اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي سيز فائر جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، آپريشن ۾ 45 کان 50 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز خارجين جي خيبرپختونخوا جي ضلعي مهمند مان داخل ٿيڻ ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مهمند ۾ پاڪ فوج ڪامياب ڪارروائي ڪندي 45 کان 50 فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪيترائي خارجي زخمي پڻ ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن ۾ خارجين جي وڏي گروهه کي نشانو بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران پاسن کان فائرنگ جو سلسلو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 34 دهشتگرد مارجي ويا هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 13 کان 15 آڪٽوبر تائين خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪيون، جن دوران مختلف چڪرين ۾ 34 دهشتگرد ماريا ويا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغانستان ۾ طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ٿاڪن تي پاڪستان جي ٽارگيٽڊ ڪارروائين ۾ کانپوءِ افغان طالبان جي درخواست تي شام 6 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو ويو هو.
فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا
You might also like