ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: خالد وسير ) ميرپورماٿيلو وچ شهر ۾ قلندري هوٽل ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري بلوچستان واسي فوجي جوان محمد عيسي مغيري کي گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا شهرين زخمي نوجوان کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو جتي نوجوان فوت ٿي ويو فوتي نوجوان محمد عيسي مغيري اصل بلوچستان جي صحبت پور ضلعي جو رھواسي هو سڱاوتي تڪرار سبب نوجوان لڏي ميرپورماٿيلو ۾ دين شاھ محلي م گھر ڀاتين سان رهندو ۽ ايبٽ آباد ۾ ڊيوٽي ڪندو هو اڄ وچ شهر ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.