اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو هجڻ جي شڪ ۾ فواد چوڌري کان وٿي!

اسلام آباد (عمر چيما) عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو وڃڻو هو پر اهو ملتوي ڪيو ويو. ٻڌڻي اڊيالا جيل بدران اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٿيندي پر فيصلي جي نئين تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ان فيصلي کي ملتوي ڪرڻ جا ڪارڻ ڳجهارت بڻيل آهن. ٻئي طرف، فواد چوڌري بابت پي ٽي آءِ ۾ صورتحال غيرواضح آهي. پارٽي هن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو قرار ڏنو آهي. فواد چوڌري عمران خان کي فوج خلاف نه ڳالهائڻ جي صلاح ڏني هئي، جڏهن ته عمران خان پارٽي اڳواڻن جي اهڙين ڳالهين کي پسند نه ڪندو آهي. 9 مئي کانپوءِ فواد چوڌري پارٽي کان وٿي اختيار ڪئي هئي ۽ هاڻي پارٽي به ساڻس وٿي برقرار رکڻ چاهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 23 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.