ڏکن سکن خوشين غمين سان سال 2024 دنيا سميت سنڌ ڌرتي تي به پنهنجا ڪيئي اڻ مٽ نشان ڇڏي پڄاڻي تي پهچي ويو آھي، جنهن کان پوءِ نين اميدن سان نئين سال جي شروعات ٿي چڪي آھي پر اسان ڪڏهن ان ڳالھ تي غور ڪيو آھي ته اسان جيڪي اميدون هر ايندڙ سال ۾ رکندا آھيون ڇا اهي اميدون اهو سال پوريون ڪندو آھي يا انهن اميدن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ اسان جو به ڪو ڪردار هوندو آھي، جيڪڏهن ان ۾ اسان جو به ڪو ڪردار هوندو آھي ته ڇا اسان اهو ڪردار ڪڏهن ان طرح نڀايو به آھي جيئن نڀائڻ کپي يا رڳو ڀلا نڀائڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي، شايد ان ۾ اڌ کان وڌيڪ اسان جو جواب نهڪر ۾ ئي ايندو ڇو ته اسان رڳو اميدون رکڻ جا عادي بنجي جيئندڙ بظاهر زنده پر هڪ قسم جا ڄڻ ته مرده انسان بنجي چڪا آھيون، اسان رڳو اميد رکي سگهون ٿا پر ان اميد سان گڏ جستجو ڪري پنهنجي خوابن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪو ڪردار ادا ئي ناهي ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي اميدن جي پوري ٿيڻ کان اڳ سال پورو ٿيو وڃي ۽ اسين وري ساڳي ماني ساڳ سان، واري مثال وانگر وري نئين سال ۾ نئين طرح ٻيھر اميد رکڻ جا عادي بنجي دنيا اندر اميدن جي هڪ قيد خاني ۾ زندگي بسر ڪري سڀ ڪجهه قسمت تي ڇڏي ٿا ڏيون.
اسان ڪڏهن به ويندڙ سال کان پوءِ پنهنجو احتساب ڪيو ئي ناهي، نه ئي ڪڏهن ان تي ڪا پشيماني ٿي آھي، بس اهو چوندا آھيون ته خير آھي سال ويو ته ڇاهي وري ايندڙ سال ڏسنداسين، ڇا اسان ايندڙ سال جيئرا هونداسين به سھي جو اهو ڏسنداسين جيڪو اسان چاهيون ٿا، ڇا اسان جي زندگي جي ڪا گارنٽي آھي ته اسان ڪيترا سال جيئنداسين، اسان کي ته اڳئين پل جي به خبر ناهي هوندي ته ايندڙ اڳئين پل ۾ اسان هونداسين به الائي نه، يا ايندڙ لمحي ڇا ٿيڻ وارو آھي، پر پوءِ دل کي ڪوڙو ڏڍ ڏئي چونداسين ته اميدن تي دنيا قائم آھي، بس ايندڙ سال سڀ ڪجهه ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن اسان پنهنجو احتساب ڪريون ۽ اميدن تي سال مٿان سال وڃائڻ بدران محنت جستجو ۽ پختگي سان ذھني صلاحيتن جو استعمال ڪريون ته يقينن اسان ڪڏهن به مايوس نه ٿينداسين، تڏهن ته سياڻن سچ چيو آھي ته جيڪو سڀاڻي ڪرڻو آھي اهو اڄ ڪريون، جيڪو اڄ ڪرڻو آھي اهو هاڻي ئي ڪريون.
