ڪينسر جو خطرو، شراب جي بوتلن ۾ نواڻ جي تجويز!

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي جي سرجن جنرل شراب کي هر قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا ڪرڻ جي خطرن جي نشاندهي ڪئي آهي.

هن چيو آهي ته شراب تقريبن هر قسم جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ اهڙي آگاهي ۽ وارننگ ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته خطرن جا ثبوت سامهون اچي چُڪا آهن، شراب ڪينسر جو سبب بڻجي رهيو آهي جنهن ڳالهه جي آمريڪي عوام کي خبر ناهي، سرجن جنرل هجڻ جي حيثيت سان منهنجي اها ذميواري آهي ته مان عوام کي ان بابت ٻڌايان.

سرجن جنرل تجويز ڏني ته شراب جي بوتلن تي وارننگ ليبلز لڳايا وڃن.

اهڙي سفارش تي عمل ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس جي منظوري ضروري آهي.

آمريڪي ايسوسي ايشن آف ڪينسر ريسرچ موجب شراب جو استعمال ڇاتي، معدي، جگر ۽ وڏي آنڊي ۾ ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو.

واضح رهي ته دنيا ۾ رڳو پنجويهه سيڪڙو ملڪن ۾ شراب تي صحي جي وارننگ لازمي قرار ڏنل آهي، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا واحد ملڪ آهي جتي شراب تي جگر جي ڪينسر جي نشاندهي وارو ليبل لڳل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.