هر حڪومت جي ڪابينا هوندي آهي ۽ ان ڪابينا ۾ وزير هوندا آهن جن کي اصولي طور تي پنهنجي وزارتن تي ڪم ڪرڻو هوندو آهي. اها وزير اعظم يا وڏن وزيرن سميت حڪومت جي ٽيم هوندي آهي اها ٽيم ئي اصل ۾ حڪومت هلائيندي آهي. ماضي جي حڪومتن ۾ اهي ڪابينا جا وزير باقاعدي ڪم ڪندي ڏسبا هيا ۽ پنهنجي ڪم جي حوالي سان مشهور به هوندا هيا پر هاڻي عام ماڻهن کان پڇندئو ته کين اڄ جي وزيرن جي نالن جي ۽ سندن وزارتن جي به خبر نه هوندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اهي وزير وزارتون وٺي آفيسن ۾ ويهي رهندا آهن يا وڌ ۾ وڌ گڏجاڻين، جلسن يا ٽي وي چينلن تي ٽاڪ شوز ۾ نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت ۽ وزيرن جو ان رفتار سان ڪم نظر نٿو اچي جيڏو ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. ان ڪري ئي موجوده دور ۾ گڊ گورننس جو تصور به آدرش ۽ ڪو خواب ئي لڳي ٿو جيڪو ممڪنات ۾ نٿو لڳي.
اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ حڪومتي نيٽ ورڪ تي جديد ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺڻ جو ڪو آثار ڏسڻ ۾ نٿو اچي جڏهن ته هن ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جيڪر حڪومت ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي نظر اچي پر حيرت آهي ته هن جديد دور ۾ بيڊ گورننس جا ريڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن. ان بيڊ گورننس لاءِ پارٽي قيادت وٽ ڪو پڇاڻو ناهي ٿيندو ڇاڪاڻ ته نقصان سندن نه پر عوام جو ٿيندو آهي جو هاڻي طاقت جا يا ووٽ جو سرچشمو عوام کي ناهي سمجهيو ويندو، اهو ٻيو طريقو آهي جنهن ذريعي هاڻي اقتدار ماڻيو ويندو آهي. اسان کي ياد آهي ته هڪ وزير سرعام عوام کي چيو هو ته اسان اوهان جي ووٽ تي پيشاب به ناهيون ڪندا يعني اسان کي اوهان جي ووٽ جي ضرورت ناهي اها مڳي پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو. سو موجوده دور ۾ عوام جي ڪا اهميت ئي ناهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو عوام، حڪومت جي ترجيح ناهي رهيو ۽ اهو مسئلن ئي مسئلن جي ڌٻڻن ۾ ڦاٿل آهي جن مان نڪرڻ جو پري پري تائين جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.
جمهوري ۽ عوامي حڪومت چوڻ ۽ سڏرائڻ ته سولو آهي پر جمهوري ۽ عوامي روح تي لهڻ ۽ ان روح پٽاندڙ عوام جي امنگن تحت عملي طور حڪومت ڪرڻ الڳ ڳالهه آهي. جمهوري ۽ عوامي حڪومت جو باس عوام هوندو آهي.جمهوري ۽ عوامي حڪمران عوام کان ئي ڊڄندا آهن سو جيڪو حڪمران يا حڪومت عوام کان ڊڄي، حڪمران ٿيڻ بدران عوام جي خادم ٿي حڪومت ڪري سائي عوامي ۽ جمهوري حڪومت سڏائڻ جي حقدار هوندي آهي پر ان معيار تي هن وقت ڪا حڪومت نه ٿي هلي جڏهن ته ضرورت اڄ ان قسم جي حڪومت جي آهي، عوام اصل ۾ اهڙي ئي عوامي حڪومت جي عملي شڪل ڏسڻ ٿو چاهي ۽ جيڪڏهن ڪا حڪومت اهڙي عوامي ٿي وڃي ته يقين ڪيو ته اها ئي اڄ جي مقبول ترين حڪومت سڏائبي.
پر اصل مسئلو اهو ِئي آهي ته حڪومت جو بظاهر ارادو ئي نظر نٿو اچي. هتي اهو به ڏٺو ويو آهي ته وفاق طرفان ڏنل فنڊ ليپس ٿي ويندا آهن. يعني وزيرن کي ايترو به وقت ناهي جو اهي پنهنجي وزارتن لاءِ مليل ترقياتي فنڊن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اسڪيم ٺاهن ۽ انهن اسڪيمن تي ڪم ڪرائين اهو ڪم نه ڪرڻ سبب پيسا واپس هليا ويندا آهن يا آخر ۾ وارو وارو ڪري ڪاغذي فائيلن ۾ بجيٽ جو خرچ ڏيکاري ڇڏيندا آهن.جڏهن ته ڏسجي ته هتي چپي چپي تي مسئلا آهن، بجلي جي کوٽ جا، گيس جي کوٽ جا، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جا، اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند جا گهٽ عملي سبب مريضن کي علاج نٿو ملي، نه دوائون آهن نه ئي مشينونتعليمي کاتي بابت شڪايتون الڳ آهن، ڀڳل ٽٽل روڊ رستا، ڊرينج جو ناقص نظام ڏسو، ٽريفڪ جام جا مسئلا آهن، ڪيترن شهرن کي باءِ پاس ناهي . زراعت جا مسئلا ڌار آهن، پهرين آڪٽوبر تي 40 سالن کان ڪمند جي پيڙائي نه ٿي ٿئي، مهانگائي تي حڪومت جو ڪو ڪنٽرول ناهي، دڪاندارن ۽ واپارين جي مرضي آهي ته جيتري به قيمت وڌائي ڇڏين کين چڪاس ڪرڻ وارو ميڪنزم نه ملندو. مطلب ته هتي مسئلا ئي مسئلا آهن پر حڪمران، وزير ۽ ڪامورا ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. گهر ويٺي پگهارون کڻڻ جو لاڙو عام آهي ۽ ان لاڙي ۾ رڳو سرڪاري ملازم آفيسر ۽ استاد ئي نه پر وڏا وڏا وزير به شامل آهن جن کي تصور کان وڌيڪ رعايتون ۽ مراعتون مليل آهن پر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ٻڙي ملندي.
سو اڄ جي حڪومتن ۽ حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اوهان عوام جا ڪم ڪندئو، عوام اندر رهندؤ ته پوءِ اقتدار ڏيندڙ طاقتون به اوهان کي حڪومت ڏيڻ تي مجبور ٿينديون پر جيڪڏهن اوهان ڪم نه ڪندئو ته پوءِ اهي پنهنجي مرضي تي حڪومتون چونڊينديون ۽ پوءِ عوام به اوهان جي حق ۾ مزاحمت نه ڪندو. ٻيو ته اوهان کي تاريخ جيڪڏهن حڪومت ڪرڻ يا وزيرن کي پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي ته ان جو فائدو وٺڻ گهرجي پر افسوس ته هتي وزير وزارتون وٺي گم ٿي وڃن ٿا.