نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي نامز ڪيل نمائندي رچرڊ گرينيل جي نوٽس تي ڪجهه پاڪستاني وزيرن ۽ ٻين ڪجهه عھديدارن پاران ردعمل جي جوابن مان پاڪستان ۾ ھڪ ڀونچال پئدا ٿي ويو آھي.خطرو آھي تھ معاملو وڌي ويندو ۽ جنھن بعد آمريڪي انتظاميھ اھڙا قدم بھ کڻي سگھي ٿي جيڪي پاڪستان جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي پابندي جو سبب بڻجي سگھن ٿا.حيرت آھي تھ پاڪستان جا ڪجهه اھم ماڻھون رچرڊ گرينيل کي سڌي ريت جواب ڏئي قومي نقصان جو رستو سڌو ڪري ڇڏيو آھي.سبب اھو آھي تھ ھاڻي ھر آمريڪي پاڪستان کي ڏنل امداد جي خرچ ڪيل رقم جو تفصيل معلوم ڪرڻ چاھي ٿو.جيڪڏھن شروع کان ئي ان مسئلي تي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ھا تھ صورتحال ايتري قدر خراب نھ ٿئي ھا.
رچرڊ گرينيل جي معاملي تي جيتري گفتگو ڪئي ويندي مسئلو اوترو ئي منجھندو ويندو ۽ آمريڪا جي ايندڙ حڪومت کي ماضي جي سموريون ڪارروائين جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ ۽ تحقيق جو پڻ جواز ملي ويندو.اڳ ۾ ئي ھاڻوڪي حڪومت عمران خان کي جيل ۾ رکي ڪري گھڻو طاقتور بڻائي ڇڏيو آھي.جيل ۾ گذرندڙ ھر ڏينھن عمران خان جي مقبوليت ۾ اصافو ڪري رھيو آھي.اھا مقبوليت ئي عمران خان جي اصل طاقت آھي.
موجودھ حڪومت عوامي حمايت کان محروم ھئڻ جي ڪري اھڙيون غلطيون ڪري رھي آھي جنھن جي نتيجي م حڪمران جماعتن جو وجود خطري ۾ آھي.ھاڻوڪي سياسي ٽڪراءَ سان عدم استحڪام وڌي ويو آھي، حڪمران جماعت جي لاءِ ماڻھن جي ڪاوڙ عروج تي آھي،زميني حقيقت ھي آھي تھ مسلم ليگ ن جي مقبوليت ٻڙي جي ويجھو پھچي وئي آھي.پاڪستان جي حڪمرانن کي ان ڳالھھ جو فڪر نھ آھي تھ عالمي مشورن کي رد ڪرڻ ۽ امڪاني واپاري ۽ ٻين پابندين جي نتيجي ۾ پيٽرول ھڪ ھزار رپيا ليٽر بھ ٿي ويو تھ حڪمران جماعت جي اھم عھديدران تي ڪو فرق نھ پوندو،بلڪھ اھي چوندا تھ اسان وٽ ڪو اختيار نھ آھي ۽ طاقتور اداري کي ان جي لاءِ ذميوار قرار ڏيندا.
ملڪن جي ڪاميابي جي فارمولي جي مختصر ترين تعريف ”سٺي حڪمراني“ آھي ۽ ان جو بنيادي جزو منصفاڻيون، اڻ ڌريون ۽ شفاف چونڊون آھن. ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ موجود ناقص حڪمراني جي پاڙ چونڊن ۾ ٿيل يا ڪرايل ڌانڌلي ۾کتل آھي ۽ ان جي ردعمل ۾ پاڪستان جي عوام ۾ ھڪ آتش فشان ُدکي رھيو آھي.جيڪو 26 نومبر تي ڦاٽو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان مٿان دٻاءَ شروع ٿي ويو، وڌيڪ خرابي فوجي عدالتن جي سزا سان ٿي وئي،جنھن کي مھذب دنيا جھالت واري دور سان ڀيٽي ٿي.انھن سزائن کانپوءِ اڃان بھ دٻاءَ وڌي رھيو آھي.
