سجاول (رپورٽ: منظورميمڻ) سجاول ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پرڏيهي سائيڪل سوار سياح جوڙي کان موبائل فون ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، پوليس 2 جوابدار گرفتار ڪري ڦرٿيل سامان هٿ ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرڏيهي سائيڪل سوار ٻن سياحي جوڙي کان سجاول بدين باءِ پاس وٽ 3 نامعلوم ڦورون هٿيارن جي زور تي ٻه عدد موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. جيئن ئي اهڙي واقعي جو اطلاع مليو ته مان سياحي جوڙي وٽ پهتس انهن کي جوابدار گرفتار ڪري سامان واپس ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي جنهن بعد جوابدارن خلاف فل فور ناڪابندي ڪئي وئي، ڊي ايس پي سجاول جي اڳواڻي ۾ انچارج سي آءِ اي، ايس ايڇ او سجاول، ايس ايڇ او بٺورو ۽ انچارج ڊي آءِ سي تي مشتمل ٽيم جوڙي وئي ٽيم جي ڏينهن رات محنت جي نتيجي ۾ هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ڊيجيٽل ٽريسنگ ۽ هيومن انٽيليجنس جي بنياد تي ٻن جوابدارن نديم اوڀارو ۽ مقبول کي گرفتار ڪيو ويو آهي.