ھدايت منگيءَ پنھنجي سڄي ڄمار علم ادب ۽ صحافت کي ارپي ڇڏي هئي. ھدايت منگي مان ھر ڪنھن سکيو ۽ پرايو. ان مان مون جھڙي مسڪين صحافي ۽ اديب پڻ انيڪ ڳڻ حاصل ڪيا ۽ اڄ تائين سندس ساراهه زبان تي اٿم.
سنڌي ادب ۽ صحافت جي سرموڙ ڏات ڌڻي هدايت منگي غلام رسول منگيءَ جي گهر موھن جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 18 آڪٽوبر 1946ع تي جنم ورتو. هدايت منگيءَ کي ننڍپڻ کان شعور جي لاٽ پنھنجي گهر مان ئي وراثت ۾ ملي. شروعاتي تعليم پنھنجي والد وٽ ئي حاصل ڪيائين، ھن پنھنجي سفر کي اڳتي وڌائيندي 1963ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر پاس ڪئي. 1968ع تي شاهه لطيف اورينٽل ڪاليج قمبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين، مئٽرڪ خانگي طور 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح هدايت منگي مسلسل محنت ۽ جدوجھد ڪري نيٺ اچي 1964ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.
جيئن هدايت منگي پنھنجي سوچ جو پاسو ورائي جون 1974ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ سب ايڊيٽر ڪم ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. اُن وقت ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر هو. هدايت منگي ترقي ڪندو سينيئر سب ايڊيٽر ٿيو پر پوءِ کيس اخباري پورھيتن لاءِ حق جو آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ سکر ۽ حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيورو چيف ڪري رکيو ويو. اخباري دنيا جي سفر ۾ هدايت منگي روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هُن وڌو. ان کان علاوه دنيا جي قديم ورثي موھن جي دڙي بابت ڪيترائي ڪارائتا مضمون انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکيا. ھو سٺو مقرر پڻ ھو. پنھنجي تقريرن ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪندو ھو اھي نج سنڌي ھوندا ھيا. ھو سنڌي ٻوليءَ جو سٺو پارکو پڻ ھو. گفتگو ۾ صاف ۽ واضح طور لفظ ڳالھائيندو ھو ۽ سامھون واري جي سمجھه مطابق ڳالھه رکندو ھو، سندس موقف سدائين ترقي وسند وطن دوست ۽ عالمي انسانيت جي حق ۾ ھوندو ھو ـ ھو شاھ لطيف جو بھتر پارکو ھو ـ سندس وفات بعد پٽ عزيز منگيءَ شاھ لطيف جي فن فڪر تي ڪتاب شايع ڪرايا. ان کان سواءِ ھدايت منگيءَ جون شارٽ اسٽوريز ۽ شاعري جو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آيل آھي. جيڏو ڀلو ھو صحافي ھو ان کان وڌيڪ ترقي پسند ۽ اديب پڻ ھو. سندس وٽ دنيا جھان جي ڄاڻ چا خزانا ھيا ـ سوڀو گيان چنداڻي انور پيرزادي، بدر ابڙي سميت ڪيترن ئي قدآوار ادبي شخصيتن جي پاڇي ۾ رھندڙ ھدايت منگي جيڪو علم پرايو ان مان ڪافي ڪجھه پنھنجي ايندڙ نسل آڏو لکت ۾ ڏنو آھي ـ ھن انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي سان گڏ ڪيترن ئي سنڌ جي تاريخي ماڳن جا سفر ڪري ان مٿان ڪيتريون ئي نيون کوجنا واريون ڳالھيون سامھون آنديون خاص ڪري مھن جي دڙي بابت.
هدايت منگيءَ جون ڪچھريون ڏاڍيون مزيدار ۽ معلوماتي هونديون هيون، سندس لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻُڌائڻ جو انداز ايترو ته اثرائتو هو جو بخيل ۾ بخيل ماڻهو به کِلَ نه روڪي سگهندو هو. لسنِـنگ (ريڊيو ٻُڌڻ) جي دور ۾ مون هدايت منگيءَ کي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ”اوهان جو خط پھتو“ ۾ خط لکيو. خط ۾ شروعاتي جملا ئي اُهي لکيم ته: ”ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو لڳي ٿو ته مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي.“ هدايت منگي جواب ڏيڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪئي. ”ها! ادا فقير محمد! مون کي به لڳي ٿو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو واقعي ئي مڇي مارڪيٽ ٿي ويو آهي.“ هڪ ڏينھن ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سيڪيورٽي روم ويٺو هئس، هدايت منگي اچي پھتو، ڪچھري ٿي ڪنھن ڳالهه تي ”ڪبير داس“ جو قول سھڻي نموني سمجهاڻي طور پيش ڪيائين. ”جيڪڏهن توهان جون ٻئي اکيون سلامت آهن، تڏهن هڪ اک واري تي اعتراض نه ڪريو، شايد هو توهان کان وڌيڪ نظر رکندو هجي.“
هدايت منگي زندگيءَ کي حقيقت جو روپ ڏنو، پرجوش ٿي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، تڏهن ته 1991ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بھترين فيچر رائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۽ 1993ع ۾ ”عوامي آواز“ اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيورو چيف طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنائين. يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبارDaily Sindh Tribune ۾ پڻ ساڳي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
هدايت منگي ريڊيو پاڪستان جي سٿ سان گهڻو وقت سلهاڙيل رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. هدايت منگي پنھنجي سوچ کي پاڻيءَ جي ڦڙن وانگر صاف ۽ شفاف رکيو، تڏهن سنڌي ادب لاءِ شاندار ڪھاڻيون، شاعري، ترجما، تنقيدي مضمون ۽ تبصرا ادب جي حضور ۾ پيش ڪيا. هدايت منگي شاهه سائين جي شاعريءَ جو پارکو، پنھنجي ثقافتي ۽ آثار قديمن سان دل ۽ جان سان عشق ڪيو. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي محبت هن جي نس نس ۾ موجود هئي. 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو قيام عمل ۾ آيو ته هدايت منگي اُتي به پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ڪافي مقبول پروگرام ڪيائين، جنھن جي ڪري هدايت منگيءَ کي بھترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. هدايت منگيءَ جو آواز ڳرو ۽ اُچار تُـزُ هوندا هئا.
پنھنجي سڄي زندگي جدوجھد ۾ گذاريائين. 22 ڊسمبر 1999ع تي هدايت منگي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو، هدايت منگي جي آخري آرامگاهه موھن جي دڙي جي اولهه ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پير حمل واري قبرستان ۾ آهي .