غير ذميوار مُلڪي سياست جو اڇو چٺو

تحرير: رياض ابڙو 

ڳالهه اچي خط هڪ تي اچي بيٺي هئي، هڪڙي آمريڪي خط جي جاچ اڃان ٿي نه هئي (توڻي جو اهو خط ڪوڙو هيو) وري مٿان سچي گجراتي خط اچي پي ٽي آءِ جي ٺهيل گيم بگاڙي ڇڏي، هيٺ ڪيتري به سياست ڪجي ڳالهه مٿي جي سياست جي آهي، ان ڪري ادارن سان، بالا شخصن سان، اندروني ۽ بيروني سياسي پارٽين سان ڳنڍي رکجي ڇو ته ڪنهن مهل ۽ ڪٿي به ڪم اچي سگهن ٿيون. اهو فلسفو پي ٽي آءِ جي کوپڙي ۾ ويهي نه ٿو

وري ڳالهه اها به عجيب آهي ته جڏهن عوام جي ووٽ جو ڪو ملهھ ئي ناهي، عوام جي ووٽ کڻي ٽڪي جو به هجي، پر اهي کٽي ايندڙ وزير ته پاڻ کي وري ڪروڙن روپين ۾ کپائي پنهنجا کيسا ڀري ٿا ويهن ۽ پوءِ عوام پئي کڏ ۾.  مثال ووٽ جڏهن پي ٽي آءِ جو هجي ٿو ته اهو نون ليگ وٽ اهميت نه ٿو رکي، جڏهن نون ليگ کٽي سوڀاري ٿي ٿئي، ته انهن جي ووٽ جي وري پي پي وٽ ڪا حيثيت يا عزت ناهي. ووٽ رڳو انهن وٽ عزت رکي ٿو جيڪي کٽي ٿا اچن، جيڪي جنهن پارٽي کي ووٽ ٿا ڪن باقي ووٽ جي عزت ته اها ٽڪي جي ٿي وڃي بيهي.

ڪڏهن ڪڏهن وزير رڳو پنهنجن تڪن ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي يا معمولي ترقياتي ڪم ڪرائي ٻين مخالفن کي اهو بانور ڪرائيندا آهن ته جي توهان اسان کي ووٽ ڪيو هان ته ”اسان توهان کي نوڪريون، ترقياتي ڪم، ٺيڪا ۽ ٻيون سرڪاري نعمتون به بخشون هان پر توهان ته اسان جا ووٽر ئي ناهيو، ان ڪري توهان جي دک درد سان اسان جو  ڪجهه به نه وڃي“. ڪڏهن ڪڏهن (يا سدائين انهن) عام ماڻهن کي يا جوشيلن ووٽرن کي اها خبر ناهي هوندي ته انهن جو اڳواڻ (اميدوار) مٿي ڪنهن جي حمايت ڪندو يا (اميدوار) ڪيتري ۾ کپندو، يا ڪنهن جي حميايت يا مخالفت ۾ ويندو. ان ڪري سڄي پاڪستان مان جيئن سوشل ميڊيا جي ذريعي يا اليڪٽرونڪ پولنگ جي ذريعي جيڪي ووٽ ڪرائيندا آهن، تيئن اهي عام ماڻهن کان به پڇن ته اهي زرداري صاحب کي ووٽ ڪندا يا انهن جي نظر ۾ نوازشريف ڀلو آهي يا معتبر سياستدان رڳو عمران خان آهي. پر اهي وزير مٿي وڃي ”63 اي“ جي فلسفن، سمجهاڻين ۽ شرحن ۾ ڦاسي ٿا پون. انهن کي اها خبر نه ٿي پوي ته هيٺان جيڪي ووٽ وٺي آيا آهن، انهن عام ماڻهن جي خواهش ڇا هئي؟ اهي ڇا ٿا چاهن؟ اهي جي ان طريقي جي عام اليڪشن ۾ رڳو انهن تڪن جي وزيرن کي چونڊي وري ان چونڊيل وزيرن جو انتظار ڪن جنهن وزير کي ان تڪ جو عوام ووٽ ئي نه ٿو ڪري، جنهن نمائندي کي ووٽ ڪن ٿا ته اهو شايد پي ايم يا سي ايم ٿيندو، اهو وري سي ايم يا پي ايم ٿئي ئي نه ٿو. ان ڪري پاڪستاني اليڪٽرول پروسيس ۾ اهو شايد جهول آهي ته ڀلا ٿيڻ وارو وڏو وزير پهرين صوبي جي عام ماڻهن کان ووٽ وٺي ته ڪيترو سيڪڙو ماڻهو هن کي وزيراعلي يا وزيراعظم ڏسڻ پسند ڪن ٿا. پر ڳالهه اها به ماري ٿي ته اسان وٽ جيتريون اليڪشن ٿين ٿيون، اوترا مونجهارا به آهن، ان ڪري ووٽ ڏئي بس ڪري ويهجي ۽ ڏسجي ته اهي نمائندا اسيمبلين ۽ ايوانن ۾ ڪيئن هڪٻئي جا ڄنڊا ٿا پٽن.

