سياست ۾ مداخلت ختم نھ ٿيڻ تائين اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي

پاڪستان ۾ ڪڏھن ڪڏھن عدليھ جي ڏنل راءِ يا رماڪس ڏانھن عوام جو ڌيان ڇڪجي ٿو وڃي،جنھن سان گڏ اھو سوال بھ ماڻھن جي ذھن ۾ ڪَر موڙي اٿندو آھي تھ جيڪو ڪجھه غلط آھي ان کي اھو ادارو (عدليھ) درست ڇو نھ ٿو ڪري، ان سان گڏ ان کي وڌيڪ سمجھڻ جي لاءِ بھ عوام جي ذھن ۾ جاءِ پئدا ٿيندي آھي.جيڪو لازمي آمر آھي.

هاڻي ھڪ ڀيرو وري جڏھن سپريم ڪورٽ ۾ ھڪ قتل ڪيس جي جوابدر اسحاق جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران دلچسپ ڳالهه ٻول شروع ٿي تھ تڏھن بھ اھڙا ئي سوال اڀريا آھن. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته 2017ع کان ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ رياست حڪومت ڪِيرائڻ ۽ آڻڻ ۾ رڌل آهي، سمورا ادارا سياسي مخالفن جي پويان پئجي ويا آهن، آئين تي عمل ٿئي ها ته اهڙيون حالتون نه هجن ها. جسٽس جمال مندو خيل جو چوڻ هو ته رياست جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ٽي وزيرِاعظم مارايا ويا، ٽنهي وزيراعظمن جي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟ هن چيوته بلوچستان ۾ هڪ سينيئر ترين جج به ماريو ويو، ڪا خبر ناهي، اصل ڳالهه ڪجهه ڪرڻ جي خواهش نه هجڻ آهي، ٻين ٻن صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس جي جاچ جو طريقيڪار انتهائي ناقص آهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين رياستي ادارا سياسي انجينيئرنگ ۾ رڌل رهندا تيستائين اهڙي صورتحال رهندي، ماڻهن کي ادارن تي يقين ناهي رهيو، ماڻهو چاهين ٿا ته سڀ ڪم سپريم ڪورٽ ڪري . جسٽس اطهر من الله چيو ته هي ادارو به ايترو ئي سچ ڳالهائي ٿو جيترو اسان جو معاشرو ڳالهائيندو آهي، 40 ورهين بعد چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو، وزيراعظم جي قتل کان وڏو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ گهرجي ها. جسٽس ملڪ شهزاد جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم جو اهڙو حال هجي ته عام ماڻهو جو ڪهڙو حال هوندو؟ وزيراعظم هڪ ڏينهن وزيراعظم هائوس ته ٻئي ڏينهن جيل ۾ هوندو آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ڪير ڪيترا ڏينهن وزيراعظم هوندو.ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ پوليس کي جوابدار اسحاق کي گرفتار ڪري جيل اختيارين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته جوابدار اسحاق ان کان اڳ ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.

ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ حاصل ٿئي اڄ 76 سال ٿي ويا آهن.اهو عرصوملڪ جي اڳتي وڌڻ يا ترقي جي لاءِ ڪنهن به ريت ٿورو نه آهي.خوش قسمتي سان پاڪستان ۾ وٽ هڪ ئي وقت قدرت جون اهي سڀئي نعمتون آهن،جيڪي شايد گهڻن ئي ملڪن کي ميسر نه هجن.جنهن ۾سمنڊ جا ڪنارا، اوچا پهاڙ،ميداني علائقا، ٻيلا، پکڙيل ريگستان ۽ ٻيا اهڙا معدني وسيلا جن کي جيڪڏهن مناسب طريقي سان ڪتب آڻجي تي انهن مان وڏو لاڀ حاصل ٿي سگهجي ٿو.

آزاد هئڻ يا آزادي جو مطلب معاشي طور تي پاڻڀرو هئڻ آهي. جيستائين ڪو ملڪ معاشي طور پاڻڀرو نه هوندو ته هو پنهنجن اختيارن ۾ آزاد نه هوندو،جنهن جو تازو مثال عالمي مالياتي اداري جي ڪڙن شرطن مان به وٺي سگهجي ٿو.جنهن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جو اهڙو طوفان آيل آهي جو عام ماڻهون لاءِ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل ٿي ويو آهي.

