زندگي جيئڻ جا جتن، ڪينسر جي علاج لاءِ اٺ عضوا ڪڍرائيندڙ ماڊل جي همت کي سلام!

برطانيا ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا اڳوڻي ماڊل پنهنجا اٺ عضوا ڪڍرائي علاج ڪرائڻ کانپوءِ صحتياب ٿي وئي

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊاڪٽرن 2023 ۾ في لوئيس جي اپينڊيڪس ۾ ٽيومر جي سڃاڻپ ڪئي هئي جنهن کانپوءِ کيس پنهنجي موت جي پَڪ ٿي وئي هئي.

پر هڪ وڏي آپريشن ۽ همت کانپوءِ هوءَ صحتياب ٿي وئي ۽ لنڊن جي ايئرپورٽ تي فلائيٽ ڊسپيچر طور پنهنجي نوڪري به شروع ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ اهو ٻڌڻ ته ڪينسر جون ڪي به علامتون ناهن ڪرسمس جو بهترين تحفو هو.

هن چيو ته اهو ناياب قسم جو ڪينسر هيو جنهن ۾ پيٽ ۾ هڪ جيلي جهڙو مادو گڏ ٿي ويندو آهي.

في لوئيس جي جسم ۾ ڪينسر جا سيل ڦهلجي وڃڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کي ان جا اٺ عضوا ڪڍڻا پئجي ويا.

اهڙي خطرناڪ سرجري کانپوءِ لوئيس کي ڪينسر کان پاڪ قرار ڏنو ويو، تنهن باوجود به ان کي هر سال ڪجهه ٽيسٽون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن ان مرض کان ٻيهر بچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.