اسلام آباد (سهيل وڙائچ) آصف علي زرداري ن ليگ جي هر مرحلي ۾ مدد ڪئي آهي، 26هين ترميم هجي يا حڪومت مخالف معاملا هجن، هو حڪومت سان گڏ بيٺل رهيو پر جواب ۾ وفاقي حڪومت جو رويو ٿڌو ۽ پنجاب حڪومت جو پيپلزپارٽي سان رويو ويڳاڻو آهي. صدر جو عهدو جيتوڻيڪ نمائشي آهي ۽ رياست ۾ اختيار وزيراعظم يعنيٰ چيف ايگزيڪٽو وٽ آهي ۽ صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس جو آئيني طور تي پابند آهي پر صدر جي عهدي کي عزت ڏيڻ لاءِ کيس رياستي پروٽوڪول ۾ پهرئين نمبر جو درجو ڏنو ويندو آهي وزيراعظم آئيني طور پابند آهي ته صدر کي ڪابينا، قانونسازي ۽ انتظامي احوال ڏئي، وفاق جي معاملن کان صدر کي آگاهه رکي پر اها آئيني ذميواري پوري نه پئي ڪئي وڃي. اتحادي جي طور تي به ساڻس مستقبل جي حڪمت عملي تي صلاح نٿي ڪئي وڃي. عمران خان جي حوالي سان پاليسي تي صدر سان ڪا صلاح نٿي ڪئي وڃي، صدر جڏهن پنجاب ويو ته مريم نواز سندس آجيان نه ڪئي ۽ نه ئي ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ وئي. پروٽوڪول ۽ روايتن موجب کيس ائين ڪرڻ گهربو هو. پنجاب ۾ پيپلزپارٽي سان لکيل معاهدي تي هن وقت تائين عمل ناهي ڪيو ويو. واعدن تي عمل ڪرڻ جي ڪا صورت پري پري تائين نظر نٿي اچي. ان مان چئي سگهجي ٿو ته صدر زرداري جا هٿ ٻڌل آهن. مفاهمت جو بادشاهه چورائيندڙ آصف علي زرداري اڄ بيوس آهي. نون ليگ اهو فيصلو ڪري چڪي آهي ته مستقبل ۾ پيپلزپارٽي سان ناهي هلڻو،پيپلزپارٽي جي اڳتي وڌي سهڪار ڪرڻ تي ن ليگي حڪومت ٿورا مڃڻ وارا جذبا به ناهن ڏيکاريا. نواز شريف صدر آصف علي زرداري سان نه ملي پيو، نه ئي رابطي ۾ آهي ۽ نه ئي ساڻس صلاح ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪري ٿو. مريم نواز به پيءُ جهڙي آهي. اسلام آباد ۾ ڪجهه مهينا اڳ اجلاس ۾ آصف زرداري مريم نواز کي هلڪي انداز ۾ شڪايتون به پهچايون پر پيپلزپارٽي کي جواب ۾ ڪي هاڪاري اشارا نه مليا. جيتوڻيڪ وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت”طاقتورن جي مدد سان معاشي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻي رهي آهي پر سياسي طور تي هي حڪومت ڪاغذي ٻيڙي تي سوار آهي. نه ڪو سياسي بيانيو، نه ڪا عوامي حمايت ۽ نه ئي عوام سان مشاورت ۽ رابطن جو ڪو ذريعو آهي،اسٽيبلشمينٽ ۽ شهباز شريف حڪومت جو اتحاد ان ئي وقت تائين مضبوط رهندو جيستائين تحريڪ انصاف جو خطرو ”طاقتورن“ جي چوڌاري لامارا ڏيندو رهي. جيئن ئي خطرو ٽري ويو ۽ مفاهمت جي ڪا صورت ٿي ته اسٽيبلشمينٽ لاءِ نوان رستا کلي ويندا. شهباز حڪومت سياست ذريعي وجود ۾ آئي پر سندس سياست ڏانهن ڌيان ناهي، هو پيپلزپارٽي جي ڀائيواري سان اقتدار ۾ آهي پر هو نه صدر زرداري ۽ نه ئي پيپلزپارٽي کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن شهباز حڪومت جو اهو ئي رويو رهيو ته جيڪا قومي حڪومت پنهنجي اقتدار جي چوٿين سال ۾ ٺهڻي آهي اها ٻئي يا ٽئين سال به ٺهي سگهي ٿي.