حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن دانشورن، سياسي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ليکڪن چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهو راڳ ڳائيندي رهي آهي ته اسان سڀ ڪجهه درست ڪري وڃون ٿا پر هي سياستدان اچي اسان جي سڄي محنت برباد ڪريو ڇڏين، هتي ووٽ ڏيڻ به نصيب نٿو ٿئي، اسان وٽ ھميشه جمهوري عمل کي روڪيو ويو آهي، جمهوري ادارا ڪمزور آهن، اڄڪلهه جا سياستدان پاڻ اسٽيبلشمينٽ کي دعوتون پيا ڏين. ڪالهه ٽن ڏينهن وارو ڏهون اياز ميلو علمي، ادبي ۽ سياسي بحثن، شاعري، راڳ، رقص ۽ ساز جي سرن ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي منعقد ڪيل اياز ميلي ۾ سنڌ جي مزاحمتي، انقلابي ۽ رومانوي شاعر شيخ اياز کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اياز ميلي ۾ "اياز جي رواداري ۽ سنڌ” جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن جي ماڊريٽر امر سنڌو هئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ڳالهائيندي چيو ته صبر، عمل، سوچ، عمل ۽ رويا برداشت ڪرڻ ۽ انهن کي جڳهه ڏيڻ رواداري آهي، ماڻهو صبر جون اهي ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ به ٻين لاءِ عذاب بڻجي پسند ناپسند تي ماڻهو مارڻ تي لهي اچن ٿا، اهي اصل ۾ سمورن مذهبن جي خلاف آهن. هن چيو ته زمين، مٽي ۽ وطن ئي سڀ ڪجهه آهي. شيخ اياز سنڌ جي عالمي طور تي سڃاڻپ، ايندڙ سوين نسلن لاءِ ھڪ سوغات، تحفو، ھڪ دور ۽ ڪيئي دورن جي علامت ۽ علمبردار آھي، نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون پنھنجي ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌي شاعري، سنڌي ڪتاب، سنڌي ميوزڪ سان رشتو جوڙين. هن چيو ته پي ايم سي، پي سي ايس ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ڏنا، انھن سان ڇا ٿيو، پنھنجن ٻارن جي پڙھائي دوران جيڪي مائٽ چوندا ھئا ته ڇڏيو سياست کي، ڇڏيو ادب کي، ڇڏيو ٻولي کي، رڳو پڙھائي کي لڳو، انھن جي محنتن کي حڪمرانن جي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ھڪ ھٺي لتاڙي ڇڏيو، انھن نوجوانن سان استحصال خلاف وري به سياست، ٻولي، نظريو، ڪتاب ۽ جدوجھدون آھن، جيڪي رستا ڪڍن ٿيون ۽ حق ڏيارين ٿيون. هن چيو ته سنڌ جا نوجوان اڪيڊمڪ پڙھائي سان گڏ ادب، تاريخ، شاعري ۽ سائنس پڙھن، ان سان اسين دنيا ۾ مٿانھين زندگي گذارينداسين. سرائيڪي ادب جي ليکڪ راڻا محبوب چيو ته شيخ اياز سڄي انسانيت جو شاعر آهي، هو آفاقيت سان جڙيل شاعر آهي، لطيف ۽ اياز امن جا شاعر آهن، هنن وٽ امن ۽ رواداري جو پيغام هو، پشاور يونيورسٽي مان آيل ڊاڪٽر سرفراز خان چيو ته آزادي، امن، محبت جي شمع کي کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته پرامن طريقي سان برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ڪرڻ گهرجي، اسان جنهن رياست ۾ ويٺا آهيون، ان ۾ مغلن کي هيرو قرار ڏنو ويو آهي، ڳالھ ڪرڻ به رواداري آهي، اسان معاف ڪنداسين پر وساري نٿو سگهجي. نامياري آرٽسٽ شيما ڪرماني چيو ته شيخ اياز جهڙو ڌرتي سان