سياسي سمجهه ۽ دورانديشي وارا فيصلا اڳواڻن جو سياسي مستقبل ضرور ٿا ٺاهن، انهن جي سياسي عمر ۾ واڌ ٿا ڪن، انهن جي سياسي بصيرت تي چار چنڊ ٿا لڳائن، پر غلط فيصلا ۽ گھٽ سياسي سمجهه ملڪ اندر انتشار جي صورتحال پيدا ٿا ڪن. مثال ڪرڪيٽ وانگي ٿرڊ امپاير جي فيصلي کي نه مڃڻ پاڻ راند جي منحرفين ۾ شامل ٿيڻ هوندو آهي، ان ڪري گيم اسپرٽ ۾ اها ڳالهه ضرور هوندي آهي ته ماڻهو غلطين مان سکي. ضد يا سياسي جهيڙا ان ڳالهه جا حامل ناهن ته انهن تي ڀاڙي سياسي سگھه حاصل ڪري سگهجي، اهڙي ڳالهه ته سياسي سمجهه رکڻ وارا فورن سمجهي ٿا وٺن، اهي سياست ۾ حرفتي پيرا کڻي ڪنهن اهڙي نتيجي تي پڄن ٿا جنهن مان ڪو کڙتيل نڪري. بدلي جي سياست ڪرڻ واري ڳالهه پاڻ ٻج ٿي پوکي جيڪو وري ايندڙ سرڪار ۾ اهي حڪومتي دور وارا جڏهن مخالف ٿين ٿا اهي وڪڙ ۾ ڦاسن ٿا ۽ وقت جي سرڪار ڪري ٿي وٺي. سياست به وڏي سمجهه ٿي گهري جيڪا غلطين سان ۽ سياسي مصلحتن سان سکي سگهجي ٿي.
ڪورٽن کي گھٽ وڌ چوڻ، عسڪري ادارن کي گھٽ وڌ چوڻ، بغاوت ڪرڻ، ميڊيائي مهم (ٽويٽرٽرينڊ) ذريعي بغاوت وڌائڻ، جنهن جو اعتراف عمران خان پاڻ ڪيو ۽ سائيبرڪرائيم وارن جا الڳ ڇاپا، جنهن ۾ هن جي ڪارڪنن جي گرفتاريون، ڪورٽن ۾ انهن سائيبرڪرائيم جي وٺ پڪڙ وغيره وغيره. پر جڏهن خان پاڻ ٿو چئي ته اهي ماڻهو هن جا ”ڪيبورڊ واريئرز“ آهن جيڪي ڪمپيوٽرن تي ويهي هيڪنگ ٿا ڪن، جيڪي ٽويٽر (ايڪس) تي ٽريبنڊ ٿا هلائن، جيڪي سوشل ميڊيا تي مهم سازي ٿا ڪن، سوشل ميڊيا تي سروي ٿا هلائن، جيڪي عسڪري ادارن کي نشانو ٿا بڻائن. تقريبن سترنهن ملڪن جا ماڻهو (يا ڪجهه ڳچ) جيڪي هن جي اشاري تي ”پيڊ ورڪرز“ آهن. انهن کي اهڙي مهم سازي ۽ اڪائونٽ هيڪنگ ۽ ٽرينڊ هلائڻ جا ڏوڪڙ ٿا ملن. مصيبت اها به آهي ته انگريز ملڪ يا غيراسلامي ملڪ جڏهن هن جي مدد ڪن تڏهن ڪا به ڪنسپائريسي ناهي، ڪا به سازش ناهي، ڪا به مداخلت ناهي. جڏهن ساڍا ٽي سال هي ايوان جي ڪرسين تي ويهي پي ڊي ايم کي ننديدو رهندو هيو، انهن کي ڪچليندو هيو، انهن کي ڪنڊيم ڪندو رهندو هيو، تڏهن صحيح هيو. پر جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب وئي تڏهن هن چورن سان ويهڻ پسند نه ڪيو.
هاڻي اها ڪهڙي سياست چئون يا ڪهڙي سياسي ميچوئرتي سمجهون، يا هي اڳتي هلي ڪهڙي پختي سياست ڪري سگهندو، جيڪو هر دفعي عوام کي رياست سان وڙهڻ ٿو سيکاري ۽ سول نافرماني (جيئن هي پاڻ به ڪندو هيو) هاڻي به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري.رڳو جلسا جلوس ڪري ماڻهن کي مختلف شهرن مان گڏ ڪري به پاڻ مڃائي نه ٿو سگهجي، سياستدان ڪيتري به هيرڦير ڪري پر آل رائونڊر هجي. رڳو ايمانداري به ڪم جي ناهي (سياست ۾) يا اهڙي ايمانداري جنهن ۾ رهو حلال باقي ٻوٽيون حرام. خان جي ڪلهن تي چڙهي جهانگيرترين ۽ فرح گوگي ڪرپشن ڪري ويا، خان انهن جو سهولتڪار بڻجي ته ڀلي بڻجي. اها ڳالهه مڃون ٿا ته سسٽم خراب آهي، ماڻهو خراب ناهن. اها ڳالهه به آهي ته لالوکيت ۾ رهي لنڊن جي قانون ۽ ضابطن جا خواب نه ٿا لهي سگهجن، صدر ۾ رهي سنگاپور کي آئيني ۾ نه ٿو ڏسي سگهجي. پر جنهن ملڪ ۾ روڊن جي حالت زار هجي، ٽرانسپورٽيشن جي حالت بيڪار هجي هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه ملڪ هجن، هڪڙا زرعي سيڪٽر جا ماڻهو مجبور هجن ته ٻيا وري صنعتي زونز ۾ عياشي ڪندا هجن. ڏيکارڻ لاءِ ترقي يافتا پاڪستان وري پنڻ لاءِ غريب پاڪستان، ائين ئي سياست به ورهايل هجي ٿي جيئن هڪڙي منفي ته ٻي مثبت، اتي ماڻهن کان سول نافرماني ڪري ڇا ڪبو؟.
