ڪائنات ۾ زندگي جو سفر لکين ڪروڙين سالن کان جاري آھي، زندگي جي ڪائي انتھا ناھي، زندگي کي جاري رھڻو آھي، ارتقا جو سفر پڻ رڪجي نه ٿو، ھا اھو ضرور آھي ته ماڻھو جي عمر محدود آھي، اڳي جا ماڻھو وڏي عمر ماڻيندا ھئا، اڄ جي دور ۾ ورلي ڪو ماڻھو سئو سال جي عمر ماڻي ٿو. ماڻھو 60 سالن کان پوءِ نه رڳو سرڪاري نوڪري کان رٽائر ٿيو وڃي بلڪه پاڻ کي زندگيءَ کان ئي رٽائر سمجھڻ لڳي ٿو.
حقيقت اھا آھي ته زندگيءَ جي ڪابه رٽائرمينٽ نه ھوندي آھي، زندگي جيستائين آھي ماڻھو پنھنجو سفر جاري رکي ٿو، ان سفر ۾ روزانو ماڻھو جي عمر گھٽ ٿيندي وڃي پئي، سالن جو سفر به ايئن آھي، ھر سال 31 ھين ڊسمبر تي ڪئلينڊر تبديل ٿئي ٿو، رات جا ٻارنهه وڄندي ئي سڄي دنيا جا ماڻھو مختلف طريقن سان نئين سال جو آڌرڀاءَ ڪندا آھن. دنيا جي خوشحال ملڪن سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ماڻھن جي اڪثريت مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندي نظر اچي ٿي. جيڪڏھن خوشحال آھي ته ملڪ جو ھڪ محدود طبقو، جيڪو حڪمران ٽولي يا استحصالي ٽولي تي ٻڌل آھي، ھاڻي سڄي دنيا ۾ اشرافيه جو تصور موجود آھي، ايتري قدر جو سوشلسٽ انقلاب جن ملڪن ۾ آيو اتي به اشرافيه جو تصور جنم وٺي چڪو آھي، سو عام خلق سان ھر ھنڌ مسئلا آھن، فرق رڳو ايترو آھي ته ترقي يافته ملڪن جا حڪمران عوام جا مسئلا حل ڪندي خلق کي تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، پاڻي، بجلي، گيس جھڙيون سھولتون ڏيندا آھن، جڏھن ته اسان جھڙن ملڪن ۾ جتي جمھوريت جي نالي ۾ ھائبرڊ جمھوريت يا لڳ ڀڳ آمريت جھڙي صورتحال ۾ عوام جيئڻ جو جنجال آھي،
نئين سال ۾ ماڻھو خواھشن جو سويٽر اُڻي سردي کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آھي يا وري ڪجھه خواب اڻڻ، لڳندو آھي، ڪجهھ خواھشن کي ٽوپا ھڻڻ لڳندو آھي، اسان وٽ ماڻھن جا خواب اڌورا رھجيو وڃن . خواهشون زندگي جي ٽٽل صليب جا ڄڻ ته ٽڪرا ھجن، ان سماج ۾ اھو ضرور آھي ته ڪجهھ وڏن ماڻھن لاءِ شرابن، شبابن جون محفلون مچايون وينديون آھن، شھرن ۾ آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ عمارتن ۾ بگھڙن جي اوناڙ ۾ ڪي رڙيون دٻجي وينديون ھونديون. اميرن جون رنگين راتيون غريبن جي نڙي تي لت رکي نئين رات جي جشن ۾ گذرنديون ھونديون، اھو ضرور ھوندو ته رنگين راتين جي ٻرندڙ ٽھڪن ۾ ڪٿي ڪي سڏڪا دٻجي ويا ھوندا، سڏڪن جي نه ڪا صدا ھوندي آ نه داد نه فرياد.
گذري ويل سڄي سال تي نظر ٿا وجهون ته دھشت، وحشت، خونريزي، انتھا پسندي، قتلام، بي ڏوھ ماريا ويندڙ ماڻھن جا داستان ڪر کڻي بيھي ٿا رھن، ڪراچي مان گرفتار ٿيل ھڪ مسيحا کي قانون جا رکوالا مذھب جي نالي تي چيچلائي ماري ٿا ڇڏين، وحشين کي گلن جا ھار پارايا وڃن ٿا، ماڻھپي جي موت جو جشن ملھايو وڃي ٿو، انسانيت کي لڄايو وڃي ٿو، مذھب جا ٺيڪيدار ملان ھجن يا قانون جا رکوالا،يا حڪمران پارٽي جو چونڊيل اسيمبلي ميمبر ھجي کين ڪجھه نه ٿيو. لڳي ايئن ٿو ته کين ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو خون ڦٻي ويندو.
سال 2024 جو سنڌ ۾ اھو وڏو واقعو ھئو، جنھن ۾ سنڌ جنوني انتھا پسندن جي خلاف اٿي مزاحمت ۽ انسانيت جو نعرو ھنيو، اھو سانحو تاريخ جو اھڙو واقعو بڻجي ويو جنھن گھڻن اڇن ڪارن کي ظاھر ڪري وڌو ھئو. سال پاڻ سان گڏ ڪيئي حادثا کڻي آيو، ايئن ٿو لڳي ته سنڌ لاءِ گذريل سال ڄڻ ته حادثن جو سال ھجي، سوين ماڻھو سنڌ جي روڊن تي اجل جو شڪار بڻجي ويا، سنڌ ۾ گاڏيون ھلائيندڙ خاص ڪري بسون، ٽرڪون، ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون ھلائيندڙ زندگين جو خيال نه ٿا ڪن، حادثن ۾ موت جي ور چڙھي ويل سوين ماڻھو سنڌ ۾ سوين گھر اجاڙي ويا، ھر سال وانگر سنڌ ۾ غربت، بک، بدحالي ۽ پريشانين جو راڄ رھيو، ڳڀي جي ڳولا ۾ ماڻھن جا ڪٽڪ نڪتل آھن، جيڪڏهن غيرت جي نالي تي قتل جي رسم سنڌ جي ھجي ھا ته شاھ سائين سھڻي ۽ راڻو مومل جھڙا سر نه لکي ھا. ڀٽائي سنڌي نياڻيءَ کي مارئي جو روپ ڏنو، سسئي جي بي ڊپائي ڏني، نوريءَ جي نھٺائي ڏني.
اچو سوچيون، ايندڙ سال سنڌ ۾ علم جي حاصلات، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفشل انٽيليجنس جي نالي ڪريون ته سنڌ جي نوجوان نسل دنيا سان مقابلي جي ميدان ۾ بيھڻ جي لائق ٿي پوي.