اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي مختلف شهرن تي حوثين جي حملن جي مذمت ڪندي سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو عزم ورجايو آهي.
يمن جي حوثي جماعت انصارالله سعودي شهرن ابها، خميس مشيط، نجران ۽ جازان ۾ حملا ڪيا، جن دوران شهري ۽ اقتصادي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 73 ڄڻا زخمي ٿيا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهڙا حملا نه رڳو بيگناهه انساني جانين لاءِ خطرو آهن، پر علائقائي امن ۽ سلامتي کي پڻ متاثر ڪن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو عزم ورجائي ٿو، جڏهن ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ڀاءُ سعودي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪري ٿو.
وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان هر ڏکئي وقت ۾ گڏ بيٺل آهي.
سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي مذمت، پاڪستان هر ڏکي گهڙي ۾ سعودي سان گڏ آهي: شهباز شريف
You might also like