پر حيرت اها به آهي ته ماڻهن ۾ اينٽي اسٽبلشمينٽ نعرو ڏاڍي مقبوليت ٿو ماڻي يا جيڪا ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي اينٽي اسٽبلشمنيٽ نعرا ٿي هڻي ماڻهو انهن ڏي ليٽ ٿا ڪن، ماڻهو انهن کي ووٽ ٿا ڏين، پوءِ کڻي پي پي هجي، پي ٽي آءِ هجي، نون ليگ هجي يا ڪا ٻي پارٽي. اها ڳالهه ماضيءَ ۾ به ڏٺي وئي هئي ته حڪومت (پي ٽي آءِ) ڪيئن ڪوڙي سياست جي ڪري، ڪروڙين نوڪرين جي ڇَسي آسري جي ڪري، آءِ ايم ايف ڏي نه وڃڻ واري حام ڀرڻ جي ڪري، غريبن کي مفت گهر ڏيڻ واري ڳالهه جي ڪري، روپئي جي قدر واري ڳالهه جي ڪري، مهانگائي واري ڳالهه جي ڪري، افغان پاليسي واري ڳالهه جي ڪري، عسڪري ادارن واري بدنامي واري ڳالهه جي ڪري ۽ بيڊ گورننس جي ڪري بدنام ٿي وئي ۽ جنهن جو فائدو ان مهل ٻين پارٽين ورتو. جيئن نوازشريف جي هر جلسي ۾ عسڪري شخصن جي خلاف ڳالهائڻ واري ڳالهه جي ڪري، عدالتي فيصلن تي هروڀرو تنقيدن جي ڪري، سياسي شخصن کي بدشد ڳالهائڻ واري ڳالهه جي ڪري نون ليگ پاڻ کي معصوم ثابت ڪري وئي ۽ 2019 پنجاب جون 13 سيٽون (پي ٽي آءِ جي دور ۾) پنهنجون ڪري وئي هئي جنهن جي لاءِ چوندا هيا ته ”نون ليگ پنهنجا ووٽ موٽايا آهن“

هاڻي عمران خان جڏهن ڪرسي تان لٿو ته هاءِ گهوڙا ڪيون ويٺو ۽ اهو به ادارن کي بدنام ڪري ويو. عسڪري شخصن کي نشانو بڻائي ويو، اهو به رياست جون کنڌيون کڻي ويو. خان سمجهي پيو ته سڀ کان بهترين سياسي اٽڪل بازي رڳو رياست کي بدنام ڪرڻ، رياست جي ڪارگذارين کي نروار ڪرڻ، اسٽبلشمينٽ کي گھٽ وڌ چوڻ ۾ آهي. ساڳي معصوميت جيڪا پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ نون ليگ ڪيون ويٺي هوندي هئي، هاڻي هي (عمران خان) ٿو ڪري. هاڻي عمران خان نعرا ۽ نَريٽِو به مٽائيندو ٿو وڃي، مثال هاڻي آزاد پاڪستان واري ڳالهه خاص پنجاب جي ماڻهن کي ڏاڍي ٿي وڻي هئي، پر هاڻي آمريڪي غلامي واري ڳالهه پنجاب جي ماڻهن کي بلڪل پسند ناهي. عمران خان جيڪڏهن پنجاب جي سياسي مهم بازي ۾ اينٽي اسٽيٽ يا اينٽي اسٽبلشمينٽ نعرا به هڻندا هيا ته پنجاب جو عوام ان کي دل سان ٿو لائيندو هيو، ۽ انهن جي نعرن سان عمران خان پاڻ کي معصوم ثابت ڪري ويو ۽ پنجاب جهڙي صوبي جو پنجابي ووٽ ميڙي ويو. اينٽي اسٽبلشمينٽ وارو نعرو هيو ته نون ليگ جو پر عمران خان جي انهن نعرن ۾ ماڻهو ڦاسائي ويو. ماڻهن ۾ سياسي شهرت جو سبب رڳو اها ڳالهه هوندي آهي ته ڪهڙو سياستدان ڪيترو خوددار آهي. پر ڳالهه ته عوامي سياست جي هوندي آهي.