سو هاڻ سڀ کان اڳ اسان کي اهو ڪرڻو آھي ته سڀ کان اڳ گذري ويل سال کي ياد ڪري پاڻ ئي پنهنجو احتساب ڪريون ته جيڪو ڪجهه اسان کي گذريل سال ۾ ملڻو هو اهو ڇو نه ملي سگهيو؟ اسان پوئين سال ۾ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃائي آيا آھيون؟ يقينن اگر پنهنجو احتساب ڪنداسين ته گهڻن سوالن جا جواب اسان کي پنهنجي اندر مان پاڻ ئي ملي ويندا پر ڪاش ان تي رڳو هڪ ڀيرو به عمل ڪري ڏسون، بس رڳو اسان ٿورڙو سوچيون ته گذريل سال ۾ اسان روزگار لاءِ پريشان ڇو رهياسين، قرضن ۾ ڇو جڪڙيل رهياسين، بيمارين ۾ ڇو لوڙيوسين، برساتن ۾ دربدر ڇو ٿياسين، ڪنهن وڏيري جي چاپلوسي ڇو ڪئيسين، اسان تي ڪوڙا ڪيس ڇو داخل ٿيا، اسان جا ڳڀرو نوجوان پوليس جي گولين اسان کان ڇو ڇنا، اسان جي نياڻين تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڇو ڪئي وئي، اسان جي شھرن ۾ اسان کي لاوارث ڇو ڪيو ويو، اسان کي پنهنجا حق ڇو ڪونه مليا، يا سماجي طرح اسان کي اهو مان مرتبو ڇو نه ملي سگهيو جنهن جا حقدار هئاسين، ان کان علاه اسان بنا سبب گهمڻ ڦرڻ ۾ پنهنجي توانائي ڇو برباد ڪئي، پنهنجن پراون کان ڇو ڪاوڙيل رهياسين، ڪنهن جي لاءِ ڪو ڀلائي جو ڪم ڇو نه ڪري سگهياسين، يا ان طرح جا ڪيئي مثال آھن جن تي انسان پاڻ ئي پنهنجو احتساب ڪري سگهي ٿو.
ان ڪري اسان کي هڪ ڀيرو اهو سوچڻ گهرجي ته اسان گذريل سال ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃائي نئين سال ۾ آيا آھيون اسان اڳئين سال وانگر هن سال ۾ به ڇو ساڳيون اميدون رکي هن سال ۾ پير پاتو آھي ڇا اسان گذريل سال ٿورو به ويچاريون ها ۽ پنهنجي ڪا هڪ اڌ پراڻي اميد پوري ڪري وٺون ها ته ڇا هن سال ڪنهن نئين اميد سان نئين سال ۾ داخل نه ٿيون ها؟ اسان آخر ڇو هر ويندڙ سال ۾ رکيل ساڳي اميد وري ايندڙ سال رکندا آھيون ڇو نٿا پاڻ کي بدلايون ڇو نٿا دنيا جي ترقي تي نظر ڦيرائي اسان به ڪو رسڪ کڻي اڳتي وڌون، اهي ڪھڙا سبب آھن جيڪي اسان کي اسان جون اميدون پوريون ڪرڻ نٿا ڏين، ان ڪري اچو ته هن سال ۾ هڪ عهد ڪريون ته گذري ويل سال ۾ اميدون پوريون نه ٿيڻ تي پنهنجي پاڻ جو احتساب ڪري اڳتي وڌي هن سال ۾ ڪجهه نه ڪجهه نئون ضرور ڪنداسين، ڀل ٿورو ئي ڪريون پر ڪجهه نه ڪجهه پنڌ ضرور ڪنداسين، هڪ يا ٻن سالن ۾ حاصلات کڻي نه ئي سھي پر وکون کڻندا رهنداسين، نيٺ ته منزل تي پهچنداسين پنهنجي ڏکن جو ازالو ڪنداسين، بيروزگاري کي مات ڏينداسين، پنهنجي اولاد کي تعليم ۽ تربيت سان گڏ ڪو نه ڪو هنر به سيکارينداسين ته جيئن هو به بيوس ۽ محتاجي واري زندگي نه گذارين، هو به اسان وانگر صرف اميدن ۾ پنهنجي زندگي برباد نه ڪن، ان ڪري گهڻو نه ته خدارا ٿورڙو ضرور سوچجو ته نئين سال ۾ داخل ته ٿي ويا آھيون پر پراڻي سال ۾ اسان ڇا وڃائي آيا آھيون.