سرد جنگ جي خاتمي کان وٺي، دنيا اڄ جيتري عدم غير مستحڪم ۽ غير يقيني جو شڪار آهي.شايد ھن کان اڳ ڪڏھن نھ رھي ھجي. جاگرافي سياسي ڇڪتاڻ عروج تي آهي، يوڪرين ۽ وچ اوڀر جنگ شعلن جي گهيري ۾ آهن ۽ وڌندڙ ماحولياتي خطرن ايندڙ سال کي وڌيڪ ڳڻتي جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي.گذريل ڪجهه سالن کان عالمي آرڊر مسئلن ۾ آهي. ٻئي طرف، گهڻ قطبي دنيا ڏانهن وڌندڙ رجحان سبب، اولھھ جو غلبو گھٽجي رهيو آهي، جڏهن ته گهڻ رخا ادارا سخت دٻاءُ هيٺ آهن.طاقت جي عالمي توازن ۾ تبديلين جي منظرنامي ۾ جاگرافيائي سياست جي جوڙجڪ ۾ وچوليون طاقتون اهم ڪردار ادا ڪنديون.
2025 جو سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٻيو مدو عالمي معاملن ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجندو ؟ سندس اعلان ڪيل پاليسيون خوفناڪ آهن ۽ جيڪي اڳ ۾ ئي پريشاني ورتل دنيا جي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون.جاگرافيائي سياسي سطح تي، اهو ڏسڻو پوندو ته ٽرمپ انتظاميه ھيٺ آمريڪا پنهنجي اتحادين، مخالفن ۽ حريفن سان ڪيئن ڊيل ڪري ٿو ؟ ايندڙ سال ۾ آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن جو مستقبل ڪئين رھندو ؟ اھو سوال پڻ اسٽريٽجڪ اهميت وارو هوندو. ڊونلڊ ٽرمپ جي غير متوقع شخصيت کي نظر ۾ رکندي چين ۽ آمريڪا بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي.ڪھڙي خبر ھو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اڃا اضافو ڪري ڇڏي، اهو هاڻي هن جي رويي تي ڀاڙيندو ته ھو صورتحال کي ڪيئن سنڀالي ٿو.
آمريڪا سان واپاري سرپلس وارا چين سميت ٻين ملڪن تي وڌيڪ محصول لاڳو ڪرڻ جي ٽرمپ جي ڌمڪي سان. گھڻائي ماھر اتفاق ڪن ٿا تھ 2025 جي سڀني کان وڏن خطرن ۾ عالمي واپاري جنگ بھ شامل هوندي.لنڊن ۾ قائم رسڪ ڪنسلٽنسي فرم نالي” ڪنٽرول رسڪس“ اڳڪٿي ڪئي آھي تھ ايندڙ سال ‘قومي سلامتي کي بين الاقوامي واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ هڪ رهنمائي اصول جي طور تي قائم ڪندو’.ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان واپري تحفظ پسندي ۾ واشنگٽن ڪيتري حد تائين اڳتي ويندو، اهو چين آمريڪا لاڳاپن سان گڏوگڏ عالمي معيشت لاءِ بھ نتيجن ڀريو ثابت ٿيندو. پر اهم واپاري ڀائيوار، خاص طور تي چين، اڳ ۾ ئي ان حوالي سان سرگرم آھي تھ پنھنجي حڪمت عملين کي ٽرمپ کان ڪئين محفوظ بڻايو وڃي. دي اڪانومسٽ، پنهنجي سالياني پبليڪيشن ’دي ورلڊ آهيڊ ان 2025‘ ۾، نوٽ ڪيو آھي ته چيني ڪمپنيون اڳ ۾ ئي واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ گلوبل سائوٿ ۾ نئين مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڻ کي وسعت ڏئي رهيون آهن.بليڪ راڪ پاران هڪ جائزي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٽيڪنالوجي جي وڌندڙ فرق کي ھڪ عالمي خطري جي طور تي ڏٺو ويو آھي.
2025 طئي ڪندو تھ يوڪرين ۽ وچ اوڀر جي جنگين جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا ؟ يوڪرين جي حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي تبديل ڪرڻ وارا بيان اڳ ئي يورپي حڪومتن کي پريشان ڪري رهيا آهن. هو اڪثر دعويٰ ڪري ٿو ته يوڪرين جي جنگ ”هڪ ڏينهن ۾“ ختم ڪرائي سگهي ٿو، توقع ڪئي پئي وڃي تھ ٽرمپ يوڪرين کي روس سان ڳالهين جي ميز تي ويھڻ تي مجبور ڪندو. جيتوڻيڪ هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو واضح پلان پيش نه ڪيو آهي، پر ڊونالڊ ٽرمپ کي اھڙي ڳالهه سان ڪو مسئلو نه هوندو جنھن سان روس کي فائدو پئي ۽ يوڪرين کي پنھنجي ڪجهه زمين تان ھٿ کڻڻو پوي.
ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا اھو پڻ چئي چڪو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ جنگ ختم ڪرڻ چاھي ٿو ۽ غزا ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو. هن ان حوالي سان تفصيل نه ڏنو آھي، پر اهو خيال اھو ئي ڪيو پيو وڃي ته اها جنگ بندي، جيڪڏهن ٿي، ته اسرائيل جي شرطن تي ٿيندي. هو چئي چڪو آھي ته آمريڪا کي شام ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، پر شام ۾ حڪومتي تبديلي جا پيچيده علائقائي اثرن کي ڏسندي اهو ڪئين آمريڪا کي ان مسئلي کان پري رکندو.