حقيقت اها به آهي ته عوامي سياست عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي ڇو ته سياسي مفاهمت ۽ سياسي حرفتون هن شخص جي سياسي بصيرت ۾ ناهن. حلانڪي سياسي مصلحتون ته هر سياسي شخص ڪري ٿو اچي، ان ۾ شڪ به ناهي ته ڪير به رياست يا اسٽبلشمنيٽ سان بگاڙي نه ٿو هلي سگهي. پر ڳالهه وري اها به آهي ته هاڻي جيترو اينٽي اسٽيٽ يا سول نافرماني جا نعرا هڻي عمران خان پاڻ پڏائي ٿو، يا خاص ڪي پي ۾ مقبوليت ماڻي ٿو ته ڇا ساڳي ڳالهه هي وري نين چونڊن اچڻ تائين يا ان کانپوءِ باقي رکي سگهندو؟ مثال اهو به ٺهڪي ٿو ته ”ڏٺو پِير پُني مراد“ هن جا ماضي جا واعدا ته سڀني ڏٺا ته ڪيترا وفا ٿيا يا نه ٿيا؟ جنهن ۾ بيرزگاري کان وٺي آءِ ايم ايف وٽ گوڏا ٽيڪ هئي. پر هاڻي جي سول نافرماني واري سلوگن ۾ وري  ڪجهه نواڻ آهي، جنهن ۾ نئين پاڪستان جي ڳالهه ناهي. هاڻي ڳالهه آزادي واري آهي، ڳالهه آمريڪي حمايت حاصل ڪرڻ جي آهي، ڳالهه عسڪري ادارن يا شخصن سان ٽڪراءَ جي ضرور آهي.

عوام شهبازسرڪار جي ڪوڙن کي به سڃاڻي ورتو آهي. عوام ته اهو به سمجهي ٿو ته هي شهبازسرڪار ڪيتري پاڻي ۾ آهي، جيئن پي ٽي آءِ پنهنجن پاليسين جي ڪري عوام جي آڏو خوار هئي، هي به ساڳي طرح عوام جي آڏو خوار آهن، يا ادلي جو بدلو پيو ٿو هلي. باقي سياسي مصلحتن جي ڳالهه وري ڪجي، ان ڪري پي ٽي آءِ هنن حالتن ۾ جتي رياست اندروني ۽ بيروني پريشرن ۾ ڦاٿي پئي آهي، اتي ڳالهين سان مسئلا حل ڪيا وڃن، پر پي ٽي آءِ هي نظر ۾ ڳالهيون معني عمران خان جي آزادي ۽ رياست جي نظر ۾ ڳالهيون معني  ڪجهه ڏي وٺ، يا مخالف بنچن تي رڳو چپ ڪري ويهڻ ته جيئن هي سرڪار پنهنجو وقت ٽپائي وڃي، جيڪا ڳالهه پي ٽي آءِ جي ڳالهين جو حصو قطعن ناهي نه ئي اهي چاهن ٿا، ساڳي جاءِ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي ٻن کان 10 سالن جون قيد جون سزائون (جيڪي ايندڙ ڪنهن به سرڪار ۾ معاف ٿي سگهن ٿيون) ۽ خاص عمران خان جي ڀاڻج کي سزا به پي ٽي آءِ جي لاءِ پريشانيءَ جو باعث آهي. ان ڪري پي ٽي آءِ کي ضد واري سياست کان مٿي اچڻ گهرجي، ۽ اها ڳالهه به سمجهن ته ٻن عورتن عليمه خان ۽ بشري بيبي) سان جڏهن گهر نه ٿو هلي ته سياست ڪيئن هلندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.