چيني چوڻي آهي ته ڪتاب جيب ۾ رکيل هڪ سهڻي باغ جي مثل آهي، ڪتاب خاموش ۽ ذهين انسان جيان، غيب جي دنيا ۽ علم جون دريون کوليندو آهي. هڪ انگريز دانشور ۽ اديب فرانزڪافڪا هڪ ڀيري چيو هو ته ڪتابن کان سواءِ جيئن روح کان بغير جسم هوندو آهي. جيڪڏهن تاريخ تي اسين ٿوري نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي ته ڪتابن هميشه انسان جي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتاب تجسس کي اڀاريندو آهي. انسان کي سوچڻ جو چيلينج ڏيندو آهي. ۽ سکڻ لاءِ استاد جيئن ڪو سفر ۾ ساٿي هجي جو ڪم ڏيندو آهي. دانشور گوئٽي علم کي تاحيات جستجو کي تسليم ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي پڙهڻ سکڻ، پرائڻ گهرجي. بلڪه ڪتابن جو مطالعو به ڪرڻ گهرجي. هڪ اهڙو هنر جنهن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ زندگي بسر ٿي ويندي آهي. ايتري قدر جو عظيم ترين دماغ به صحيح معنيٰ ۽ دانائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو آهي.
انگريز دانشور نوواليس چيو هو ته اسين ماضيءَ ۽ حال جي ديوتائن سان گڏ آزاد نموني ڳالهه ٻولهه ڪري سگهون ٿا. گذريل نسلن جي حڪمت ڪتابن ۾ آهي. هڪ جرمني چوڻي آهي ته ڪتاب هڪ پيالي نما هوندا آهن. جنهن کان اسان کي پيئڻ سکڻ گهرجي. پڙهڻ هڪ اعليٰ شربت جي تعريف ڪرڻ مانند آهي. پڙهڻ صرف هڪ فڪري مشق ناهي. هي دماغ کي کاڌو کارائي ٿو. ڪتاب پڙهڻ سان ماڻهو جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، ۽ عقلي دليل پيدا ڪرڻ ۾ اضافو ڪندو آهي.
جيڪي ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا اهي عقل ۽ بصيرت سان گڏ زندگي جي لاهن چاڙهن کي حل ڪري وٺندا آهن. هڪ ڪتاب هڪ وفادار دوست جيان اڪيلائپ ۾ سڪون ۽ فرحت بخشيندو آهي. انگريز دانشور ٿامس ڪيمپس چيو ته جڏهن آءٌ دعا گهران ٿو ته خدا پاڪ سان ڳالهايان ٿو. پر جڏهن آءٌ پڙهان ٿو ته خدا مون سان ڳالهائي ٿو. اهڙي طرح جين پال چيو ته ڪتاب اهڙو آهي ڄڻ توهان ڪنهن دوست کي ڊگهو خط لکندا هجو. گو ٿولڊ ليسنگ هڪ دانشمندي سان چيو هو ته دنيا ئي ڪنهن به انسان کي مڪمل انسان نٿي بڻائي سگهي.
توهان کي هڪ بهترين انسان بڻجڻ لاءِ توهان کي بهترين ليکڪن جي لکڻين کي پڙهڻ گهرجي. پڙهڻ سان انسان زندگي جي باري ۾ ڊگهي سمجهه پيدا ٿيندي آهي. ڪتاب سائنس ۽ فلسفي کا ويندي تاريخ، مذهب ۽ ادب تائين وسيع پيماني تائين مضمونن جو حد بندي ڪندو آهي. مثال طور سائنس جا ڪتاب جديد ايجادون ۽ دريافتن جي عجوبن کي ظاهر ڪندا آهن. وري جيڪي ماڻهو سائنس پڙهندا آهن اهي بدلجندڙ دنيا جي باري ۾ باخبر رهندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته دريافتون مستقبل جي جوڙجڪ ڪيئن ڪنديون آهن؟ سائنس ڪائنات جي باري ۾ انسان جي سمجهه کي وسعت ڏني آهي. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو انهن جي غير روايتي نظرين سبب رد ڪري ڇڏيو هو. پوءِ به انهن جي حڪمت اڄ به دنيا ۾ برقرار آهي. ادبي ۽ مذهبي ڪتاب انساني جذبن ۽ اخلاق جي بصيرت جو سبق ڏين ٿا. ڪتاب اهو خزانو آهي جيڪو ماڻهو جي ذهن کي وسعت بخشي ٿو.
اڄ جي نوجوانن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هو ڪتاب گهر جو چڪر ضرور لڳائين ۽ پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪن. نوجوان ادب طرف اچن.ڇاڪاڻ ته ڪتاب پڙهڻ سان ماڻهو جون صلاحيتون وڌنديون آهن.
توهان کي هڪ بهترين انسان بڻجڻ لاءِ توهان کي بهترين ليکڪن جي لکڻين کي پڙهڻ گهرجي. پڙهڻ سان انسان زندگي جي باري ۾ ڊگهي سمجهه پيدا ٿيندي آهي. ڪتاب سائنس ۽ فلسفي کا ويندي تاريخ، مذهب ۽ ادب تائين وسيع پيماني تائين مضمونن جو حد بندي ڪندو آهي. مثال طور سائنس جا ڪتاب جديد ايجادون ۽ دريافتن جي عجوبن کي ظاهر ڪندا آهن. وري جيڪي ماڻهو سائنس پڙهندا آهن اهي بدلجندڙ دنيا جي باري ۾ باخبر رهندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته دريافتون مستقبل جي جوڙجڪ ڪيئن ڪنديون آهن؟