حيدرآباد ۾ لوڪ ڳائڻي تاج مستاني سان رھاڻ، ڀيٽا پيش

حيدرآباد (رپورٽر) بيسنٽ هال ڪلچرل سينٽر حيدرآباد جي ميزباني ھيٺ ڪالھھ لوڪ ڳائڻي تاج مستاني سان رھاڻ رچائي  وئي، ان تقريب ۾ لوڪ موسيقيءَ جي شاهڪار ثقافتي ورثي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ تاج مستاني کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو ته جيئن هڪ فنڪار جي حيثيت سان پنهنجي شاندار سفر کي پيش ڪري سگهي. تاج مستاني 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. عبدالحميد آخوند ۽ ممتاز مرزا ھن جي فن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تاج مستاني چيو ته سندس اتساھه پٺيان ڪو به واقف يا نامور فنڪار ناهي، پر گمنام ڳائڻ ئي سندس اتساھه جو واحد ذريعو بڻيل آهن. هن چيو ته  استاد فيروز سندس فن کي اڳتي آڻڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ھي شام يادن سان ڀريل هئي جيئن تاج مستاني اسٽيج تي پھتي، سندس سريلي آواز” اوھان جا عاشق ھزار آھن“، ”سور انهيءَ ساري“ ۽ ”منھنجي پيار جا رکوال“ هر هڪ گيت ٻڌندڙن جو من موهي وڌو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.