ڀرپاسي جي ملڪن جو جائزو وٺبو ته اهو اندازو ٿيندو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ جيڪي ملڪ معاشي طور تي اڳتي ترقي ڪري رهيا آهن، اهي ڪٿي وڃي رسيا آھن.

ورهاڱي جي فورن بعد جيڪي مسئلا هن ملڪ کي پيش آيا انهن ۾هڪ وڏو ۽ اهم مسئلو ملڪ ۾ نظام حڪومت جو هو.يعني ته ملڪ ۾ حڪمراني وارو سرشتو يا طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي. بدقسمتي سان اهو مسئلو تاحال منجهيل آهي. جنهن ڪري ملڪ کي هر سول توڙي غيرسول طاقتور حڪمران هڪ تجربيگاه ئي ڄاتو آهي.جنهن ويٺي تجربا ڪيا آهن.ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ رسمي طور هڪ آئين به آهي جنهن کي جڏهن به طاقتور حڪمران چاهي ٿو ان ۾ ڦيرڦار ڪري پنهنجي مزاج وٽان نظام لاڳو ڪري ٿو ڇڏي.جنهن ڪري هن وقت ته اهڙي صورتحال بڻجي وئي آهي جو اهو فيصلو ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾جاري حڪومتي سرشتو پارلياماني آهي يا وري صدارتي آهي. جن ٻين ڳالهين هن ملڪ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي انھن ۾ملڪ ۾  غير جمهوري قوتن جي مداخلت پڻ هڪ وڌيڪ سنگين مسئلو رهيو آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻوٽي جي ڪنهن به طرح سان اوسر نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري عام ماڻهون پنهنجي حقن جي شعور ۽ آئيني ،جمهوري تعليم کان قاصر رهيا آهن.غيرجمهوري قوتن جي ملڪ جي اقتدار تي قبضي واري روايت کي جاري رکندي ايڪهين صديءَ جي ابتدا وقت به ملڪ ۾ سخت گير مارشل لا هئي.انهن مارشل لائن ۾ سموري سماج ۾ منفي خيال ۽ تصور جا ٻج پوکيا ويا،عوام جي وڏي اڪثريت کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪمرانن محلاتي سازشن جو سهارو ورتو.

سماج ۾ انتها پسندي کي هٿي ڏني وئي، جاگيردارن،وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جي لاءِ سياست جي ميدان ۾ خصوصي طور تي جاءِ پيدا ڪري اڳيان آندو ويو.سياست ۽ جمهوري نظام خلاف لڳاتار مهم هلائي ڪري ان کي غلط قرار ڏيڻ جو تاثر پيدا ڪيو ويو.نه رڳو ايترو پر ان پلان ۽ پروجيڪٽ تي لڳاتار عمل ڪيو ويو.

ملڪ جي ترقي نه ڪرڻ جو هڪ اهم پاسو هي پڻ آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي اهڙن عالمي مفادن ۾ خودمختار ٿي ڪري ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو جنهن ڪري ٻين جي جنگ ۾ ڪاهي پوڻ سان خود پنهنجي ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو.نوڪر شاهي جي هڪ اهڙي فوجي تيار ڪئي وئي جنهن وٽ اهو تصور جڙيو ته اهي احتساب جي عمل کان آجا آهن.انهن سمورن خيالن ۽ فڪرن گڏجي ڪري ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو.

ملڪ جي اڪابرن  ۽ سياسي ڌرين کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي ڪهڙي نظام موجب هلايو وڃي.آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي ڪئين قائم ڪيو وڃي.ڪئين هر قوم کي جئين جو حق ڏنو وڃي. بنا رنڊڪ جي سياسي عمل کي جاري رهڻ ڏنو وڃي.جمهوريت جي تسلسل کي جاري رکيو وڃي.انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اڳتي ترقي ڪرڻ ممڪن نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.