گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهري سردار محمد آصف جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت  ايف آءِ اي سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ڌرين کان 9 جنوري تائين جواب طلب ڪيو ويو. درخواست گذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته گم ٿيل شهري اڳ به گم هئا، بازياب ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر اغوا ڪيا ويا. اڻڄاتل ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. 17 ڊسمبر 2024 تي سچل ڳوٺ پوليس ٿاڻي جي حد مان کين اغوا ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.