اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سکر-حيدرآباد موٽر وي جي مڪمل ڪرڻ لاءِ 2028 تائين ڊيڊ لائين مقرر ڪئي وئي آهي.
نيشنل هاءِ وي اٿارتي(اين ايچ اي) اختيارين قومي اسيمبلي جي اقتصادي معاملن واري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي لاءِ جنرل پروڪيورمينٽ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، اوپيڪ ۽ سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ سان گڏيل فنانسنگ بابت ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته ٺيڪا ملڻ کان پوءِ تعميراتي سرگرميون شروع ڪيون وينديون.
ڪميٽي جي ميمبرن اسلامي ترقياتي بئنڪ کان موٽر وي لاءِ ورتل قرض بابت خدشا ظاهر ڪيا.
ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته قرض تي وياج 6 سيڪڙو کان مٿي وڃي رهيو آهي، جنهن تي اختيارين وضاحت ڪندي چيو ته قرض اسلامي ترقياتي بئنڪ جي شرطن تحت ورتو ويو آهي، قرض جي واپسي جو مدو 20 سال آهي، جڏهن ته 5 سالن جو رعايتي عرصو پڻ رکيو ويو آهي.
You might also like