حڪومت بدترين غلطي ڪئي ھئي.ان بعد عمران خان ۽ سندس جماعت تي غيرضروري دٻاءَ وڌائڻ ۽ ان تي قاتلاڻي حملي ۽ سياسي سطح تي پي ٽي آءِ جي مقابلي ڪرڻ بدران رڳو انتظاميھ جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف کي چٿڻ جي حڪمت عملي سان حڪمران سياسي جماعتون غيرمقبول ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف مقبول ٿيندي وئي،جنھن جو چٽو مثال 8 فيبروري جون چونڊون آھن،جنھن ۾ رات 12 وڳي تائين پاڪستان تحريڪ انصاف ڳري اڪثريت سان کٽي رھي ھئي، اوچتو نتيجا روڪيا ويا ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي ۽ پرزائڊنگ آفيسرن ۽ مختلف جماعتن جي پولنگ ايجنٽن کي دستخط ٿيل 45 فارم جي نتيجن بدران تبديل ٿيل نتيجن جو اعلان 9 ۽ 10 فيبروري تائين جاري رھيو،جنھن کي سڄي دنيا جي ميڊيا ڌانڌلي قرار ڏنو.پي ٽي آءِ موجب انھن جي جماعت ٻھ ڀاڱي ٽي اڪثريت سان کٽي چڪي ھئي.
8 فيبروي جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ تي اڻ اعلانيل بندش وڌي وئي ھئي، بيٽ جو چونڊ نشان انھن وٽ نھ ھو،انھن کي واڱڻ،چمٽو، کٽ ۽ ٻيا عجيب غريب نشان ڏنا ويا ھئا ۽ عمران خان کي مجموعي طور تي 24 سالن کان وڌيڪ عرصي جي سزا ٻڌائي وئي ھئي،پي ٽي آءِ جي چونڊ مھم بھ نھ ھلائڻ ڏني وئي ھئي.سوشل ميڊيا ۽ ڳجھي نموني گھر گھر مھم ھلائي ڪري سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، عمران خان کي جيل ۾ ڊگھي عرصي تائين رکڻ، کيس آزاد ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پريشاني ۽ نقصان جو سبب بڻجي رھيو آھي.عمران خان کي بھ فوري آزادي سان دلچسپيءَ نھ آھي.عمران خان جي خواھش آھي تھ اڳ ۾ پارٽي جي ڪارڪنن کي آزادي ملڻ گھرجي ۽ ھوءَ پنھنجي آزادي عدالتي حڪمنامي جي ذريعي چاھي ٿو.عمران خان جيل جي سختين کي ڄمي ڪري برداشت ڪيو آھي ۽ آئين ۽ قانون جي پنھنجي موقف تي قائم آھي.جنھن ڪري ھن ھڪ اھڙو اعليٰ مقام حاصل ڪري ورتو آھي، جيڪو ملڪ جي ڪنھن به عھدي کان مٿي آھي.ھو آزاد نھ بھ ٿيو تھ وڌيڪ بلند مقام حاصل ڪندو. فيصلي سازن ھن جي ساک ۽ عالمي سطح جي مقبوليت مان فائدو نھ ورتو تھ اھو ھڪ قومي الميو ھوندو،ھن کي جيل ۾ رکي يا ھن کي ڦاھي ڏئي ڪري ڪو نقصان نھ ٿو پھچائي سگھجي.البتھ ھر گذرندڙ ڏينھن اقتدار ۾ ويٺل جماعتن کي عوامي حمايت کان محروم ڪندو رھندو.پاڪستان جي ڪنھن بھ شخصيت جي لاءِ اعليٰ سطح تي اھڙي تعريف گفتگو آمريڪا ۾ بھ ڪڏھن نھ ڪئي وئي جيڪا عمران خان جي لاءِ ڪئي وئي آھي.
پاڪستان ۾ ھڪ مصنوعي جمھوري عمل کي جاري رکڻ سان عام ماڻھو جو جمھوريت،جمھوري ادارن ۽ انتظاميھ تان اعتماد ختم ٿي ويندو ۽ انتھا پسند تنظيمون ان موقعي مان فائدو حاصل ڪري نوجوانن کي پاڻ طرف راغب ڪري دھشتگردي جو رستو صاف ڪنديون.جنھن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي ڍانچي کي وڏو نقصان رسندو.ملڪ ۾ رڳو صاف سٿري جمھوري ماحول سان انتھاپسندن ۽ دھشتگردن جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. صاف سٿري ،شفاف ۽ جھوري ماحول ۾ انتھا پسند ۽ دھشتگردن کي عوام خود ئي شڪست ڏئي سگھي ٿو.عوامي حمايت بنا حڪومت ھوا ۾ ٽنگيل رھي ٿي.موجوده صورتحال ۾ ملڪ لڳاتار زوال جو شڪار ٿي رھيو آھي، پارليامينٽ کي مينڊيٽ حاصل نھ آھي،عدليھ جي آزادي تي سڄي دنيا جا قانوندان ۽ گڏيل قومن جو اعتراض سڀني جي سامھون آھن.اتظاميھ پاڻ کي سمورن ضابطن ۽ قانونن کان آجو ڪري ورتو آھي. دنيا جي ماھرن سٺي حڪمراني جي لاءِ جيڪي رھنما اصول مقرر ڪيا آھن، اسان جو نظام ان جي بلڪل ابتڙ آھي.پاڪستان کي تباھي جي رستي کان ھٽائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.
فيصلو ڪندڙن ۽ انھن جي ساٿاري مبصرن جي جاري روش کي ترڪ ڪري ملڪ کي وڏي نقصان کان بچائڻو پوندو،جيتري قدر عمران خان جو تعلق آھي ان جي آزاديءَ کانسواءِ حڪومت وٽ ڪو ٻيو رستو نھ آھي،عمران خان جيل ۾ رھي ڪري غيرمحفوظ طريقي سان حڪمران سياسي جماعتن جي گھيري رھيو آھي، في الحال حڪمران جماعتن کي شايد اڃان اھو احساس نھ آھي، ان جو احساس ان وقت ٿيندو جڏھن اھو اندر ئي اندر ٻرندڙ آتش فشان ڦاٽي پوندو.