ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالرحمن ۽ جسٽس فيصل ڪمال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايف بي آر طرفان سيلز ٽيڪس جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ريگيولر بينچ جي دائري اختيار جو ابهام حل نه ٿي سگهيو، عدالت سينيئر وڪيلن رضا رباني ۽ انور منصور خان کي مدد لاءِ روسٽر تي طلب ڪري ورتو هو. جسٽس عبدالرحمان چيو ته صرف غيرقانوني ڪيئن ڪافي آهي؟ اهو ڪيئن ڪم ڪندو جيڪڏهن ڪي به هدايتون نه هونديون؟ درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڏنا ته ڊڪليئريشن ريگيولر بينچ جو اختيار آهي، جسٽس عبدالرحمان رمارڪس ۾ چيو ته اٽڪ سيمينٽ آرڊر عبوري آهي، جسٽس عبدالرحمان چيو ته جيڪڏهن پڌرنامي سان گڏ هدايتون به جاري ڪيون ته پنهنجي اختيار کي اورانگهينداسين. سينئر وڪيل انور منصور خان چيو ته مون کي آئيني بينچ آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انور منصور خان چيو ته آئيني بئنچ واپس ريگيولر بينچ حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت چيو ته منهنجي خيال ۾ رڳو غير قانوني قرار ڏيڻ ڪافي ناهي. وڪيل انور منصور خان چيو ته ڪو به وڪيل پنهنجي سهولت لاءِ ريگيولر يا آئيني بينچ آڏو ڪيس پيش ڪري سگهي ٿو.جسٽس عبدالرحمان چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آئيني بينچ جو ڪهڙو فائدو؟ وڪيل انور منصور خان چيو ته آئيني ترميم کانپوءِ به ريگولر بينچ جو دائرو موجود آهي.سينئر وڪيل رضا رباني چيو ته آئيني معاملي جي لاءِ گهڻي وقت جي ضرورت آهي، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .