ڪئنالن خلاف سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ريلي

سکر (رپورٽر) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ  طرفان سنڌو درياهه مٿان 6 نون ڌاڙيل ڪينالن، ارسا ايڪٽ ترميم ۽ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن خلاف سکر ۾ زبردست ريلي ڪڍي وئي. ريلي سکر  شھر جي هاڪي گرائونڊ کان شروع ٿي گهنٽا گهر چوڪ پهتي، جتي جلسي عام ڪيو ويو. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ريلي ۾  واضع ڪر اعلان، ڪينال کپئي يا پاڪستان، سنڌ جي بڻجندي ريگستان، ڪيئن ھلندو پاڪستان جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ريلي جي اڳواڻي ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون،  پاڪستان ڪسان رابطا ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري جنرل ارشاد پيرزادو، مجيب نواز، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، سرواڻ جتوئي، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، شمشاد ٻپڙ، ماهه نور ملاح، ريحانا بلوچ، عظمت هاليپوٽو، ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي وارن ڪرسي عيوض سموري سنڌ لکي ڏئي ڇڏي آهي. صدارتي هائوس ۾ سنڌ جا وسيلا، زمينون، پاڻي ۽ مال ملڪيت وڪرو ڪرڻ جي منڊي لڳائي وئي آهي. ڀڳڙن مٺ عيوض سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري سنڌي ماڻھن کي دربدر ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا سنڌي عوام جو قتل آهن سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي. ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي،ريلي ۾ منظور ڪيل قراردادن ۾ چيو ويو ته پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌو درياهه تي ڏيڍ سئو سالن کان هنيل ڌاڙيلن جو سنڌ کي حساب ڏنو وڃي.گرين پاڪستان منصوبن تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي،ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ترميم فوري طور واپس ورتي وڃي.ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو ڪمپني کي ڏيڻ وارو فيصلو فوري واپس ورتو وڃي لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2024ع سنڌ جي ٻيٽن تي قبضن جو پروانو آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن جي سھولتڪاري ڪندڙ سردارن ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ملڪ کي انتهاپسند قوتن حوالي ڪرڻ بند ڪري پاڪستان جي آئين جا بنياد قائد اعظم محمد علي جناح جي سيڪيولر ۽ جمهوري قدرن تي رکيا وڃن،عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري ان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڪارونجھر، گورک، کير ٿر سميت سنڌ جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي ورثن کي بچائڻ لاء خاص اپاءُ وٺي قبضا ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.