جمهوريت کي سڄي دنيا ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي رجحان سامهون آيا آهن، اهي ڪنھن بھ ريت حوصلا افزا نه آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سياست وڌيڪ تقسيم جو شڪار ۽ غير مستحڪم ٿي رهي آهي. سياست ۾ وچولي رستي جي گنجائش ختم ٿي رهي آهي جڏهن ته سياسي مرڪز عالمي سطح تي ڪمزور ٿي رهيو آهي. ان جو تعلق ساڄي ڌر جي پاپولزم جي اڀار سان آهي، جنھن جو اثر يورپ جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڌي رھيو آھي.جڏھن تھ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ اھو ڏسي سگهجي ٿو. دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني خطن ۾ جمهوريت ڪمزور ٿي چڪي آهي. ڪيترين ئي عالمي تنظيمن به جمهوريت جي ڪمزوري کي اجاگر ڪيو آهي، جڏھن تھ جيترن وڌيڪ ملڪن ۾ ”آمراڻو راڄ“ وڌندو، ان سان جمهوري حق ۽ آزاديون گهٽ ٿينديون، اهو مسئلو وڌندو ويندو. گلوبل ٿنڪ ٽينڪ جيڪي آمريڪا جي جمهوريت جو جائزو وٺنديون آھن، اھي جمهوريت جي مستقبل کان مايوس آھن.عوام جون توقع سوشل ميڊيا جي ڪري وڌي ويون آهن، جڏهن ته سياسي نظام انهن معيارن ۽ اميدن تي پورو نه لهي سگهيو آهي. ڪجهه انٽيليجنس ڪمپنين عالمي خطرن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته دنيا جي اڪثر خطن ۾ بدامني وڌڻ جا خدشا آهن.
ايندڙ سال جو ھڪ ٻيو سڀ کان وڏو چئلينج عالمي تجارتي ميگزين ”گلوبل ٽريڊ رويو “ جي مطابق ”گري زون ايگريشن“ آهي. اهو هڪ خطرو آهي جنهن جي وضاحت ڪرڻ ڏکيو آهي پر ان جي سڃاڻپ تمام ضروري آهي. ان ۾ غلط معلومات پکيڙڻ جون مهم، سائبر حملا ۽ پراڪسي وارز شامل آھن. اهڙا عوامي تڪرار ۽ امن جي وقت جي وچ ۾ لڪير کي ڌنڌلو ڪري رھيا آھن.هن نئين قسم جي اھا جنگ سڄي دنيا ۾ وڙهي پئي وڃي، جنهن سبب ملڪ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نھ ھوندا آهن ۽ نه ئي انھن وٽ ان کي منھن ڏيڻ جي قابليت آھي.ان سان ”بليڪ سوان “ (غير متوقع) واقعن ۾ اضافي ٿيڻ جا امڪان بھ وڌندا ويندا آھن ۽ اوچتو ٿيندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جنھن جا دور رس نتيجا ھوندا آهن، طاقت جي موجوده توازن کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان نوان چئلينج پيدا ٿي سگهن ٿا.مصنوعي ذهانت جي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي تي به 2025ع ۾ نظر رکڻي پوندي.ڪاروبار، دفترن، انٽرٽينمينٽ،ميڊيا، صحت عامھ ۽ ذاتي زندگين ۾ اي آءِ ٽولز جو استعمال وڌيڪ عام ٿي ويندو.مصنوعي ذھانت اڳ ۾ ئي گھڻيو تبديليون کڻي آئي آھي. پر ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ نوان چئلينج پيدا ٿيندا، جنھن ۾سائبر سيڪيورٽي لاءِ به خطرو پيدا ٿيندو. فوج ۾ AI جو استعمال اضافي چئلينج پڻ وڌائيندو.
برطانوي ٿنڪ ٽينڪ ”چيٿم هائوس “ جو خيال آھي ته سال 2025 ۾ AI جي عالمي نگراني تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو. ان، فيبروري ۾ پيرس ۾ ٿيندڙ AI ايڪشن سمٽ ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن ۾ حڪومتن جانمائندا، ٽيڪ ڪمپنون سائنسدان ۽ ماهر شرڪت ڪندا ۽ اي آءِ کي ”عوامي مفاد “ موجب ترتيب ڏيڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويندو. ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ مشڪل سوال اٿاريا آهن ته ان ترقيءَ جي تباهي واري اثرن ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ڪمزورين کي ڪيئن منهن ڏنووڃي . جڏهن هڪ ڊجيٽل دنيا چئلينج کڻي اچي ٿي، تھ اھا معاشي ترقي ۽ سماجي شعبن جي لاءِ نوان موقعا بھ کڻي اچي ٿي. ايندڙ سال پاڻ سان گڏ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ ۽ معاشي چئلينجز آڻيندو، جيڪي نه رڳو قومن لاءِ ڏکيو امتحان ھوندو بلڪھ اھو بھ ٻڌائيندو تھ عالمي برادري گڏيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئن گڏجي ڪم ڪري ٿي.