سون اگهه کي بريڪ نه لڳي، وڌيڪ سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سون جي قيمتن ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي، في تولي اگهه ۾ اڄ به سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافا جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 1900 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 42 هزار 800 رپين جو ٿي ويو.
ايسوسيئيشن جون چوڻ آهي ته 10 گرام سون 1629 رپيا اضافي سان 3 لک 79 هزار 629 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
جيولرز ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 19ڊالر واڌ بعد 4217 ڊالرز جو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.