نئين سال جي موقعي تي آمريڪا ۾ مختلف ھنڌن تي ٽي تشدد جا واقعا پيش آيا ھئا.جن مان ھڪ جا وڌيڪ تفصيل سامھون آيا آھن. جيڪو لاس ويگاس بابت آھي.جتي ٽرمپ ھوٽل ٻاھران ڌماڪو ٿيو ھو. ياد رھي تھ ٻين ٻن واقعن مان ھڪ نيو اورلينس ۾ پيش آيو، جتي هڪ ٽرڪ ڊرائيور نئين سال ملھائڻ لاءِ ھڪ گھٽي ۾ گڏ ٿيل ماڻھن مٿان ٽرڪ چاڙھي ڇڏي ھئي.جنھن ۾15 ڄڻا مارجي ويا.آمريڪي اختيارين نيو اورلينس ۽ لاس ويگاس جي واقعن سان لاڳاپيل جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي ۽ دهشتگردي جي امڪان بابت بھ جاچ شروع ڪئي آهي. شروعاتي مرحلي تي آمريڪا جي لڳاپيل ادارن دھشتگردي جي امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته لاس ويگاس ۾ ٽرمپ هوٽل جي ٻاهران ڌماڪو سان تباھ ٿيندڙ ٽيسلا سائبر ٽرڪ هلائيندڙ شخص آمريڪي اسپيشل فورسز جو حاضر سروس سپاهي هو ۽ ڌماڪي کان اڳ ھن پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي ھئي.لاس ويگاس پوليس ڪولوراڊو اسپرنگس جي 37 سالن جي ميٿيو ايلن لائيولسبرگر جي سڃاڻپ گاڏي جي ڊرائيور طور ڪئي آھي.اھا گاڏي ھن 800 ڪلوميٽر پري کان ڀاڙي تي کنئي ھئي ۽ ڌماڪي واري صبح نيواڊا جي هڪ هوٽل ڏانهن روانو ٿيو ھو.ڪلارڪ ڪائونٽي ڪورونر جي آفيس موجب، لائيو لسبرگر خودڪشي ڪئي ھئي.
نئين سال جي موقعي تي ٻارڻ ( تيل وغيره) جي ڪنسترن ۽ آتشي مواد سان ڀريل گاڏي جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا. جن کي معمولي زخم رسيا ھئا.پوليس جو چوڻ آهي ته لائيو لسبرگر اربع جي صبح هڪ سائبر ٽرڪ ۾ شهر ۾ داخل ٿيو. هوٽل جي سامهون شيشي واري داخلي دروازي ويجهو پارڪنگ کان پوءِ گاڏي مان دونھون نڪرڻ شروع ٿيو ۽ ان بعد ڌماڪو ٿيو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته سائبر ٽرڪ هجڻ سبب ڌماڪي جو اثر آس پاس بدران آسمان طرف مٿي ٿيو. ان ڪري هوٽل جا دروازا ۽ ونڊوز جا شيشا نھ ٽٽا.اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي اڃا تائين واقعي جي پويان سبب معلوم نه ڪري سگهيا آهن.اختيارين موجب جاچ ڪندڙن سڙيل گاڏي مان، فوجي سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ، ٻه نيم خودڪار پستول، آتش بازي جو سامان، هڪ آءِ فون، هڪ اسمارٽ واچ ۽ ڪيترائي ڪريڊٽ ڪارڊ هٿ ڪيا آهن.
خميس ڏينھن ھٿ ڪيل لاش گاڏي ۾سڙي ويو هو، سڃاڻپ کان ٻاهر ۽ مٿي تي بندوق جي گولي جو زخم هو.ڊرائيور جي باقيات مان ٻه ٽيٽو مليا آهن جيڪي لائيولسبرگر سان ملندڙ جلندڙ آھن.ھن شخص 28 ڊسمبر تي ڊينور کان سائبر ٽرڪ ڀاڙي تي ورتي ھئي.پوليس تصويرن جي مدد سان ھن جي سفر بابت معلومات حاصل ڪئي آھي.جاچ جاري آھي.لاس ويگاس حملي ۽ نيو اورلينس ۾ ٽرڪ حملي ۾ ملوث جوابدارن ۾ ڪجھھ هڪجهڙائي ضرور آهي، پر انھن جو پاڻ ۾تعلق ناهي.
ٻئي ڏوھاري اتر ڪيرولائنا جي شھر فورٽ برگ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، پر انهن جو ڪو به رڪارڊ ناهي ته اھي ساڳئي يونٽ ۾ ڪم ڪندا رهيا ھجن يا ساڳئي وقت ۾ اتي موجود ھئا.انهن ٻنهي 2009 ۾ افغانستان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون هيون پر ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته اهي هڪ ئي علائقي يا يونٽ ۾ هئا.ٻنھي ڄڻن واقعن ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون ڀاڙي تي ورتيون ھيون.
سائبر ٽرڪ جي ڊرائيور لائيو لسبرگر کي آمريڪي فوج جو ڪئين ڏهاڪن جو تجربو هو ۽ھن فوج ۽ نيشنل گارڊ ٻنهي ۾ خدمتون انجام ڏنيون ھيون. هو اسپيشل فورسز انٽيليجنس سارجنٽ هو.جرمني ۾ بھ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو پر واقعي وقت موڪل تي هو.لائيولسبرگر ، جي پيءُ بي بي سي، کي ٻڌايو ته هن جو پٽ ڪولوراڊو ۾ پنهنجي زال ۽ اٺن مهينن جي ڌيءَ سان ملڻ آيو ھو.هن چيو ته آخري ڀيرو هن ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پٽ سان ڳالهايو هو ۽ سڀ ڪجهه عام لڳي رهيو هو.