اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله ۽ سينيٽر عرفان صديقي شامل آهن جڏهن ته پيپلزپارٽي مان راجا پرويز اشرف، نويد قمر به ڪميٽي جو حصو آهن. حڪومت جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جو چيئرمين خالد مقبول صديقي، استحڪام پارٽي مان عليم خان، مسلم ليگ ق مان چوڌري سالڪ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي مان سردار خالد مگسي شامل آهن. پي ٽي آءِ طرفان ڳالهين واري ڪميٽي ۾ عمر ايوب، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، علي امين گنڊاپور ۽ صاحبزاده حامد رضا شامل آهن. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفاد کي مقدم رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون. هن ڳالهين بابت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وزيراعظم طرفان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ حڪومتي ڪميٽي جي قيام جي آجيان ڪندي ڌرين کي اڄ ساڍي يارهين وڳي ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي اسپيڪر چيو ته مسئلن کي ڳالهين سان حل ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جو قدم سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته نيت نيتي سان حڪومت ۽ اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني، اسپيڪر آفيس جا در ميمبرن لاءِ سدائين کليل آهن، ڳالهين ۽ مڪالمي سان ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. هن چيو ته هو پارليامينٽ هائوس ۾ ٻنهي ڪميٽين جي ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪندو. پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي ملاقات واري دعوت قبول ڪري ورتي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته ملاقات بابت اڳڀرائي کان عمران خان کي آگاهه ڪنداسين. سول نافرماني تحريڪ ملتوي يا ردڪرڻ بابت فيصلو به عمران خان ڪندو، اميد آهي ته اڄ حڪومتي ڪميٽي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي آجيان ڪندي حڪومت طرفان ڪميٽي ٺاهڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون جامع ۽ نتيجو ڏيندڙ هجڻ گهرجن. اميد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ سڀني مسئلن جو نتيجو ڏيندڙ حل نڪري ايندو. ٻنهي ڪميٽين ۾ سنجيده ماڻهو آهن، ڳالهيون اڳتي ضرور وڌنديون، پراميد آهيون ته هاڻي ڳالهين جو عمل شروع ٿي رهيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ڏسڻو پوندو ته ڳالهين تي حڪومت جي سنجيدگي ڪيتري آهي. مطالبا حڪومت سامهون رکيا آهن، ڪا گهر ڪئي وئي ته ان تي سوچينداسين، ڏسڻو پوندو ڪميٽي بااختيار آهي يا نه. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اياز صادق جي ميزباني ۾ پهرئين اجلاس ۾ ڳالهين واريون ڪميٽيون ٽي او آرز طئي ڪنديون. پي ٽي آءِ ٻن مطالبن جي ڳالهه ڪئي آهي. پهرئين اجلاس ۾ ايندڙ ڳالهين جو هنڌ ۽ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.