ڪرم ۾ انساني الميو جنم وٺڻ لڳو، ماڻهو لوڻ لاءِ به پريشان، 50 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت

ڪرم ( م ڊ ) ڪرم ۾ انساني الميو جنم وٺڻ لڳو، ماڻهو لوڻ لاءِ به پريشان، 50 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڪرم ضلعي کي ٻين ضلعن سان ڳنڍيندڙ واحد مکيه شاهراهه ٻن اڍائي مهينن کان بند پيل آهي، جنهن  سبب انساني الميو جنم ورتو آهي.12 آڪٽوبر کان اڄ تائين پاراچنار کي گنڍيندڙشاهراهه هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي،جنهن سبب پاراچنار جو ٻين ضلعن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن سبب اپر ڪرم کي اڍائي مهينن کان ڪنهن به قسم جي سپلائي نه ٿي سگهي آهي. اپر ڪرم جي 4 لک جي آبادي علائقي ۾ ڦاٿل آهي،  پر لوئر ۽ وچ ڪرم لاءِ رستا کليل آهن جن لاءِ روزانو هر قسم جو سامان پهچايو وڃي ٿو.پاراچنار ۾ روڊن جي ڊگهي بندش سبب انساني الميو پيدا ٿي ويو آهي، کاڌي پيتي جي شين، دوائن، ٻارڻ، ڪاٺ جو ذخيرو ختم ٿي ويو آهي. شهري هڪ شيءِ جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن پر لوڻ به وٺي نه ٿا سگهن. شهري گذريل ڏيڍ مهيني کان ڪنهن به قسم جو تازو ميوو ۽ ڀاڄيون نه کائي رهيا آهن، هن وقت آلو 400 رپيا في ڪلو، ٽماٽو 300 رپيا ۽ بصر 350 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.بئنڪن ۾ رقم نه هجڻ سبب ڪيتريون ئي بئنڪون ۽ اي ٽي ايم مشينون مڪمل طور بند پيل آهن. بينڪ ملازمن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ جنريٽر هلائڻ لاءِ تيل ناهي، ماڻهن کي ڪيش ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، شهري مايوس ٿي بينڪ مان هليا ويندا آهن.هوڏانهن ڪرم ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب خيبر پختونخوا حڪومت علائقي ۾ آمد و رفت لاءِ صوبائي حڪومت جي هيلي ڪاپٽر ذريعي هوائي سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير جي خاص هدايت تي ڪرم لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪئي وئي آهي.گذريل ڏينهن صوبائي حڪومت جي ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر پشاور کان ڪرم تائين 2 اڏامون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.