پاڪ فوج خارجين ۽ سندن سهولت ڪارن کي شڪست ڏيندي: آرمي چيف

پشاور (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج خارجين ۽ سندن سهولت ڪارن کي شڪست ڏيندي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خيبرپختونخوا جي ضلعي ڏکڻ  وزيرستان جي علائي وانا جو دورو ڪيو، دوري جي موقعي تي آرمي چيف کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جوانن ۽ آفيسرن جي عزم ۽ جذبي جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته شهيد پاڪستان جو فخر آهن، شهيدن کي نه وسارينداسين نه سندن رت ضايع ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج ٻين سڪيورٽي ايجنسين جي سهڪار سان دهشتگردي جو خاتمو ڪندي، ملڪ ۾ جٽادار امن جو قيام يقيني بڻائينداسين. آرمي چيف چيو ته خارجي فتني ۽ سندن سهولت ڪارن کي شڪست ڏينداسين. رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن ۽ سندن سهولت ڪارن جو خاتمو ڪيو ويندو. ان کان اڳ وانا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جي آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.