ڪالهه سوشل ميڊيا تي باڊهه ڄائي نامياري صحافي، ليکڪ ۽ پروفيسر بيدار جعفري جي دل تڪليف سبب فوتگي جي خبر سڪتو طاري ڪري ڇڏيو. ڪمهلي وڇوڙي جي اڀاڳي خبر کان پوءِ دل جي سوڳوار ڪينواس تي سائين جي بيشمار يادن اچي ديرا ڄمايا ۽ يقين ئي نه پيو اچي ته بيدار جعفري هاڻ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو.
بيدار جعفري سنڌ جو هڪ جاکوڙي ايماندار صحافي، استاد ۽ سماج سيوڪ هيو هن جون باڊهه کان ڪراچي ملير تائين لازوال صحافتي، سماجي، ديني، توڻي علمي، ادبي خدمتون رهيون جيڪو تاريخ جو روشن باب آهن منهنجو ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ ادا امداد نوناري جو بيدار جعفري سان نيازمندي ۽ ادب احترام وارو تعلق باڊهه کان ئي هيو جڏهن سائين باڊهه ۾ صحافت جا بنياد رکيا هئا اسين ان وقت پڙهندا هئاسين ۽ پوءِ جڏهن استاد ٿيو ته وڌيڪ ويجهڙائي ٿي ۽ پوءِ سائين جي رهنمائي ۾ مختلف اسڪولن ۾ وڃي تقريري مقابلا ڪري کٽي ايندا هئاسين.
بيدار جعفري پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ پنج تن پاڪ سميت اهلبيت سان نهايت عقيدت رکندڙ هئا پاڻ گهڻ رخي شخصيت ۽ سماج کي اتساهه ڏيندڙ هو هن باڊهه کان صحافت جي شروعات ڪئي جنهن دوران باڊهه بوند بهار جهڙو بهترين مخزن شايع ڪيو ۽ وري جڏهن ڪراچي ملير آيا تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي عادت کيس خاموش ٿي ويهڻ نه ڏنو پاڻ مختلف فورمن تي ماڻهن جي سماجي ۽ علمي خدمتن لاءِ پتوڙيندا رهيا ۽ ادبي تحقيق جو ڪم ڪيو بيدار جي ڪراچي ۾ به رهنمائي ۽ رابطو رهيو هر لمحي شفيق استاد ۽ والد جيان سهسين محبتون ۽ شفقتون ڏيندا رهيا خاص طور تي اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۽ تقريبن ۾ ملاقات جو سلسلو سرس رهيو.
تازو باڊهه واسين جي خدمتن لاءِ باڊهه ٽرسٽ فورم ۽ هاڻ باڊهه ڊولپمينٽ سوسائٽي جو پنهنجي دوستن سان گڏجي بنياد رکيو جيڪا سوسائٽي سماجي ڪمن ۾ سرگرم آهي سائين بيدار سان لاڏاڻي کان چار ڏهاڙا اڳ به سندس سالگرهه جي موقعي تي دعا سلام ٿي پاڻ مفيد صلاحون ڏنيون ۽ مون کي ليڪچرار ٿيڻ جون کوڙ ساريون واڌايون ڏنيون سائين بيدار آخري پساهن تائين لطيف جي هنن سٽن جيان رهيو ته
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.