جيستائين فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني واري ڌانڌلي مٿان پردو وڌو ويندو ۽ ان ڪوڙ جي بنياد تي قائم ٿيل مينڊيٽ کان محروم حڪومت جي ذريعي سمورو نظام ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پاڪستان وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو ۽ معاشي بحران جو خاتمو نا ممڪن بڻجندو ويندو. ان صورتحال کي برقرار رکڻ جي نتيجي ۾ ملڪ زوال ۽ تباھي طرف وڌندو ويندو. ان نقصان ۽ تباھي کان بچڻ جي لاءِ عقلمندي جي گھرج آھي تھ ان بحران جو سد باب ڪيو وڃي.جيتري قدر موجودھ ناقص حڪمراني کي برقرار رکڻ لاءِ زور وڌو ويندو، ان جا منفي نتيجا حڪمران طبقي جي لاءِ گھڻي نقصان جو سبب بڻجندا.مسلسل عدم استحڪام سان غيرمحسوس انداز سان آھستي آھستي ملڪ ڪئين سئو سال پوئتي وڃي سگھي ٿو.رڳو اقتدار جي خاطر ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي ڇڏڻ قطعي عقلمندي نھ آھي.دنيا جي وڏي کان وڏي طاقت عوام جي مدد ۽ سھڪار کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگھي ۽ نھ ئي اندروني خلفشار ۽ اتنشار کي روڪي سگھي ٿي. سياسي ڪارڪنن ۽ اختلافي راءِ رکندڙن خلاف طاقت جي بنا جواز ۽ غيرقانوني استعمال سان عوام ۾ نفرت، بعاوت ۽ انتھاپسندي وڌندي.عوام جو جمھوريت ۽ جمھوري ادارن تان ويساھ کڄي ويندو. ان سان ويڙھاڪ قوتون نوجوانن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺنديون جيڪي ملڪي دفاع کي بھ خطري ۾ وجھي سگھن ٿيون.بدقسمتي سان اھو عمل پاڪستان ۾ جاري آھي.انتھاپسندي ۽ عسڪريت پسندي جو مقابلو جمھوريت ۽ عوامي مينڊيٽ رکندڙ حڪومت جي ذريعي ئي ڪري سگھجي ٿو.
جديد دور ۾ سياسي مقصدن جي حصول جي لاءِ سرڪاري طاقت جي منفي استعمال جي عمل تي پردو وجھڻ ممڪن نھ رھيو آھي،پاڪستان ۾ ملڪ جي مقبول ترين سياسي جماعت کي طاقت سان چٿڻ جي مسلسل عمل تي عالمي طاقتون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ ميڊيا جا نمائندا باريڪ بيني سان جائرو وٺي رھيا آھن ۽ ان عمل تي لڳاتار تنقيد بھ ڪري رھيا آھن. موجودھ دور ۾ راءِ عامھ کي نطرانداز ڪرڻ تباھي کي دعوت ڏيڻ برابر آھي.انٽرنيٽ اطلاعات جي رسائي کي تيز تر بنائي ڇڏيو آھي.سوشل ميڊيا ھر شخص کي پنھنجي راءِ اظھار جو موقعو فراھم ڪري ڇڏيو آھي.
سوشلي ميڊيا کي روڪڻ جو بھترين طريقو ميڊيا تي پابندين جو خاتمو آھي،جڏھن ميڊيا آزاد ھوندي ۽ ماڻھن جي اطلاعن تائين رسائي ھوندي تھ ماڻھون ڪنھن ٻئي ميڊيا بدران ٽي وي چينلز کي اعتبار جوڳو سمجھندا.جستائين حڪمران ان ڳالھھ جو احساس نھ ڪندا،جديد ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ راءِ عامھ کي پنھنجي حق ۾ ھموار ڪرڻ لاءِ عوامي حمايت وارن منتظمن ۽ عوامي نمائندن جو سامھون اچڻ ضروري آھي.عوامي حمايت کان محروم حڪومت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي تسلسل جي نتيجي ۾ عالمي مالياتي ادارن تي پڻ اثر پوندا. انھن کي روڪڻ جي لاءِ بھ حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي نظر نھ پئي اچي.
پاڪستان جي حالتن ۾ تبديلي ان صورت ۾ ڪنھن بھ ريت ممڪن نھ آھي،عمران خان جي آزادي کي مسلسل ٽاريو ويندو، عالمي دٻاءَ ۽ اندروني خلفشار کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ حڪمران قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندا.عمران خان جي حڪومت جي خاتمي بعد جيڪي قدم کنيا ويا، ان سان حڪومت جو ڍانچو گھڻو ڪمزور ٿي ويو آھي.رياست جي بنيادي ٿنڀن مان بنيادي ٿنڀ مقننھ (قانون جوڙيندڙ ادارا) مينڊيٽ کان محروم آھن،ٻيون ٿنڀون عدليھ آھي،جنھن جي آزادي تازي آئيني ترميم جي ذريعي ختم ڪئي وئي آھي.ٽيون ٿنڀ انتظاميھ آھي جيڪو احتساب کان مٿاھون ٿي ويو آھي ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنھنجي حدن کان اڳتي وڌي ڪم ڪري رھيو آھي.يعني رياست جا ٽئي ٿنڀا ختم ٿي رھيا آھن.ھڪ مصنوعي نظام جي ذريعي ڪيئن ملڪ کي ھلائي سگھجي ٿو ؟ حڪمران جڏھن پنھنجي عھدن کي ئي ملڪ کان مٿاھون تصور ڪندا ۽ ڪنھن بھ قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندا تھ تباھي کي ڪير روڪي سگھي ٿو ؟ ٻاھرين دٻاءَ جي مجبوري کان ڪجهه معاملا طئي ڪري سگھجن ٿا.پر ھاڻوڪي ملبي جي ڍڳ جي صفائي جو دائمي حل وڏي پئماني تي سڌارن جي ذريعي عوام جي خوشحالي ۽ انھن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ڪنھن بھ ريت ممڪن نھ آھي.