لڳاءُ هو، اهڙو ئي رواداري جي سوچ سان هو، شيخ اياز جي شاعري ڌرتي جي سوچ ۽ خيالن سان جڙيل آهي، اياز ميلي جي پڄاڻي تي "جمهوريت جو بحران، سياسي ۽ شهري حقن جي صورتحال” جي موضوع تي ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر جنيد انصاري هو. ان موقعي تي نامياري صحافي وسعت الله خان ڳالهائيندي چيو ته هتي ووٽ ڏيڻ به نصيب نٿو ٿئي، ان وچ ۾ فارم 47 يا 45 اچي ويندو آهي، ملڪ کي هوٽل جيان هلايو پيو وڃي، ڪڏهن ڪنهن کي آندو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري ٻئي ڪنهن کي آندو وڃي ٿو. هن چيو ته ووٽ ڏيڻ باوجود جمهوريت قائم ناهي ٿي، اسان جي رياست ۾ رولنگ ڪلاس کان وٺي عام مرد جي سوچ جي هڪ آهي، اسان جا رويا به جمهوري ناهن. هن چيو ته ڪنهن به سماج ۾ جيستائين نوجوان طبقو اڳتي ناهي ايندو، تيستائين تبديلي ناهي ايندي، ملڪ جي آبادي جو 60 سيڪڙو حصو نوجوانن جو آهي، انهن کي شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڳ ۾ رياست پاڻ کي بچائڻ لاءِ ريتي جا ٻورا رکندي هئي، هاڻ فائر وال کي استعمال ڪري ٿي. صحافي جاويد سومرو چيو ته اسان وٽ جمهوريت ووٽ ڏيڻ کي سمجهيو وڃي ٿو، اليڪشن جي ڏينهن ووٽنگ وارو عمل جمهوريت جو حصو ضرور آهي پر اهو جمهوريت ناهي، جمهوريت اقتصادي، سياسي، سماجي معاملن سان گڏ ٻين مخلتف پهلوئن کي اهميت ڏيڻ جو نالو آهي، جمهوريت هڪ تسلسل آهي، اسان وٽ ھميشه جمهوري عمل کي روڪيو ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ کي ائين لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه اسان ئي ڪري سگهون ٿا، ٻيو ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي، انهن جي سوچ ۽ عمل کي تبديل ٿيڻ تائين حقيقي جمهوريت قائم نٿي ٿي سگهي. ليکڪ جاويد قاضي چيو ته جمهوريت جو تعلق انساني حقن سان آهي، جمهوريت دنيا جو هڪ ميڊيم آهي، جمهوريت هر ڪنهن کي پنهنجو موقف رکڻ جو نالو آهي، جمهوريت ۽ انساني حقن جي لتاڙ جي لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪيو ويو، سٺي حڪمراني موجود ناهي. اڪرم قائمخاني چيو ته اسان سمجهون ٿا ته حقيقي جمهوريت جي نه اچڻ ۽ شهرين کي حق نه ملڻ جو سبب رياست آهي، پر صرف ائين ناهي، ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سياستدانن رياست جي سامهون اها ڳالهه رکي ته اچو ۽ اسان کي هلايو، رياست کي ملڪ جي سياستدانن دعوت ڏئي گهرايو، سڄي صورتحال جا ذميوار سياستدان آهن. هن چيو ته مٿي جمهوريت ئي ناهي ته شهرين کي حق ڪيئن ملي سگهن ٿا؟. هن چيو ته اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته اسان ڪافي قربانيون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻ صحيح رستي تي اچڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ محمد تحسين چيو ته پاور ڊائنامڪ کي ختم ڪرڻ گھرجي، دنيا کي صدين جي اسٽڊيز کانپوءِ جمهوريت حاصل ٿي آهي، اهڙو ادارو ٺاهيون، جنهن تي اسان کي اعتماد هجي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جمهوريت ان ئي حال ۾ رهندي، ائين ئي حڪومتون هلنديون رهنديون.