پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي ڌر ۾ ٿيندڙ ڳالھيون

تحرير:خدا بخش بروھي

ھڪ پاسي پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي ڌر ۾ ڳالھيون ھلن پيون ته ٻئي پاسي 9 مئي ۽ 26 نومبر واري احتجاج ۾ ملوث ماڻھن کي معافيون ۽ ضمانتون ملي رھيون آھن، جيئن گذريل ڏينھن 9 مئي 2023ع  جي واقعن ۾ ملوث قرار ڏنل 19 ماڻهن جي سزا ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جي مطابق فوجي عدالتن کان سزا ماڻيندڙ انهن ماڻهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو پيو وڃي ان کان اڳ ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ننھن چوٽي زور لڳائي رھيا آھن ته جيئن تڪراري مسئلن کي ختم ڪري عمران خان سميت سڀني پارٽي ليڊرن مٿان داخل ڪيسن مان نجات حاصل ڪري پارٽي کي ري ٽريڪ ڪيون.

گذريل ڏينھن پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آھي ته  ايندڙ سومر6 ڊسمبر تي جيڪڏھن  عمران خان کي سزا اچي به وئي تڏھن به ڳالھيون جا دور جاري رھندا  جڏھن  گھڻن  ماڻھن جو خيال ھو شايد انھن 19 ماڻھن کي آزادي ملي آھي ٻين کي  شايد نه ملي سگھي اتي  آءِ ايس پي آر جي پڌرائي کي ڏسنداسين ان  مطابق نه فقط اھي 19 ماڻھو آزادي نه ٿي  سگھيا آھن پر ان کان سواءِ ٻيا سڀ سزا يافته ماڻهو به اپيل ڪرڻ ۽ آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪرڻ جا مجاز آهن جيئن سندن سزا ختم ٿئي، ڏٺو وڃي ته 9 مئي جي واقعن تي سزا ماڻيندڙ ڪل 67 ماڻهن فوجي عدالتن جي فيصلن خلاف رحم ۽ معافي لاءِ درخواستون داخل ڪيون ھيون جن مان 48 درخواستون قانوني نظرثاني لاءِ "ڪورٽس آف اپيل” ڏانهن موڪليون ويون، جڏهن ته 19 ماڻهن کي خالص انساني بنيادن تي قانون مطابق معاف ڪيو ويو جڏھن ته رحم جي ٻين درخواستن تي به مقرر مدي ۾ قانون مطابق فيصلو ڪيو ويندو.

آءِ ايس پي آر  جو اھو به  چوڻ آهي ته  سزا ۾ معافي اسان جي منصفانه قانوني نظام ۽ انصاف جي عمل جي مضبوط بنيادن جو ثبوت آهي. هي نظام همدردي ۽ رحم جي اصولن کي نظر ۾ رکندي انصاف کي يقيني بڻائي ٿو. ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ به انساني همدردي جي بنياد تي 20 ماڻهن جي آزادي جو حڪم ڏنو ويو هو. فوجي عدالتن مان سزا ماڻيندڙ جن 19 ماڻهن کي معافي ڏني وئي آهي، جن  کي عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ ملڪ گير احتجاج دوران فوجي تنصيبات کي نقصان پهچائڻ تي گرفتار ڪري، ٻن سالن جي سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر فوجي عدالتن کان سزا ماڻيندڙ 19 ماڻهن جي معافي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 19 ماڻهن لاءِ معافي جو اعلان ڪا وڏي اڳڀرائي ناهي. ھو گذريل ڏينھن  قومي اسيمبلي پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪل 67 ماڻهن درخواستون ڏنيون هيون، جن مان رڳو 19 ماڻهن کي معافي ملي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  تحريڪ انصاف فوجي عدالتن ۾ سول ماڻهن خلاف ڪيس هلائڻ جي مخالفت ڪري ٿي ۽ اسان جو موقف آهي ته ڪنهن به غيرفوجي ماڻهو خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس نه هلڻ گهرجي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب به ساڳي راءِ اختيار ڪئي آھي  ته ڪنهن به سول شخص کي فوجي حراست ۾ رکڻ يا فوجي عدالت مان سزا ڏيڻ غير آئيني آهي.

پر اصولي طور تي جڏهن تحريڪ انصاف اقتدار ۾ هئي ۽ فوجي قيادت سان گڏ هجڻ تي فخر ڪندي هئي، ته ان وقت تحريڪ انصاف جي قيادت فوجي عدالتن ۾ سول ماڻهن خلاف ڪيس هلائڻ جي حمايت ڪئي هئي. تنهن ڪري، 19 ماڻهن جي معافي ۽ آزادي جي فيصلي کي مثبت قدم طور تسليم ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي انهن حالتن ۾ جڏهن حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. ان معافي جو اعلان به ان ڏينهن ڪيو ويو، جڏهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٻئي مرحلي تي ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتيون.

ساڳي طرح دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اسلام آباد جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ جي 26 نومبر واري احتجاج تي داخل ٿيل 13 ڪيسن ۾ 250 جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون منظور ڪيون، آھن جڏهن ته 150 جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون خارج ڪيون. جوابدارن خلاف بني گالا، ڪوھسار، شھزاد ٽائون، نون، آبپاره، آءِ نائين، مارگلا، سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهن.

تفصيل مطابق، ٿاڻي بني گالا جي ڪيس ۾ 18 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون ٿاڻي ڪوھسار جي ڪيس نمبر 1033 ۾ جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون خارج ٿيون. ٿاڻي ڪوھسار جي ڪيس نمبر 1032 ۾ 43 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون ۽ هڪ جوابدار جي درخواست خارج ڪئي وئي ٿاڻي شھزاد ٽائون جي ڪيس ۾ 9 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون. ٿاڻي نون جي ڪيس ۾ 17 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون ۽ هڪ جوابدار جي درخواست خارج ٿي وئي. ٿاڻي آبپاره جي ڪيس نمبر 1022 ۾ 70 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون، جڏهن ته 25 جوابدارن جون درخواستون خارج ڪيون ويون. ٿاڻي آءِ نائين جي ڪيس ۾ 30 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون. ٿاڻي مارگلا جي ڪيس ۾ 13 جوابدارن جون ضمانتون منظور ٿيون ۽ 2 جوابدارن جون درخواستون خارج ڪيون ويون. ٿاڻي سيڪريٽريٽ جي ٻن ڪيسن ۾ 120 جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون خارج ٿيون ۽ 10 جوابدارن کي ضمانت ملي.

مبصرن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ٻيو مرحلو پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جامع هو ۽ ان ۾ وڏين پارلياماني پارٽين جي نمائندگي به موجود هئي. بيان موجب تحريڪ انصاف 09 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ ۽ عمران خان سميت سڀني قيدين جي آزادي جا مطالبا پيش ڪيا آھن  ممڪن  آهي ته  ايندڙ مرحلا وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ هجن ۽ سياسي بحرانن جي خاتمي لاءِ مددگار ثابت ٿين  تنهن ڪري ٻنهي ڌرين کي گهرجي ته ڳالهين دوران لچڪ ڏيکارين ۽ کليل دل سان اڳتي وڌن، ساڳي وقت پي ٽي آءِ کي به گھرجي احتجاجن ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏھن مسئلا حل ٿين ٿا ان کي اھميت ڏيڻ گھرجي ته جيئن  ملڪ کي نقصان کان بچائي سگھجي ساڳي وقت جيئن ملڪ ۾ سياسي، معاشي، تعليمي ۽ اقتصادي استحڪام جي راهه ھموار ڪري سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.