اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي خراب خبر ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته قطر جي ويجهو آبدوز ڪيبل AAE-1 ۾ خرابي پيدا ٿي آهي، پي ٽي اي موجب ڪيبل جي خرابي سبب انٽرنيٽ جي رفتار گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب پاڪستاني سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، لاڳاپيل ٽيمون مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، سسٽم ۾ عارضي بينڊوڊٿ شامل ڪئي وئي آهي.