عمران خان جي مٿان ايترا ته الزام آهن جيئن زرداري ۽ نوازشريف جي مٿان، اهي ويهي ڏسجن ته هي خان به انهن سان ملائي بيهارجي مثال فارين فنڊنگ کان وٺي ڪي پي جي ناڪام پروجيڪٽس تائين، ڊسڪا (پنجاب) جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي معاملن کان وٺي، آئين شڪني تائين، يا هاڻي سول نافرماني جي سڏ تائين، پر آئين، قانون ۽ رياست سان سينو ساهي نه ٿو سگهجي، جيڪا ڳالهه خان جي کوپڙي ۾ نه ٿي ويهي. رياست جا فيصلا ٿرڊ امپاير تائين پڄائي تبديل نه ٿا ڪرائي سگهجن. جنهن رياست ۾ رهڻو ان جي هر ڳالهه، هر آئين ۽ قانون به مڃڻو پوندو. مثال اٽي، کنڊ، احساس پروگرام جي ڪرپشن جا ڪيسن ۽ ان کان علاوه 12 مارچ 2022 تي خان کي جڏهن ڪورٽ منع ڪئي هئي ته هو وزيراعظم جي حيثيت ۾ بلدياتي اليڪشن جي سياسي مهم نه هلائي، ڇو ته ان کان اڳ ڪي پي جي اليڪشن ۾ خان کي ڪاپاري ڌڪ لڳو هيو جڏهن اهي سڀ سيٽون (گھڻي ڀاڱي) اي اين پي ۽ جميعت علماءِ اسلام کڻي وئي هئي ۽ هن کي هار نصيب ٿي هئي. ان کان اڳ پارٽي اندر انٽراـاليڪشن ڪرائڻ واري ڳالهه تي ڪورٽ 4 جون 2021 تي خان کي نوٽس موڪليا هيا ته هڪ ڪرسي سنڀال يا وزيراعظم جي يا پارٽي چيئرمين. هن شخص ضد ۾ وزيراعظم جي ڪرسي ڇڏي ڏني پر پارٽي چيئرميني نه ڇڏيائين. خان کي خوف اهو به هيو ته هن جو ڪو سياسي وارث ناهي، خان آهي ته پارٽي به آهي، جي خان ويو ته پارٽي به دفن ٿي ويندي. پر هن ته ڪورٽن سان ڪوڙبدوڙ هڻي آئين ۽ قانون جون انحرافيون ڪري پنهنجي سياست خراب ڪئي ٻيو ڪجهه به نه.
عمران خان جي ڪرسي جي بچاءَ جي لاءِ عوام جي سياسي فرضن ۽ واجبن ۾ شامل آهي ته اهي عام ماڻهو هاڻي عمران جي آزاديءَ جي آزاديءَ جي جنگ وڙهن، ۽ هاڻي سمورو ملڪ عمران جي پاسي ٿي بيهي، پر ڪي پي وارا هن جي پاسي ٿي بيٺا آهن اهي سمجهن ٿا ته پي ٽي آءِ رڳو ڪي پي جي پارٽي آهي جيئن هي پاڻ ماضيءَ ۾ چوندو يا ڪندو هيو هنن ڪي پي وارن به پاڻ ملهايو آهي ان ڪري ته جڏهن بي آر ٽي بس پروجيڪٽ کان وٺي، صحت ڪارڊ، آءِ ٽي پروگرام، ميونسپل پالٽيءَ جا ترقياتي پروگرام، احساس پروگرام ۽ بجيٽون سڀ جون سڀ ڪي پي جي نالي هيون هاڻي به ٽي صوبا هڪ پاسي ۽ ڪي پي هڪ پاسي. اها ڳالهه سڀ مڃن ٿا ته عمران پنهنجي دور ۾ رڳو مخالفن ۽ مذهبي پارٽين کي نندڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو. هن ساڍن ٽن سالن ۾ رڳو سياسي مخالف پيدا ڪيا. ان ڪري ته ڪيسن مان جان ڇڏائڻ مڙسي آهي، سواءِ قانوني رستن جي ٻيا سڀ رستا سياسي تباهي جا ڪارڻ هوندا، جيڪا ڳالهه خان ۽ امين گنڊه (غنڊه) پور جهڙا سياستدان سمجهن نه ٿا ته هو حڪومت ۾ هوندي به هٿيارن جي ڳالهه ٿو ڪري، چئي ٿو ته سواءِ ويڙھ جي ڪو ٻيو رستو ناهي جيڪا ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته هي پي ٽي آءِ وارا عمران جي عشق ۾ آخر ڇا ڪندا؟.